لاھور
-
ايبٽ آباد ڪميشن جوڙڻ جو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهون:نواز شريف
مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو ته ايبٽ آباد آپريشن جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جو وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهون، پاڪستان کي هڪ رانديڪو بنايوويو آهي، ڪڏهن آمريت ۽ ڪڏهن ٽٽل ڦٽل جمهوريت آئي، وقت سر احتساب ٿيڻ سان ئي جمهوريت هلي سگهي ٿي، ايبٽ آباد آپريشن جي جاچ لاءِ ڪميشن نه ٺهڻ تي ملڪ جي ساک متاثر ٿي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت ڪميشن جوڙڻ کان ڇو گهٻرائي رهي آهي، لاهور ۾ ڪرڪيٽ سمر ڪيمپ جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شاهه آفريدي سپر اسٽار آهي.
وڌيڪ پڙھو -
پي سي بي پاران آفريدي خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي سفارش
: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ۽ وقار يونس وچ ۾ تڪرار ٿيڻ بعد ڪوچ وقار يونس کي ٽيم سميت سڀاڻي آئرلينڊ کان وطن پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شاهد آفريدي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ کي سفارش ڪئي وئي آهي ته سندس ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي به پابندي هنئي وڃي. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد چيو آهي ته وقار يونس جي زال بيمار آهي. ان باوجود کيس سڀاڻي وطن پهچڻ جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پي سي بي چيئرمين اعجاز بٽ چيو آهي ته شاهد آفريدي جي رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ذاتي آهي. پي سي بي سندس ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي نه لڳائي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ملڪ ڦريندڙن ۾ ڪامورا، جج، جرنيل، سياستدان ۽ جاگيردار شامل آهن: شهباز شريف
پنجاب جي وڏي وزير محمد شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ کي جرنيلن، سياستدانن، جاگيردارن ۽ بيوروڪريٽس سميت سڀني لٽيو آهي غريب ماڻهو اڄ تائين ڊالر جي شڪل به ناهي ڏٺي جڏهن ته پرڏيهي امداد ملڪ کي لٽيندڙ هڙپ ڪن ٿا پنجاب حڪومت پنهنجا خرچ گهٽتائي صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جي منصوبن کي هلائيندي هو گذريل ڏينهن جي سي يونيورسٽي ۾ معاشي خودمختياري ۽ خود انحصاري جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو وزيراعليٰ شهبازشريف چيو ته اسان پرڏيهي امداد نه وٺڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي ۽ پرڏيهي امداد نه وٺي به صحت ۽ تعليم سميت سڀني شعبن ۾ بهتري لاءِ منصوبا جاري رکنداسين هن چيو ته پاڪستان ۾ جيتري به غير ملڪي امداد آئي آهي ان سان غريب ۽ عام ماڻهو کي ڪوئي فائدو ناهي ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن پرڏيهي امداد بند ڪئي وڃي ته ان سان عام ماڻهو تي ڪوئي فرق نه پوندو پر ملڪ جي خودمختياري جو تحفظ ٿيندو ۽ اسان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهنداسين
وڌيڪ پڙھو