حيدر آباد
گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏنو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي: ضلعي ايڊمنسٽريٽر
22 مارچ ، 2013
گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏنو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي: ضلعي ايڊمنسٽريٽر
حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته 5 اپريل کان 19 اپريل 2011 تائين ٿيندڙ گهرشماري واري عملي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي چيو آهي ته اهي گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي _هو اڄ شام ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ 5 اپريل کان ٿيندڙ گهرشماري جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _آفتاب احمد کتري چيو ته گهر شماري جي ان اهم فرض کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ۽ سندس سربراهي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جنهن ۾ ڊي پي او، اسسٽنٽ سينس ڪمشنر، سينس ڊسٽرڪٽ آفيسرز(ڊي ڊي او روينيو)، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جا نمائندا ميمبر هوندا ۽ اها ڪميٽي گهر شماري واري عمل جي گڏيل طور تي نگراني ڪندي _ ان کان علاوه ضلعي جي هر تعلقي ۾ هڪ هڪ ويجيلينس ڪميٽي به جوڙي ويندي _ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته گهر شماري متعلق معلومات لاءِ ڊي سي او آفيس حيدرآباد ۾ هڪ مرڪزي انفارميشن سيل پڻ قائم ڪيو پيو وڃي _ هن، ان موقعي تي ڊي ڊي او روينيو جيڪو سينس ڊسٽرڪٽ آفيسر…
. ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل
4 اپریل ، 2011
. ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل
ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون ۽ اسلام آباد ڪراچي سميت ڪجهه اهم شهرن جا واسي پيئڻ جي پاڻي جي هڪ ٽينڪر لاءِ روزانو 750 روپيه خرچ ڪن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي خرچن ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن اها ڳالهه زرعي يونيورسٽي جي ايگريڪلچر ايڪانامڪس واري شعبي جي ميزبابي هيٺ بجيٽ ريسرچ سيل پاران ٿيل ورڪشاپ دوران افتتاحي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي هن چيو ته اڄ به اسپتالن ۾ گهڻي کان گهڻا مريض پيٽ، گيسٽرو ، کل، ڪاري ڪامڻ سميت ڪيترين بيمارين جي ڪري داخل آهن ۽ گندي پاڻي جي ڪري مليريا، ڊينگي وائرس ۽ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ٻين بيمارين جي ڪري اسپتال ڀيڙا ٿين ٿا، جنهن سبب ماڻهن کي نه صرف جاني نقصان ٿئي ٿو پر بيمارين تي روزانو هزارين روپيه خرچ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مستقبل ۾ پاڻي زندگي جي ضرورتن ۾ انمول شئي جيان هوندو ۽ ان جي ڪري بجيٽ تي روزانو دٻاءُ وڌندو. هن چيو ته اڄ به ٻهراڙي کي ڇڏي ڪري شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو في ماڻهو تي خرچ 50 روپين کان 200…
ھندو برادري ۽ بي اقليتي برادريون پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب ۽ ابوجهه ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهيمت بابت جاڳرتا پيدا ڪن: ھندو پنچائت
22 مارچ ، 2013
ھندو برادري ۽ بي اقليتي برادريون پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب ۽ ابوجهه ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهيمت بابت جاڳرتا پيدا ڪن: ھندو پنچائت
