قومي خبرون

  • معذورن جي سار سنڀال لاءِ ذميواريون نڀائينداسين: صدر زرداري

    صدر آصف علي زرداري معذور ماڻهن جو خاص خيال رکڻ لاءِ مذهبي ۽ انساني فرض قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان پنهنجي اقتدار ۽ آئين جي روشني ۾ معذو ر ماڻهن جي حوالي سان ذميواريون پوريون ڪنداسين، ڇا ڪاڻ ته انهن جي سال سنڀال لهڻ تمام ضروري آهي، اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري معذرو ٻارن جي حقن بابت گڏيل قومن جي ڪنونشن جي توثيق وارن دستاويزن تي صحيحون ڪيون ،ان موقعي تي هن چيو ته عوامي حڪومت معذور ماڻهن جي ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • پهاڙين تي چڙهي ويل بلوچن کي عام معافي ڏيڻ لاءِ تيارآهيون: رحمان ملڪ

    وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ڪوئيٽا شوريٰ جو ڪو وجود ناهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ان حوالي سان ڪا ڄاڻ آهي ته اسان سان ونڊي، اسان پڻ ڪارروائي ڪنداسين، بلوچستان مان رڳو 38 ماڻهو گم ٿيل آهن، ناراض بلوچ ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد کان ڪوئيٽا پهچڻ تي وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير مير ظفر الله زهري به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته صحافي سليم شهزاد جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايتن تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي، جنهن جي رپورٽ آڌار ذميوار فردن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پنج پرڏيهين جي مارجڻ واري واقعي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي جيڪا ڪميشن جوڙي وئي آهي تنهن جي رپورٽ اچڻ تي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان جو عوام ملڪ سان اهڙي ريت ئي حب رکي ٿو، جيئن پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواه جا ماڻهو حب رکن ٿا.

    وڌيڪ پڙھو
  • بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون،جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙ ملڪ جا خيرخواهه نه آهن:وزير اعظم

    وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قومي مفادن ۾ بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون جڏهنته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا بابت ا هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، بلوچستان صوبي ۾امن امان بابت ڪوئيٽا ۾ ڪوٺايل اهماجلاس کي خطاب ڪندي وزي اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻ هرمهيني بلوچستان جو دورو ڪندس،هن چيو ته وفاقي ڪابينا جو ايندڙ اجلاس ڪوئيٽا ۾ ٿيندو، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوري حڪومت طرفان بلوچستان کي ڏنل آغاز حقوق پيڪيج تي عمل جاري آهي جيڪڏهن توهان کي اسان تي اعتبار ناهي ته وفاقي ڪابينا جو ايندڙ اجلاس ڪوئيٽا ۾ ڪرايو ويندو ۽ ان جي ايجنڊا صرف آغاز حقوق بلوچستان هوندو. هن چيو ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي رولڙي جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين، گورنر بلوچستان سان گڏجي صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان پاليسيون جوڙيون آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • هاڻي صرف عام چونڊون ئي ٿينديون، ايندڙ اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي کي ڪامياب ٿيڻو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان جي مخالفن کي به خبر پئجي چڪي آهي ته مڊٽرم اليڪشن جو دور گذري چڪو آهي، هاڻي صرف عام چونڊون ئي ٿينديون.ايندڙ سال مارچ ۾ سينيٽ ۾ به پيپلزپارٽي جي اڪثريت ٿي ويندي پوءِ ماڻهن کي ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته ايندڙ اليڪشن ۾ به پيپلزپارٽي کي ڪامياب ٿيڻو آهي، سرڪٽ هائوس ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان چور دروازي مان نه پر ووٽ جي طاقت سان ٻيهر اقتدار ۾ ايندڙن کي تسليم ڪنداسين، هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اقتدار جي پارٽي نه آهي هي جدوجهد ڪندڙ پارٽي آهي، اسان اقتدار ۾ هجون يا اقتدار کان ٻاهر جمهوريت ۽ ماڻهن جي حقن لاءِ وڌيڪ موثر ۽ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا، حڪومت اسان جي ڪمزوري نه آهي، هن چيو ته وفاق جي پارٽي هجڻ جي ناطي پيپلزپارٽي تي ذميداريون به وڌيڪ لاڳو ٿين ٿيون، اڄ اسان وٽ سادي اڪثريت آهي پر ان جي باوجود چوٿون بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • پشاور جي علائقي متني بازار ۾ واقع بس اڏي جي ويجھو ڌماڪي ۾ 6 افراد فوت ٿي ويا

    پشاور: پوليس ذريعن جو چوڻ مطابق پشاور جي جي علائقي متني بازار ۾ ڌماڪو ھڪ پڪ اپ ويگن ۾ ٿيو جيڪا ڪال خيل وڃي رھي ھئي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ماڻھو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته ڏھ زخمي ٿي پيا ڌماڪي کان پوءِ ريسڪيو جون ٽيمون واقعي واري ھنڌ پھچي ويون ۽ زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي ھنگامي صورتحال جي ڪري ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي جڏھن ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن علائقي جو گھيرو ڪري تحقيق شروع ڪري ڏني آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ فائرنگ، بي اين پي اڳواڻ سميت 5 ڄڻا قتل

    ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻن بلوچن جا چچريل لاش به مليا آهن، واقعي خلاف ڪوئيٽا سميت مختلف علائقا بند ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڪوئيٽا جي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ فائرنگ ڪري محمد يوسف کي قتل ڪيو ويو، تربت ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن هوٽل تي ويٺل نيشنل پارٽي جي ڊپٽي آرگنائيزر ڊاڪٽر نسيم جنگيان کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، تربت جي هوشاب علائقي ۾ رسول بخش کي گوليون هڻي ماريو ويو. هوڏانهن اوٿل ۾ پوليس ٻن ڄڻن احمد خان سرڪنا ۽ طارق بلوچ سڪنا جا لاش هٿ ڪيا آهن، جن کي تشدد ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. سندن منهن چچريل هئا، جن جو تربت سان تعلق ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته دشت جي علائقي ۾ ٻن ٺيڪيدارن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • مهراڻ بيس واقعي جو ماسٽر مائينڊ الياس ڪاشميري ڏکڻ وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو

    ڪراچي ۾ پي اين ايس مهراڻ بيس تي حملي جو ماسٽر مائينڊ الياس ڪاشميري ڏکڻ وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو، پابندي مڙهيل تنظيم حرڪت جهاد اسلامي الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، تنظيم جي ترجمان ابو حنظله پاران ميڊيا کي هڪ خط موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ برطانوي ٽي وي کي چيو آهي ته آمريڪا کان ان جو بدلو وٺنداسين. وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ الياس ڪاشميري جي مارجڻ جي خبر نشر ڪئي، ذريعن موجب الياس ڪاشميري 10 ڏينهن اڳ خيبر ايجنسي مان وانا آيو هو ۽ حملي کان اڌ ڪلاڪ اڳ ٺٽائي جي علائقي پهتو هو ۽ ساٿين سان گڏجي چانهه پي رهيو هو ته آمريڪي ڊرون حملو ڪيو ويو، برطانيه اهڙي خبر جي ترديد ڪري ڇڏي هئي

    وڌيڪ پڙھو
  • ٻيلن جي تحفظ، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ماحولياتي آلودگي جي منفي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري

    صدر آصف علي زرداري ٻيلن جي تحفظ، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ ۽ خوشحال مستقبل جي لاءِ ماحولياتي آلودگي جي منفي اثرن جي روڪٿام جي لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت ماحوليات جي تحفظ لاءِ ڪيترن ئي پروگرامن تي عمل پيرا آهي. هن اها ڳالهه ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو اڄ آچر ڏينهن پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات جي پروگرام کي سال 2011ع "ٻيلن جي فطرت توهان جي خدمت" جو موضوع اختيار ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي موضوع زندگي جو معيار، ٻيلن جي ضرورت ۽ ٻيلن جي نظام جي عالمي فطري لاڳاپن جي نشاندهي ڪري ٿو.

    وڌيڪ پڙھو
  • پي سي بي پاران آفريدي خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي سفارش

    : پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ۽ وقار يونس وچ ۾ تڪرار ٿيڻ بعد ڪوچ وقار يونس کي ٽيم سميت سڀاڻي آئرلينڊ کان وطن پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شاهد آفريدي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ کي سفارش ڪئي وئي آهي ته سندس ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي به پابندي هنئي وڃي. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد چيو آهي ته وقار يونس جي زال بيمار آهي. ان باوجود کيس سڀاڻي وطن پهچڻ جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پي سي بي چيئرمين اعجاز بٽ چيو آهي ته شاهد آفريدي جي رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ذاتي آهي. پي سي بي سندس ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي نه لڳائي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ملڪ ڦريندڙن ۾ ڪامورا، جج، جرنيل، سياستدان ۽ جاگيردار شامل آهن: شهباز شريف

    پنجاب جي وڏي وزير محمد شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ کي جرنيلن، سياستدانن، جاگيردارن ۽ بيوروڪريٽس سميت سڀني لٽيو آهي غريب ماڻهو اڄ تائين ڊالر جي شڪل به ناهي ڏٺي جڏهن ته پرڏيهي امداد ملڪ کي لٽيندڙ هڙپ ڪن ٿا پنجاب حڪومت پنهنجا خرچ گهٽتائي صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جي منصوبن کي هلائيندي هو گذريل ڏينهن جي سي يونيورسٽي ۾ معاشي خودمختياري ۽ خود انحصاري جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو وزيراعليٰ شهبازشريف چيو ته اسان پرڏيهي امداد نه وٺڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو آهي ۽ پرڏيهي امداد نه وٺي به صحت ۽ تعليم سميت سڀني شعبن ۾ بهتري لاءِ منصوبا جاري رکنداسين هن چيو ته پاڪستان ۾ جيتري به غير ملڪي امداد آئي آهي ان سان غريب ۽ عام ماڻهو کي ڪوئي فائدو ناهي ٿيو. هن چيو ته جيڪڏهن پرڏيهي امداد بند ڪئي وڃي ته ان سان عام ماڻهو تي ڪوئي فرق نه پوندو پر ملڪ جي خودمختياري جو تحفظ ٿيندو ۽ اسان پنهنجن پيرن تي بيهي سگهنداسين

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button