خبرون
-
ڏکڻ آفريڪا جا 13 فوجي مارجي ويا
جوھانسبرگ:ڏکڻ آفريڪا جا 13 فوجين جي مارجڻ بعد سيٽرل آفريڪن ريپبلڪ مان پنھنجي 200 فوجين کي واپس گھرائي ورتو آھي. اھا ڳالھھ ڏکڻ آفريڪي نيشنل ڊفينس جي ترجمان اڱاري ڏينھن آمريڪي خابرو ايجنسي کي ٻڌائي.
وڌيڪ پڙھو -
ڀٽو جي ورسي: ڳڙھي خدابخش جو جلسو منسوخ
پاڪستان پيپلز پارٽي جي دھشتگردي جي خطري جي ڪري خميس ڏينھن نئين ديري ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي ٿيندڙ جلسو منسوخ ڪري ڇڏيو آھي.
وڌيڪ پڙھو -
پنھنجن ڇھھ ٻارن کي قتل ڪندڙ جوڙو مجرم قرار
برطانيه جي ھڪ عدالت پنھنجن ڇھن ٻارن کي ساڙيندڙ والدين کي مجرم قرار ڏئي ڇڏيو. برطانيه جي ھڪ جيورو ڊربي شائر جي ھڪ جوڙي مڪ فلپاٽ ءُ ميررڊ فلپاٽ ۽ انھن جي ساٿي پال موزلي کي ڇھن ٻارن جي قتل جو مجرم قرار ڏيئي ڇڏيو آھي.
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان، افغانستان جي وچ ۾ نئون تنازعو
پاڪ افغان سرحد تي ھڪ چيڪ پوسٽ جي قائم ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ھڪ نئون تنازعو پيدا ٿي ويو آھي. واضح رھي ته ڪابل پھريان ئي اسلام اباد تي افغان علائقي ۾ شيلنگ ڪرڻ جو الزام لڳائي چڪو آھي
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه:بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
باڊهه ڀرسان ڳوٺ ٻنڍي ۾ بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن باڊهه شهر پهچي ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دوست محمد، اصغر ساريو، امتياز علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي بند پيل آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڪشمور: اين اي 210 جي 38 مان 36 اميدوارن جا فام بحال
اين اي 210 جي 38 مان 36 اميدوارن جا فام بحال ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ مزاري گروپ جي احسان مزاري، عبد الرئوف کوسو، پ پ پ جي گل محمد جکراڻي، اسرار احمد کوسو، محمد خان کوسو، آزاد اميدوار نريش ڪمار، فنڪشنل مسلم ليگ جي اقرار جکراڻي، اصغر بجاراڻي سميت ٻين اميدوارن جا فارم بحال ويا آھن.
وڌيڪ پڙھو -
پشاور: دھشتگردن جو گرڊ اسٽيشن تي حملو، 8 ڄڻا مارجي ويا
پشاور جي علائقي بڊھ ٻير ۾ گذريل رات اڻڄاتل دھشتگردن جي پاران واپڊا جي آفيس ۽ گرڊ اسٽيشن تي حملي کان پوءِ غائب ٿيندڙ 8 ڄڻن جا لاش ويجھو ميدان ۾ مليا آھن جڏھن ته چار اڃان غائب آھن.
وڌيڪ پڙھو -
برما: باھ لڳڻ سان تيرنھن ٻارڙا مارجي ويا
برما ۾ حڪومت مطابق رنگون شھر جي ھڪ اسڪول ۾ باھ لڳڻ سان تيرنھن ٻارڙا مارجي ويا آھن. پوليس جي ترجمان ٿيٽ لوين خابرو ايجنسي اي ايف پي کي ٻڌايو ته باھ رنگون جي ٻه منزله عمار ۾ لڳي جيڪو ھڪ مسجد جو حصو آھي
وڌيڪ پڙھو -
شام "خوني مھيني” ۾ ڇھ ھزار ماڻھو مارجي ويا
مارچ 2013 ۾ شام ۾ ٻن سالن کان ھلندڙ بغاوت ۾ سڀ کان وڌيڪ خوني مھينو ثابت ٿيو آھي جنھن ۾ ڇھ ھزار کان مٿي ماڻھو مارجي ويا آھن. برطانيه ۾ قائم ھڪ تنظيم جي جمع ڪيل معلومات مطابق مارچ 2013 ۾ شام ۾ چوڏنھن سو کان وڌيڪ باغين سميت ڇھ ھزار ماڻھو مارجي ويا آھن
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن ۾ مڇرن کان بچاءُ لاءِ 76 هزار مڇردانيون ماڻهن ۾ ورهايو ويون
خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن نارو، صوڀوديرو، گمبٽ ، ڪوٽڏيجي، ڪنگري، فيض گنج، ٺري ميرواهه، خيرپور جي صحت کاتي جي عملي جي تعاون سان مڇرن جي بچاءُ لاءِ 76 هزار مضبوط مڇردانيون ورهايو ويون آهن جن جو مقصد مانهن کي مڇرن کان بچائڻ آهي حڪومت مليريا جهڙي خطرناڪ موذي مرض کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششن ۾ رڌل آهي
وڌيڪ پڙھو