حيدرآباد: ينگ هندو پنچائت پاران اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ آدمشماري جي موضوع تي منعقد ڪيل ”آل سنڌ منارٽي ڪنوينشن“ ۾ مقررين پاران، هندن سميت ٻي اقليتي برادرين سان واسطو رکندڙ پڙهيل لکيل نوجوانن،۽ سماجي تنظيمن جي عهديدارن کي اپيل ڪئي وئي ته اهي 5 اپريل2011 کان شروع ٿيندڙ آدمشماري واري عمل ۾ پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪن ۽ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب ۽ ابوجهه ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهيمت بابت جاڳرتا پيدا ڪن ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هر هڪ ماڻهو توڙي هر هڪ گهرجي ڳڻپ کي يقيني بڻائين _ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مقررين موقف اختيار ڪيو ته مستقبل ۾ سنڌ جي وسيلن، ترقياتي منصوبه بندي ۽ روزگار جي حصي جو دارو مدار ايندڙ آدمشماري تي آهي جنهن لاءِ اهو ضروري آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر برادري جا سرواڻ پنهنجي راڄ جي هر ننڍي وڏي ماڻهو توڙي هرگهر جي ڳڻپ کي يقيني بڻائين ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي نه ڪن _ مقررين ان ڳالهه جو به اظهارڪيو ته ماضي ۾ ٿيندڙ آدمشمارين ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن _ ينگ هندو پنچائت پاران ڪوٺايل ان ڪنوينشن ۾ سنڌ جي هندو…
نوجوان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: آفتاب احمد کتري
22 مارچ ، 2013
نوجوان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: آفتاب احمد کتري
حيدرآباد: ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام وسيلي تريبت حاصل ڪندڙ نوجوان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا _ اهڙو اظهار هن اڄ شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي مختلف شعبن جي فوڪل پرسن سان منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ملڪ جي غريب، بيروزگار ۽ باصلاحيت نوجوان شاگرد ۽ شآگردياڻين لاءِ شروع ڪيو ويو جنهن پروگرام تحت سنڌ جي هزارين بيروزگار نوجوان تربيت حاصل ڪري مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽئين مرحلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي تربيت ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪيو ويندو _ هن وڌيڪ چيو ته تربيت حاصل ڪرڻ وارن نوجوانن کي گهرجي ته اهي باقائدگي سان سکيا حاصل ڪن ۽ غيرحاضري کان پاسو ڪن ته جيئن کين معياري تربيت حاصل ٿي سگهي _ان موقعي تي پروگرام جي سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آشف اقبال ميمڻ گڏجاڻي کي ٻڌايو ته پروگرام جي ٽئين مرحلي تحت حيدرآباد ضلعي جي نجي شعبي ٽريننگ ونگ فيز ٿري…
زرعي توسيعي کاتي پاران آبادگارن کي معياري ڪيميائي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ دڪانن تي اوچتا ڇاپا ھنيا
22 مارچ ، 2013
زرعي توسيعي کاتي پاران آبادگارن کي معياري ڪيميائي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ دڪانن تي اوچتا ڇاپا ھنيا
حيدرآباد : سنڌ جي زرعي توسيعي کاتي پاران آبادگارن کي معياري ڪيميائي ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ دڪانن تي اوچتا ڇاپا هڻي ڀاڻ جا نمونا کڻي ليبارٽرين کي چڪاس لاءِ موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي _ ان سلسلي ۾ زرعي توسيعي سنڌ لاڙڪاڻي ضلعي پاران محمد ڪامران آرائين فرٽيلائيزر اولڊ اناج منڊي لاڙڪاڻي وٽان پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ ملتان جو ڪيلشم امونيم نائٽريٽ 26 سيڪڙو وارو کنيل ڀاڻ جو نمونو ليبارٽري چڪاس کانپوءِ غير معياري ثابت ٿيو آهي ۽ غير معياري ثابت ٿيل ڀاڻ جي ڊيلر خلاف سنڌ فرٽيلائيزر ڪنٽرول ايڪٽ 1994 اينڊ رولز 1999 تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي جڏهن ته ان ڏس ۾ آبادگارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي غير معياري ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن جي نشاندهي ڪن ته جيئن اهڙن ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪري معياري ٻج ۽ ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي _ اڄ هتي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٻج ۽ ڀاڻ جي ڊيلرن کي چتاءُ ڏنو ويو آهي ته اهي ان ڪڌي ڪاروبار کان پاسو ڪن ۽ آبادگارن کي معياري ٻج ۽ ڀاڻ فراهم ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي
زاهد علي ڀرڳڙي مورا اسڪالرشپ جي مد ۾ 12 لک 40 هزار رپين جا چيڪ ورهايا
22 مارچ ، 2013
زاهد علي ڀرڳڙي مورا اسڪالرشپ جي مد ۾ 12 لک 40 هزار رپين جا چيڪ ورهايا
حيدرآباد : ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تحت حيدرآباد جي بيروزگار نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي 25 سئو رپين جي ماهوار وظيفي سان گڏ 6 مهينن جا ڊپلوماڪورس ڪرائڻ لاءِ زڪوات کاتي، حيدرآباد پاران مختلف 10 _ ادارن سان معاهدو ڪيو ويو آهي _ هن اهڙو اظهار اڄ ميران محمد هاءِ اسڪول هيراآباد ۾ ضلعي زڪوات ڪميٽي طرفان ضلعي جي مختلف سڪولن جي انتظاميه ۾ مستحق شاگردن لاءِ مورا اسڪالرشپ جي مد ۾ 12 لک 40 هزار رپين جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو _ صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي هدايت ڪئي ته ضلعي جي اسڪولن ۾ زڪوات رقم جي شفاف ورهاست کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ نگران ڪميٽي جوڙي وڃي تنهن هوندي به هن ضلعي زڪوات ڪميٽي طرفان شفاف طريقي سان زڪوات واري رقم جي ورهائڻ واري عمل تي اطمينان جو اظهار ڪيو _ هن وڌيڪ چيو ته زڪوات رقم جي ورهاست ۾ بدنيتي ڪندڙ اسڪول انتظاميه توڙِي عملدارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا ڇاڪاڻ ته زڪوات رقم غريبن ۽ مستحقين جي امانت آهي جنهن کي ايمانداري سان مستحقين تائين پهچايو پيو وڃي _ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت اچڻ شرط زڪوات نظام ۾…
شهيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي هڪ عظيم اڳواڻ هئي: پير مظهر الحق
22 مارچ ، 2013
شهيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي هڪ عظيم اڳواڻ هئي: پير مظهر الحق
حيدرآباد: سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي هڪ عظيم اڳواڻ هئي جنهن اسان کي پاڪستان جي ترقي ۽ پاڪستاني عوام جي خوشحالي لاءِ 5 نقاطي فارمولا ڏنو _ هن يقين ڏياريو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ان فارمولي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ملڪ کي فلاحي رياست ۾ تبديل ڪيو وڃي جتي هر هڪ شهري کي هڪجهڙا حق حاصل هجن ۽ اهي خوشحال هجن _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ صبح جو اولڊ ڪيمپس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف ماڊرن سائنس اينڊ آرٽس ( امسا) جي ڇهين ڪانووڪيشن کي پنهنجي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو _ هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڏنل پنج نقاطي فارمولي جي وضاحت ڪندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ترجيحن ۾ ملڪ جي ترقي لاءِ پنج اهم شعبا شامل هئا جن ۾ بيروزگاري جو خاتمو، تعليم ، توانائي، ماحوليات ، برابري معنيٰ هر شهري کي هڪجهڙا ۽ هڪ جيترا حق_ هن چيو ته پ پ پ جي اڳوڻِي حۡڪومت دوران جڏهن کيس قانون جو قلمدان مليل هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون کيس هدايت مليل هيون ته نجي تعليمي ادارن جي قيام لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي _هن چيو ته شهيد…
26 ڊسمبر 2010 تي تجديد عهد وفا ريلي قائد اعظم مزار ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻو تائين ڪڍي ويندي
22 مارچ ، 2013
26 ڊسمبر 2010 تي تجديد عهد وفا ريلي قائد اعظم مزار ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻو تائين ڪڍي ويندي
حيدرآباد: پاڪستان پيپيلزپارٽي جي ذيلي تنظيم پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جي ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري ڊاڪٽر مير عبدالرزاق تراب چيو آهي ته شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي 27 ڊسمبر 2010 تي ٽين ورسي وڏي احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ پيپلزيوٿ ۽ ليڊيز ونگ طرفان 26 ڊسمبر 2010 تي تجديد عهد وفا ريلي قائد اعظم مزار ڪراچي کان ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻو تائين ڪڍي ويندي جنهن ۾ پ پ پ جا هزارين اڳواڻ ۽ ڪارڪنن سنڌ جي ثقافتي لباس ۾ شريڪ ٿي پنهنجي عظيم قائد کي خراج عقيدت پيش ڪندا _ هن اهڙو اظهار اڄ انيڪسي بلڊنگ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو_ ريلي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ۽ ڊپٽي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالرزاق تراب وڌيڪ چيو ته ذيلي تنظيمن جي صدر محترمه فريال ٽالپر جي خاص هدايتن تحت عهد وفا ريلي 26 ڊسمبر تي صبح جو 11 وڳي کان پيپلز سيڪريٽري قائد اعظم جي مزار ڪراچي کان پيپلز ليڊيز ونگ جي صدر شگفته جماڻي جي اڳواڻي ۾ ڳڙهي خدا بخش ڏانهن نڪرندي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات واري صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي، سپاف جو مرڪزي صدر مير سهراب مري، يوٿ جو صدر عاجز ڌامراهه ۽ ٻيا مرڪزي ۽ ذيلي تنظيمن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا جيڪا…
هلال احمراسپتال قاسم آباد ۾ ايندڙ آچر 26 ڊسمبر 2010 تي ڪيمپ لڳائيندي
22 مارچ ، 2013
هلال احمراسپتال قاسم آباد ۾ ايندڙ آچر 26 ڊسمبر 2010 تي ڪيمپ لڳائيندي
حيدرآباد :هلال احمر اسپتال قاسم آباد حيدرآباد جي انتظاميه پاران هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلال احمراسپتال قاسم آباد ۾ ايندڙ آچر 26 ڊسمبر 2010 تي صبح جو 9 وڳي کان ٻنپهرن جو 2 وڳي تائين هڪ مفت طبي ڪيمپ لڳائي پئي وڃي جنهن ۾ فزيشن ڊاڪٽر آغاثناءَ الله، عورتن جي بيمارين جي ماهرڊاڪٽر ارم شيخ، ٻارڙن جو ماهر ڊاڪٽراشفاق ميمڻ ۽ الٽراسائوند جي ڊاڪٽر سنڌو ميمڻ مريضن جو مفت علاج ڪري کين دوائون پڻ فراهم ڪندا جڏهن ته ان موقعي تي اي سي جي، الٽراسائونڊ ۽ بلڊ شگر ٽيسٽ جي سهولت به دستياب هوندي.
شاگرد پنهنجو گروپ تبديل ڪرڻ لاءِ واسطيدار ڪاليجن معرفت 5 جنوري 2011 پنھنجو گروپ تبديل ڪرائي سگھن ٿا
22 مارچ ، 2013
شاگرد پنهنجو گروپ تبديل ڪرڻ لاءِ واسطيدار ڪاليجن معرفت 5 جنوري 2011 پنھنجو گروپ تبديل ڪرائي سگھن ٿا
حيدرآباد : تعليمي بورڊ حيدرآباد جي امتحانن واري ڪنٽرولر شاگردن جي سڌ لاءِ پڌرو ڪيو آهي ته جيڪي شاگرد تعليمي سال 2011_2010 لاءِ پنهنجو گروپ تبديل ڪرڻ جا خواهشمند آهن ته اهڙا شاگرد پنهنجو گروپ تبديل ڪرڻ لاءِ واسطيدار ڪاليجن معرفت 5 جنوري 2011 تائين 240 رپين جي عام فيءَ سان گڏ درخواستون جمح ڪرائي اجازت حاصل ڪري سگهن ٿا _ اهڙي طرح 300 رپيا ليٽ فيءَ سان 22 جنوري تائين ، 600 رپيا ليٽ فيءَ سان 19 فيبروري تائين جڏهن ته هڪ هزار رپيا ليٽ فيءَ سان 7 مارچ 2011 تائين گروپ تبديل ڪرڻ جي اجازت حاصل ڪري سگهن ٿا _ تعليمي بورڊ جي جاري ڪيل هڪ ٻئي پڌرائي موجب جيڪي شاگرد تعليمي سال 2011_2010 لاءِ اضافي مضمون جهڙوڪ ميٿميٽڪس ون ۽ ٽو ، بائلاجي ون ۽ ٽو ، ڪيمسٽري ون ۽ ٽو ، ڪمپيوٽرسائنس ون ۽ ٽو جو امتحان ڏيڻ جا خواهشمند آهن ته اهڙا شاگرد انهن اضافي مضمون ۾ امتحان ڏيڻ لاءِ پنهنجن لاڳاپيل ڪاليجن معرفت پنهنجي عبوري داخلا حاصل ڪري سگهن ٿا جڏهن ته اهڙن شاگردن کان اضافي مضمونن لاءِ امتحاني فارم 600 رپيا عام فيءَ سان 5 جنوري 2011 تائين، 300 رپيا ليٽ فيءَ سان 22 جنوري، 600 رپيا ليٽ فيءَ سان 19 فيبروري تائين…