حيدر آباد

ريڊيو پاڪستان ريڊيو حيدرآباد جون چونڊون 30 سالن کان پوءِ ٿيون

حيدرآباد : آل پاڪستان يونائيٽيڊ اسٽاف آرگنائيزيشن ريڊيو پاڪستان جون چونڊون اڄ 30 سالن کانپوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ ٿي گذريون جنهن ۾ شهباز گروپ پينل ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ مخالف شاهين گروپ جي اميدوار ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي_ اڄ هتي ٿيل چونڊن ۾ شهباز گروپ جي صدر حاجي محمد کوکر، سينيئر نائب صدر محمد حسن عرف شانو، نائب صدر شوڪت علي ميمڻ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين جوڻيجو، مخالف شاهين گروپ جو جنرل سيڪريٽري عبدالغفار، جوائنٽ سيڪريٽري محمد سميع، خزانچي عبدالعزيز، سيڪريٽري پبلسٽي محمد شاهد ملڪ، ڊپٽي سيڪريٽري پبلسٽي غلام فاروق کوسو ڪاميابي ماڻي _ ان موقعي تي چونڊن ۾ ريڊيو پاڪستان حيِدرآباد ۽ ايڇ پي ٽي مٽياري جي پروڊيوسرن ، عملدارن ۽ ٻئي ميمبر عملي پنهنجي ووٽ وارو حق استعمال ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button