خبرون
-
ن ليگ وٽ عوام ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ ڪوبه منشور ناهي، خورشيد شاھ
سکر مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ايندڙ هڪ هفتي ۾ نگران سيٽ اپ جا نالا فائينل ڪيا ويندا، نواز ليگ نگران سيٽ اپ لاءِ اڃان تائين ڪوبه نالو ناهي ڏنو جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏبي
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور مان ڦرٿيل سامان پوليس طرفان واپس ڪرائي ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعوي
شڪاپورپور پوليس چوري ٿيل 18 تولا سون ، 3 موٽرسائيڪلون ، 5 موبائيل فون، 4 پسٽلن سميت 19 ڏوھاري گرفتار ڪرڻ جي دعوي، رپورٽ موجب شڪارپور شھر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھري سراپا احتجاج ھئا ۽ شڪارپور بچايو تحريڪ طرفان ايس ايس پي شڪارپور کي ھٽائڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو ھو.
وڌيڪ پڙھو -
عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون، مظفر شجراع
سنڌ جي بحالي واري صوبائي وزير مظفر شجراع چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪي حالتن اجازت ڏني ته ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ٻي صورت ۾ سمورين ڌرين جي گڏيل راءِ سان لائحه عمل جوڙيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
پ پ پ سنڌ جي تقسيم ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، مولا بخش چانڊيو
سياسي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پ پ پ سنڌ جي تقسيم ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي ۽ ڪنهن به ڌر ۾ ايتري جرئت نه آهي جو پ پ پ جي آڏو سنڌ جي تقسيم جي ڳالهه به ڪري سگهي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: سنڌ آبادگار اتحاد پاران پاڻي جي کوٽ خلاف مظاھرو
ھنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي تعلقي صوڀوديرو جي 200 اسڪارپ ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ۽ برباد ٿي وڃڻ ۽ تعلقي جي 17 شاخن ۽ واهن جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري شاخون پورجي وڃڻ جي خلاف مظاھرو
وڌيڪ پڙھو -
اسان جي حڪومت ۾ چورن ۽ ڌاڙيل کي ختم ڪيو ويندو، نواز شريف
پاڪستان مسلم ليگ ن جي سربراھھ ميان محمد نواز شريف چيو آھي تھ سياست کي عبادت سمجھون ٿا غريب عوام جي خدمت ۽ انھن جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جو منشور آھي. حڪومت 5 سالن ۾ عوام جا بنيادي مسئلا حل ناھن ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
ججن جي ڪردارڪشي جو مقصد نوجوانن کي قانون جي پيشي کان پري رکڻ جي سازش آهي، جسٽس مشير عالم
سنڌ هائي ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب جسٽس مشير عالم چيو آهي ته جج صاحبان جي ڪردارڪشي جو مقصد نوجوانن کي قانون جي پيشي کان پري رکڻ جي سازش آهي ، تنهن ڪري نوجوان نسل اهڙين سازشن ڏانهن ڌيان نه ڏئي
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي جو مثال گذريل 25 سالن جي حڪومتن ۾ ڪٿي به نٿو ملي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پ پ پ جي موجوده حڪومت جي پنجن سالن جي ڪارڪردگي جو مثال گذريل 25 سالن جي حڪومتن ۾ ڪٿي به نٿو ملي، صدر آصف علي زرداري ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نقشي قدم تي هليو آهي
وڌيڪ پڙھو -
چونڊن ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن جو ڪو به حل ڪونهي، عبدالخالق جوڻيجو
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي چيو آهي ته پيپلز پارٽي هجي يا مسلم ليگ اهي سڀ رياستي جوڙ جڪ جي پيداوار آهن. اُهي اُن جي تحفظ لاءِ ئي ڪم ڪن ٿيون
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ڊرگ ۽ لينڊ مافيا ملوث آھي، منظور وساڻ
جيل کاتي جي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته منهنجي گهرو کاتي جي دور ۽ ان وقت جي ڪراچي جون حالتون مختلف نوعيت جون آهن، پهريون به چوندو هيم ۽ هاڻي به چوان ٿو ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ڊرگ ۽ لينڊ مافيا ملوث آهن
وڌيڪ پڙھو