خبرون
-
ٻن ڪروڙ رپين جي ماليت جا ملاوٽ شده مصالاجات ۽ ٻيو سامان ضبط
سکر پوليس جو مرچ ٺاهيندڙ ٽن فيڪٽرين تي ڇاپو ٻن ڪروڙ رپين جي ماليت جا ملاوٽ شده مصالاجات ۽ ٻيو سامان ضبط فيڪٽري مالڪ سميت 22 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا
وڌيڪ پڙھو -
بلوچستان کان اسمنگلنگ ڪري آندا ويندڙ لکين رپين ماليت جا باز بر آمد
وائيلڊلائيف کاتي سکر جي عملي ڪوٽڏيجي ويجهو ڪاروائي ڪندي بلوچستان کان اسمنگلنگ ڪري آندا ويندڙ لکين رپين ماليت جا باز بر آمد ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو باز کي بعد ۾ فضا ۾ ڇڏيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سول سوسائٽي فورم پاران مڪاني نظام خلاف 20 آڪٽوبر تي بک ھڙتال جو اعلان
سنڌ جي سول سوسائٽي فورم پاران نئين مڪاني نظام خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران 20ھين آڪٽوبر2012 تي سڄاڻ سنڌين جي گڏيل بک ھڙتال ڪرڻ جوفيصلو ڪيوويو آھي.
وڌيڪ پڙھو -
پي پي ۾ ماڻھو خوشي ۾ نه پر دٻاءَ تحت شامل ٿي رھيا آھن، سيد غوث علي شاهه
مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ جيڪي به وڏا نالا شموليت ڪري رهيا آهن اهي خوشيءَ سان نه پر دٻاءُ جي تحت پيپلز پارٽيءَ م شامل ٿيا آهن ۽ حڪومت طرفان انهن خلاف حربا استعمال ڪري انهن کي پيپلز پارٽيءَ ۾ آندو ويو
وڌيڪ پڙھو -
نفيسه شاھ جي جلسي تي حملي ۾ جمھوريت دشمن عنصر ملوث آھن، زاهد علي ڀرڳڙي
ماهيگيري واري صوبائي وزير زاهد علي ڀرڳڙي نئين بلدياتي نظام بابت مخالفين کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي امن ترقي خاطر هو نئين قانون جي اعتراضي شقن تي پنهنجون ترميمون تجويز ڪن ته جيئن ان کي سڀني جي اتفاق راءِ سان لاڳو ڪري سگهجي.
وڌيڪ پڙھو -
ڄامشورو ۾ لمس جي ايم ايس خلاف ايس ٽي پي جو مظاهرو، ڌرڻو
ڄامشورو ۾ ايس ٽي پي پاران لمس اسپتال جي مک گيٽ ۽ اي ايم ايس آفيس آڏو ڌرڻو سخت نعريبازي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، حڪومت جو چونڊن ۾ دير جو ڪو به ارادو نه آهي: قمر زمان ڪائره
اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير قمر زمان ڪائره چيو آهي ته عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، حڪومت جو چونڊن ۾ دير جو ڪو به ارادو نه آهي، پيپلزپارٽي جي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي 70 سيڪڙو وسيلا منتقل ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت نئين مڪاني آرڊيننس وارو بل پاس ڪري سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد وجهي ڇڏيو آهي، سيد غوث علي شاهه
مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت نئين مڪاني آرڊيننس وارو بل پاس ڪري سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد وجهي ڇڏيو آهي نئون مڪاني آرڊيننس سنڌ سان وڏي زيادتي ۽ ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ وارو رستو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پريمي جوڙي جون پريس ڪلب خيرپور ۾ دانهون
ٺري ميرواهه جي پريمي جوڙي جون پريس ڪلب خيرپور ۾ دانهون، مائٽ اسانجي پيار جا ويري بڻجي ويا آهن. اسانکي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. اسانکي تحفظ نه ڏنو ويو ته مارجي وينداسين پريمي جوڙي جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون.
وڌيڪ پڙھو -
مڪاني نظام بابت آرڊيننس پاس ڪرڻ کانپوء خيرپور ضلعو احتجاجن جو مرڪز بڻيل
مڪاني نظام بابت آرڊيننس پاس ڪرڻ کانپوء خيرپور ضلعو احتجاجن جو مرڪز بڻيل، پ پ، قومپرستن پاران جلوسن ذريعي طاقت جو مظاهرو، وڪيل برادري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي
وڌيڪ پڙھو