حيدر آباد

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ليڪچرار ايجوڪيشن جي ڪامياب اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ليڪچرار ايجوڪيشن جي ڪامياب اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي پڌرائي موجب سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار ايجوڪيشن (مرد ۽ عورت) بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ اميدوارن کان جون 2011 ۾ ورتل انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب ليڪچرار ايجوڪيشن (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ فهيم الدين صديقي، سليمان شاهه ، جلال الدين ڪورائي، مسعود احمد صديقي ، محمد اشرف سيلرو، حاڪم علي پيرزادو ، طبريز احمد ڀٽي، ناظم رضا چنا، ذوالفقار علي ڀنڊ، ايس ايم عدنان ، حبيب احمد پٺاڻ، مختيار علي ڀٽي، حسين بخش چاچڙ، راشد علي خان راجپوت ، ظفرالله سهتو، عبدالغفارڌهوڻ ، ڪاشف ابراهيم ، رجب علي ڪانهيو ، سيد علي ارشاد علي ، علي مرادسومرو ، امير علي هاشم ٻرڙو، ارشد محمود صديقي
هلال احمر اسپتال قاسم آباد طرفا ھڪ ڏينھن جي مفت طبي ڪيمپ 3 جولاءِ تي لڳائي ويندي

هلال احمر اسپتال قاسم آباد طرفا ھڪ ڏينھن جي مفت طبي ڪيمپ 3 جولاءِ تي لڳائي ويندي

هلال احمر اسپتال قاسم آباد حيدرآباد جي انتظاميه پاران ڄاڻايو ويو آهي ته هلال احمر اسپتال قاسم آباد ۾ ايندڙ آچر3 جولاءِ 2011 تي صبح جو 9 وڳي کان منجهند جو 2 وڳي تائين هفتيوار مفت طبي ڪميپ لڳائي ويندي جنهن ۾ مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر ضرورتمند مريضن جو علاج ڪندا جڏهن ته ان موقعي تي مريضن کي دوائون پڻ مفت فراهم ڪيون وينديون .
هن وقت دنيا سميت پاڪستان ۾ سياسي هم آهنگي جي سخت ضرورت آهي: آغا سراج دراني

هن وقت دنيا سميت پاڪستان ۾ سياسي هم آهنگي جي سخت ضرورت آهي: آغا سراج دراني

سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير آغاسراج دراني چيو آهي ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي خاص هدايتن تحت سنڌ صوبي جي ضلعن ۾ قبضاخورن جي روڪٿام لاءِ اينٽي انڪروچمينٽ ڪميٽين جي جوڙجڪ لاءِ سنڌ اسيمبلي پاران قانون منظور ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ الڳ پوليس فورس پڻ رکي ويندي ته جيئن زمينن تي قبضو ۽ جعلي دعويدارن خلاف ڀرپور ڪاررائي عمل ۾ آڻي سگهجي _ان ڪميٽي ۾ ايم پي ايز ، ڊي سي اوز ، ڊي پي اوز ۽ لاڳاپيل عملدار ميمبر طور شامل هوندا جڏهن ته صوبائي وزير آغاسراج دراني پاڻ ان ڪم جي نگراني ڪندو _ اها ڳالهه هن اڄ صبح سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ڄامشورو جي گورننگ باڊي جي گڏجاڻي ۽ شهباز ورڪرز يونين پاران سندس مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب دوران چئي _ ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جوميمبر ڊاڪٽر سڪندر علي شورو، نذهت پٺاڻ ،سيڪريٽري مڪاني ادارا علي احمد لنڊ ، ڊي سي او ڄامشورو ناصر عباس سومرو ، ڊائريڪٽر جنرل ايس ڊي اي ڊاڪٽر اصغر عباس شيخ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم کاتي ۾ ڪمپيوٽرسائنس جي ڪامياب اميدوارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم کاتي ۾ ڪمپيوٽرسائنس جي ڪامياب اميدوارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن واري ايڊيشنل ڪنٽرولر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ڪمپيوٽرسائنس (مرد۽ عورت) بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ اميدوارن کان جون 2011 ۾ ورتل انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب ليڪچرارڪمپيوٽرسائنس (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ سيد ڪامران حيدر نديم، شهباز علي، محسن رضا شاهه، ظهور عامرمنگي، محمدعمران پٺاڻ، عبيدالله عرف ڪاشف دايو، اشفاق علي شاهاڻي، زبير احمد شيخ، ،آفتاب حسين شاهه، بابرمصطفيٰ آخوند، عبدالحق سومرو، مير اظهر رسول ٽالپر،برڪت علي وڳڻ، فرحان علي جمالي، شعيب محمودڀٽي،ساجد علي کوکر، ابرار علي شاهه، ذيشان سهتو ، انيس الرحمان مهيسر، سيد حيدر رضا، فهيم احمد جماڻي، محمد عرفان بلوچ، مختيار علي ،جلال ڀيو، اشفاق احمد پنهور، رام چند، راحيل حسين، عتيق الرحمان ڦل، توقير احمد کوکر، محمد عمران شيخ ، فرحان مبين خان، حسن علي کوسو، محمد سليم ڪوريجو، سميع الله ڀٽي، تاهااحمد، شيراز شيخ ۽ منصور علي ڀٽي جڏهن ته ليڪچرار ڪمپيوٽرسائنس (عورت) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ ماويرا جوڻيجو، مومل پنهور، معين زيدي، بينش سولنگي ، ثنارسول بوزدار، بينش انور،سميراصديقي، صائمه رفيق شاهه ، سيما سلطانه ڀرڳڙي، صبا فرحين، ثنا ميمڻ، مهرين…
ڊي سي او حيدرآباد تقريب ۾ مالي سال 2012_2011 لاءِ 7230.95482 ملين رپين جي ٽيڪس فري سرپلس بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

