خبرون
-
پي پي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو واري پارٽي ناهي رهي، ظهور احمد شاهه جيلاني
پير عبدالقادر شاهه جيلاني جي فرزند پي پي اڳواڻ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني عرف ابل سائين پنهنجي پٽ مٺا سائين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي ڀاءُ اڳوڻي ايم اين اي ۽ پي ايس 33 جي پي پي جي اميدوار پير سيد فضل علي شاهه جيلاني جي سخت مخالفت ڪندي پي ايس 33 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني جي حمايت ڪندي چونڊ مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: ڪنڀر برادري جو ڪٺ، مشروط ووٽ ڏيڻ جو اعلان
باڊهه ويجهو ڳوٺ ٻلهڙجي ۾ آل سنڌ ڪنڀر اتحاد پاران برادري جي ماڻهن جو ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ شاهنواز ڪنڀر، علي گوهر ڪنڀر، رجب ڪنڀر، نظر محمد ڪنڀر، علي اصغر ۽ ٻين چڱن مڙسن شرڪت ڪئي، ڪٺ کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪنڀر اتحاد برادري جو ڪٺ وڏو ووٽ بئنڪ آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڀٽو ۽ بينظير جي نعرو کان علاوه ڪوبه نعرو ٻڌڻ نه ٿي چاهيان، فريال ٽالپر
پ پ اڳواڻ ۽ اين اي 207 تڪ جي اميدوار فريال ٽالپور چيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڀٽو ۽ بينظير جو نعرو لڳندو ٻيو ڪوبه نعرو ٻڌڻ نه ٿي چاهيان شهدادڪوٽ ۾ اڳوڻي ايم اين اي رميش لال پاران ڏنل آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي فريال ٽالپور چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪارڪن بينظير ۽ ڀٽو کان سواءِ ٻيو نعرو هنيو ته ان جي ميمبر شپ معطل ڪئي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
حڪمران پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا، اسماعيل شاهه راشدي
فنڪشنل مسلم ليگ جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾ عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ حُڪمرانن پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا
وڌيڪ پڙھو -
پ پ کائو ۽ کارايو واري نعري تي عمل ڪيو، عاقب خان جتوئي
اين پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 19 جي اميدوار عاقب خان جتوئي ڳوٺ ڪانڌڙا ڪالوني ۾ سماجي شخصيت ۽ ڳوٺ جي چڱي مڙس صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو،۽ برادري پاران منعقد ڪيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان هن تڪ جي عوام جي هر وقت خدمت ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
اڳوڻي حڪمرانن ڪرپشن ڪري پنهنجا پيٽ ڀريا، سيد اسماعيل شاهه راشدي
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ جڏهن ته عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا. هن اهڙو اظهار گمبٽ تعلقي يونين ڪائونسل ٻيلهاڙو جي ڳوٺ الهڏتو ڀنڊ ۾ هڪ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي، سنڌ نيشنل فيڊريشن
سنڌ نيشنل فيڊريشن سکر ريجن پاران ڏهرڪي ۾ پورهتين جي بنيادي حقن لاءِ سنڌ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلع گهوٽڪي جي مختلف شهرن جي سوين پورهتين شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن راڻا محمود علي خان،عبدالفتاح ملڪ،تشڪيل احمد صديقي،دين محمد لکڻ،راحب سومرو،شهزادو پنهيار،امام بخش سومرو ۽ ٻين چيو ته ضلع گهوٽڪي سميت سموري سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
ٽرانسپورٽ نه ملڻ سان ووٽ جي شرح گهٽجي ويندي، سيمينار کي خطاب
ٽنڊو محمد خان ۾ سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن پاران اليڪشن ڪميشن جي قاعدن ۽ قانونن جي روشني ۾ ووٽر کي پيش ايندڙ مشڪلاتن جي عنوان سان سيمينار محمد خان غني ادبي تنظيم جي هال ۾ ٿيو،اڳوڻن چيو ته ٽرانسپورٽ جي نه ملڻ سان ووٽ جي شرح گهٽجي ويندي ۽ ٽرن آئوٽ گهٽجڻ جو خدشو آهي ۽ ووٽر کي گهر کان ٻاهر ڪڍڻ مشڪل هوندو ۽ ووٽ جي ڪاسٽنگ وارو تناسب گهٽجي سگهي ٿو
وڌيڪ پڙھو -
پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز
پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز جوڙ توڙ جاري،فيض گنج ۾ پ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ اميدوارن طرفان چونڊ مهم تيز ۽ جوڙ توڙ جاري آهي ٻنهي اميدوارن طرفان مختلف ڳوٺن جا دورا هڪ ٻئي جا ساٿي ٽوڙڻ جو سلسلو جاري آهي
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه، سن واقعي جي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران نندا
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سن واقعي خلاف اسد گوپانگ، وفا صالح راڄپر، نور خان بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وو هي اوٻاش اميدوار ملڪ اسد سڪندر جي غنڊن فائرنگ ڪري ايس يو پي جي حامين کي سخت زخمي ڪيو آه
وڌيڪ پڙھو