خبرون
-
ڪراچي آپريشن کي روڪڻ جي غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي:عابد شير علي
پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ بابت سنڌ حڪومت جو عمل سُٺو ناهي پر پر وفاق وٽ ٻيا آپشن به موجود آهن.
وڌيڪ پڙھو -
وڏو انسان بڻجڻ لاءِ سُٺي سوچ جو هجڻ به ضروري آهي:عمران خان
پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته اسٽي آرڊر وٺڻ وارا رنڊڪون وجهي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
”مسلمانن جي حقن لاءِ وڙهنداسين“فيس بُڪ جو باني مارڪ زڪربرگ
فيس بوڪ جي مالڪ ۽ سي اي او مارڪ زڪربرگ پيرس ۽ سان برناڊينو ۾ ٿيندڙ تازن حملن کانپوءِ ڊپ ۾ ورتل مسلمانن جي حمايت ڪري ڇڏي
وڌيڪ پڙھو -
مري معاهدو: بلوچستان جي وڏ وزارت لاءِ ثناءُ الله زهري نامزد، عبدالمالڪ استعفيٰ ڏيندو
وزيراعظم نواز شريف مري معاهدي تحت نوازليگ جي اڳواڻ ثناءِ الله زهري کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي ته وفاق بلوچستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو.وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مري معاهدي بابت مشاورتي اجلاس ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
پاڪ-افغان دشمن ساڳيا آهن، خطي ۾ امن لاءِ ڪابل ۾ امن ضروري آهي: نواز شريف
وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن، خطي ۾ امن لاءِ ڪابل ۾ امن ضروري آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ امن نه ٿيو ته بدامني سموري ايشيا تائين پکڙجي ويندي
وڌيڪ پڙھو -
صحافين سان زيادتيون ، تشدد نامنظور، حيدرآباد ۾ صحافي رستن تي نڪري آيا
حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري اقبال ملاح چيو ته جيڪڏهن صحافي اڪبر ڪيريو جا قاتل، بدين جي صحافي حاجي خالد محمود گهمڻ کي موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ جوهيءَ جي صحافي محمد بخش ٻٻر تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
پاڪ-ڀارت برف ڳرڻ شروع، سشما سوراج ڪرڪيٽ، ڪشمير ۽ دهشتگردي بابت اڄ وزيراعظم سان ملاقات ڪندي
اسلام آباد: ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي، هـُو وزيراعظم نواز شريف ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان به ملاقات ڪندي، ڀارتي پرڏيهي وزير جي دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز بابت به گرين سنگل ملڻ جو امڪان آهي. پئرس ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي هم منصب نريندر مودي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ برف رِجـَڻ لڳي آهي، بينڪانڪ ۾ پاڪ-ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪارن وچ ۾ ٿيل ملاقات بعد ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج به اڄ پاڪستان پهچي وئي آهي. سشما سوراج هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ وزيراعظم نواز شريف ۽ پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪندي. ذريعن موجب، ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، پاڪ-ڀارت ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ نئين ايجنڊا طئي ڪرڻ سميت اهم معاملن تي بريڪ ٿرو ٿيڻ جو امڪان آهي. ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج جي پاڪستاني اعليٰ عملدارن سان ملاقات بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ هلندڙ مهيني رٿيل ڪرڪيٽ سيريز بابت به فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم نواز شريف ۽ نريندر مودي وچ ۾ ملاقات ۽ بينڪانڪ ۾ پاڪ-ڀارت قومي سلامتي جي صلاحڪارن وچ ۾ ٿيل…
وڌيڪ پڙھو -
آمريڪا ۾ صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلمانن جي ملڪ داخلي تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو
مريڪي صدارتي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل ۾ ڊونلڊ ٽرمپ مسلمانن خلاف بيان ڏيندي چيو آهي ته گذريل هفتي ڪيليفورنيا ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ آمريڪي حڪومت کي مسلمانن لاءِ پنهنجي ملڪ جا دروازا بند ڪرڻ گهرجن
وڌيڪ پڙھو -
لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي درخواست تي جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان کان جواب طلب ڪري ورتو
لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ عدليه جي دخل اندازي جي حوالي سان بيان جاري ڪرڻ تي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان کان جواب طلب ڪري ورتو. عدالتي ٻُڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ منير احمد طرفان جوڊيشل ايڪٽوازم پينل جي چيئرمين محمد اظهر صديق ايڊووڪيٽ داخل درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر عدليه خلاف توهين وارو بيان جاري ڪيو. چيف اليڪشن ڪمشنر بيان ۾ چيو هو ته عدالتن کي اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ دخل اندازي جو اختيار ناهي، ڇو جو اليڪشن ميشن جوادارو پاڻ عدالتي اختيار رکي ٿو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدليه خلاف توهين وارو بيان جاري ڪرڻ تي جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. درخواست ڏيندڙ جو شروعاتي مؤقف ٻُڌڻ کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻُڌڻي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ڪراچي آپريشن سياسي نه پر بلاامتياز ۽ دهشتگردي جي خاتمي تائين جاري رهندو: راحيل شريف
آرمي چيف جنرل راحيل شريف اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪراچي آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري رهندو ۽ آپريشن مڪمل ڪرڻ کانسواءِ هتان واپسي ممڪن ناهي
وڌيڪ پڙھو