ڊي سي او حيدرآباد تقريب ۾ مالي سال 2012_2011 لاءِ 7230.95482 ملين رپين جي ٽيڪس فري سرپلس بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري جيڪو ضلعي ايڊمنسٽريٽر پڻ آهي ، ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ اڄ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ مالي سال 2012_2011 لاءِ 7230.95482 ملين رپين جي ٽيڪس فري سرپلس بجيٽ پيش ڪئي _ تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو ته ضلعي حڪومت ان بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو آهي ۽ ترقياتي ڪمن سميت تعليمي شعبي جي بهتري لاءِ خاطرخواهه رقم مختص ڪئي آهي _ هن چيو ته مالي سال 2012_2011 لاءِ ڪل متوقع آمدني 7230.95482 ملين رپين جي ڀيٽ ۾ خرچ جو ڪاٿو 7230.771 ملين رپيا لڳايو ويو آهي جڏهن ته 0.183 ملين رپيا سرپلس ٿيندا _ مالي سال 2012_2011 ضلعي جي سمورن وسيلن مان متوقع آمدني جي تفصيل ٻڌائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت کان سنگل لائن ٽرانسفرسسٽم (پگهارن، غير ترقياتي خرچن ،اي ڊي پي ) تحت 6111.617215 ملين رپيا موصول ٿيا
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم کاتي ۾ اردو ليڪچرار لاءِ ڪامياب اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم کاتي ۾ اردو ليڪچرار لاءِ ڪامياب اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن جي ايڊيشنل ڪنٽرولر جي پڌرائي موجب ۾ سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار اردو مرد / عورت بي پي ايس 17 جي خالي آسامين لاءِ اميدوارن کان جون 2011 ۾ ورتل انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن
مخالف جمهوريت خلاف سازشون ڪرڻ بدران ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪن: مولا بخش چانڊيو

مخالف جمهوريت خلاف سازشون ڪرڻ بدران ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪن: مولا بخش چانڊيو

وفاقي وزير قانون مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ملڪ کي درپيش بحرانن ۽ مسئلن جو حل صرف جمهوريت ئي آهي ۽ اهي ماڻهو جيڪي جمهوريت خلاف سازشون سٽي رهيا آهن اهي ملڪ ۽ قوم جا خيرخواهه نه آهن . اها ڳالهه هن اڄ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي آڊيٽوريم ۾ بار جي ميمبرن کي خطاب ڪندي چئي _ وفاقي وزير مخالفن کي صلاح ڏني ته هو جمهوريت خلاف سازشون ڪرڻ بدران ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪن . هن حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه سياسي پارٽيون پ پ پ جي حڪومت ڪيسيتائين رهندي بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ نجومين جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون آهن . هن چيو ته تاريخ شاهد آهي ته جمهوريت خاطر پ پ پ ئي هميشه ايوب کان وٺي پرويز مشرف تائين سمورن آمرن جو مقابلو ڪندي پنهنجن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي جانين جو نذرانو پيش ڪيو آهي پر پربدقسمتي سان پاڪستان پيپلزپارٽي کي هميشه بحرانن دوران ملڪ جو اقتدار مليو آهي
ملڪ ۾ جاري توانائي واري بحران جو ذميوار نواز ليگ جو سربراهه نواز شريف آهي: شرجيل ميمڻ

ملڪ ۾ جاري توانائي واري بحران جو ذميوار نواز ليگ جو سربراهه نواز شريف آهي: شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آزاد ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي مهاجر نشستن تي رٿيل چونڊون امن مان جي صورتحال بهتر نه هئڻ ڪري ملتوي ٿيون آهن ۽ مفاهمتي پاليسي ، جمهوري ادارن کي وڌيڪ مستحڪم ۽ ڪامياب بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته الزام تراشي کان پاسو ڪيو وڃي –هن وڌيڪ چيو ته متحده قومي موومينٽ پ پ پ جي مضبوط اتحادي جماعت آهي ۽ جيڪڏهن ٻنهي ڌرين ۾ ڪي اختلاف پيدا ٿين ٿا ته انهن کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو ويندو آهي - هن اهڙو اظهار اڄ پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ميٽ دي پريس دوارن صحافين کي خطاب ڪندي ڪيو- هن چيو ته پ پ پ ڪنهن به جماعت تي دٻاءُ وجهڻ تي يقين نه ٿي رکي ۽ نه ئي وري خود ڪنهن جو دٻاءُ برداشت ڪري ٿي ، پ پ پ جمهوري ۽ عوامي جماعت آهي اها عوام جي طاقت ۾ يقين رکي ٿي ۽ ان جي خدمت لاءِ قربانيون ڏيندي رهي آهي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلدياتي چونڊن بابت ڪا به ڊيڊ لا ئين نه ٿي ڏئي سگهجي ان حوالي سان سمورين اتحادي ڌرين سان ڳالهيون هلندڙ آهن
مولا بخش چانڊيو سومر واري ڌينھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندو

مولا بخش چانڊيو سومر واري ڌينھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندو

وفاقي وزير قانون مولا بخش چانڊيو سڀاڻِي 27 جون 2011 تي صبح 10 وڳي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار کي خطاب ڪندو – هائي ڪورٽ بار جي صدر الله بچايو سومري هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته وفاقي وزير سڀاڻي بار جي عهديدارن ۽ ميمبرن جي اينڪسي بلڊنگ سنڌ هائي ڪورٽ جي مين آڊيٽوريم ۾ وفاقي وزي جي اعزاز ۾ منعقد ڪيل هڪ تقريب کي پڻ خطاب ڪندو
حيدر آباد ۾ نوجوانن کي موسيقي سکيا لاءِ ھڪ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي

حيدر آباد ۾ نوجوانن کي موسيقي سکيا لاءِ ھڪ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي

ڊپٽي ڊائريڪٽر مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو ۽ صوبائي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عقيلي ۽ کاتي جي دلچسپي سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي شراڪت سان سنڌي موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنڌي موسيقي جي مختلف ڪورسن جي ڪلاس لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڳائڻ ، گيت ، غزل ، ڪافي ، ڪلاسيڪي سميت ساز سيکارڻ جهڙوڪ بوئينڊو ، الغوزو، شرنائي ، ڍولڪ ، طبلو، نقارو، هارمونيم ، يڪتارو، چپڙي، ، بينجو، دمبورو ۽ چنگ ، شامل آهن جي حوالي سان سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڪيترن ئي اخبارن ۾ اشتهار پڻ شايع ڪيا ويا آهن _ هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌي موسيقي جي 6 مهينن جي سرٽيفڪيٽ واري ڪورس ۾ داخلا لاءِ صلاحيت مند ۽ ڳائپ جو شوق رکندڙ نوجوانن کان درخواستون گهرايون ويون آهن ۽ اهو سرٽيفڪيٽ ڪنهن ڊپلوما کان گهٽ نه هوندو .
Back to top button