قومي خبرون
-
پاڪستان ۽ افغانستان پاران خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جو عزم
پاڪستان ۽ افغانستان جي قيادت خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي فروغ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي ۽ پن بجلي، مواصلات، مالياتي شعبي، صحت ۽ تعليم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گهڻ ملڪي منصوبن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ، سفارتي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهن لاءِ ويزا جو شرط ختم ڪرڻ، منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان مشاورت جو عمل تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي قيادت پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام، دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي لعنت جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ واري عزم کي ورجائيندي افغانستان ۾ امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ان ڏس ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪميشن جوڙڻ لاءِ طريقيڪار طئي ڪرڻ تي اطمينان ظاهر ڪيو آهي. ٻنهي ملڪن عوامي سطح تي رابطا ۽ واپاري سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌائڻ لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي تي 12 جون کان عمل شروع ٿي ويندو. وچ ايشيائي رياستن جي ان ۾ شموليت لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون وينديون
وڌيڪ پڙھو -
قومي ادارن کي تقسيم ڪرڻ جي سازش ملڪي مفاد ۾ نه هوندي: آرمي چيف
آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني چيو آهي ته پاڪستان لاءِ عسڪري امداد بجاءِ اقتصادي امداد وڌيڪ ضروري آهي. آرمي چيف جنرلاشفاق پرويز ڪياني چيو ته حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته فوجي امداد عام ماڻهن جي بهتري لاءِ استعمال ڪئي وڃي. هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن بابت فوج جامع سوچ ويچار ڪري رهي آهي. اتر وزيرستان ۾ ڪنهن دٻاءُ تي مخصوص وقت ۾ آپريشن نه ڪيو ويندو. آپريشن جي نوعيت ۽ وقت جو سياسي اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي صدارت ۾ 139 هون ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ داخلي سيڪيورٽي، دهشتگردي تعلق بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ آمريڪا سان گڏ ملٽري ٽو ملٽري رابطن تي به بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته ڪانفرنس ۾ ميڊيا جي ڪردار تي پڻ بريفنگ بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪماندر ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو
وڌيڪ پڙھو -
سپريم ڪورٽ ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 30 ڏينهن ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو:چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ رينجرس هٿان نوجوان جي مارجڻ واري واقعي تي سنڌ جي آءِ جي ۽ ڊائريڪٽر جنرل رينجرز کي ٽن ڏينهن ۾ عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. واقعي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي سلطان خواجه مقرر 7 ڏينهن ۾ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت، سپريم ڪورٽ چيو آهي ته رينجرز کي گولي هلائڻ جو اختيار ناهي. اها ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ بدران پاڻ قتل ڪري رهي آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ ڪراچي ۾ رينجرز هٿان نوجوان سرفراز شاهه جي مارجڻ واري واقعي جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي. ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري حڪم ڏنو ته سنڌ جي آءِ جي فياض لغاري ۽ ڊي جي رينجرز سنڌ کي 3 ڏينهن ۾ پنهنجي عهدن تان هٽايو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ صحافين جو واڪ آئوٽ، چيئرمين طرفان زاهد کوکر ۽ عبدالسلام کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي رولنگ
صحافين ڪراچي ۾ رينجرز هٿان نوجوان مارجڻ ۽ پيش ايندڙ واقعي جي وڊيو ٺاهيندڙ ڪئميرامين کي ملندڙ ڌمڪين خلاف سينيٽ جي پريس گيلري مان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو. ڪالهه جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث دوران پريس گيلري ۾ ويٺل صحافين واڪ آئوٽ ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن جهانگير بدر، امتياز صفدر وڙائچ ۽ صحت جي وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي واڪ آئوٽ ختم ڪرايو. صحافين مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ رينجرز هٿان مارجندڙ نوجوان جي رپورٽنگ ڪندڙ سينيئر صحافي زاهد کوکر، ڪئميرامين عبدالسلام سومرو ۽ خروٽ آباد واقعي جي وڊيو ٺاهيندڙ ڪئميرامين جمال ترڪئي کي تحفظ فراهم ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين، ڪير به مقدس ڳئون بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري: نواز شريف
مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو ته پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پنهنجن ئي ادارن پهچايو ۽ غلطيون سڀني کان ