خبرون
-
سکر: مسيحي برادري جي سڏ تي امن ريلي
سکر ۾ مسيحي برادري جي سڏ تي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان سينٽ سيويئر اسڪول کان پريس ڪلب تائين امن ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ اسڪولي ٻارڙن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئ
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪئي ويئي
جيئي سنڌ محاذ باڊهه پاران 17 آڪٽوبر ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن امان الله وسطڙو، شهيد مالڪ خشڪ، شهيد امير علي شاهه، شهيد مٺو بليدي، شهيد انور عباسي، ذڪريا ميمڻ جي ياد ۾ ٽائون هال اڳيان ميڻ بتيون ٻاري خراج تحسين پيش ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: عيد جي ڏينهن به باڊهه شهر مان گندگي جو آزار ختم نه ٿيو
عيد جي ڏينهن به باڊهه شهر مان گندگي جو آزار ختم نه ٿيو، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ روڊن ۽ رستن تي عيد جي ڏينهن به تلائن جي صورت ۾ نالين جو گندو پاڻي روڊن ۽ رستن تي بيهجي ويو
وڌيڪ پڙھو -
مورو: سياستدان عيد ملھائڻ لاءِ پنھنجن بنگلن تي پھتل
مورو جا ڪهڙا ڪهڙا سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ عيدالاضحىٰ ڪٿي ڪٿي ملهائيندا، عيد جي خوشين ۾ ماڻهن سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ سڀ پنهنجن پنهنجن بنگلن تي پهتل آهن ۽ عيد جا ٽئي ڏهاڙا سياستدان ماڻهن سان عيد ملندا ۽ عيد جون مبارڪون وصول ڪندا
وڌيڪ پڙھو -
پ پ حڪومت سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آندي آھي، قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران صوبي جي عوام جي معاشي بهتري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ بهتري آندي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور: قرباني جا جانور وٺڻ بدران ھٿيارن جي خريداري، عيد تي خونريزي جو خطرو
شڪارپور ضلعي جي 30 کان وڌيڪ قبيلائي جھيڙا ھلندڙ ، عيدلاضحيٰ جي موقعي تي وڏي خونريزي جو خطرو ، علائقي واسي عيد خريداري بدران جديد ھٿيار خريد ڪرڻ ۾ رڌل . عيد جي ڏينھن وڏي امڪاني خونريزي جو خطرو
وڌيڪ پڙھو -
اسلام ڪنھن به حالت ۾ دھشتگردي جي اجازت نه ٿو ڏئي، مفتي اعظم جو خطبو
مڪو: مفتي اعظم شيخ عبد العزيز حج جي خطبي دوران چيو آھي ته اسلام امن جي تعليم ڏني آھي ۽ ھر قسم جي دھشتگردي جي خلاف آھي، مسلمانن کي امن جو مظاھرو ڪرڻ گھرجي.
وڌيڪ پڙھو -
بلوچستان: اليڪشن جي 5 مھينن کان پوءِ ڪابينا مڪمل
پاڪستان ۾ ھلندڙ سال عام اليڪشن جي تقريبن پنج مھينن کان پوءِ بلوچستان ۾ سومر جي ڏينھن مڪمل ٿي رھي آھي، ڪابينا جي جوڙجڪ ۾ دير جو سبب صوبي جي وزير اعليٰ ڊاڪٽر عبد المالڪ بلوچ جي نيشنل پارٽي ۽ حڪمران اتحاد ۾ شامل ٻين جماعتن جي وچ ۾ وزاتن ۽ کاتن جي جي ورڇ تان اختلاف ٻڌايا پيا وڃن
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ وڌندڙ طالبانيت سامراج جي والار جو حصو آهي، سيمينار کي خطاب
مورو جي ساڃاھ وند ڌرين بنياد پرستي کي سماج جو ناسور قرار ڏئي ڇڏيو هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ طالبانيت سامراج جي والار جو حصو آهي ان جي خاتمي لاءِ عوام دوست سياسي سرگرمين کي زور وٺرائڻو پوندو ۽ ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي سنڌ جي مذهبي رواداري تي حملو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڀوري ڀيل جي لاش جي بي حرمتي سنڌ جي تاريخ ۽ ڪلچر جي بي حرمتي آهي،هاشم کوسو
پنگريو ۾ ڀورو ڀيل جي لاش جي تذليل ڪرڻ خلاف سنڌ پروگريسو ڪاميٽي طرفان مورو ۾ ڪامريڊ هاشم کوسو، يونس راهو، منظور خاصخيلي، امير علي لغاري، خالد ٻگهيو ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ٻاهرين بس اسٽينڊ کان احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو