خيرپور

پريمي جوڙي جون پريس ڪلب خيرپور ۾ دانهون

خيرپور(ڊر) ٺري ميرواهه جي پريمي جوڙي جون پريس ڪلب خيرپور ۾ دانهون، مائٽ اسانجي پيار جا ويري بڻجي ويا آهن. اسانکي قتل ڪرڻ چاهين ٿا. اسانکي تحفظ نه ڏنو ويو ته مارجي وينداسين happy married lifeپريمي جوڙي جون اڀ ڏاريندڙ رڙيون. خبر موجب ٺري ميرواهه تعلقي جي ڳوٺ فيض محمد خاصخيلي جي پريمي جوڙي امبرين ڌيءُ غلام اصغر کوکر پنهنجي پريمي الطاف حسين خاصخيلي سان خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد پريس ڪلب خيرپور پهچي رڙيون ڪندي امبرين اخباروارن کي ٻڌايوته ڪجهه وقت کان وٺي مان پنهنجي پريمي الطاف خاصخيلي سان پيار ڪندي آهيان. مان پنهنجي عزيزن کي ساڻس شادي ڪرائڻ لاءِ چيو پر منهنجا عزيز اسانجي پيار جا ويري بڻجي وياجنهن بعد مان پنهنجي پريمي الطاف خاصخيلي سان خيرپور جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. هينئر منهنجا چاچا سومر خان، سوڍل خان، اختر علي ۽ ٻيا اسانکي مارڻ گهرن ٿا ۽ اسانجي پويان هٿياربند لڳائي ڇڏيا آهن جيڪي اسانکي قتل ڪرڻ لاءِ ڳولهيندا وتن ٿا. هنن ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ کان تحفظ جي گهر ڪندي چيوته جيڪڏهن اسانکي تحفظ نه مليو ته اسان ٻئي مارجي وينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button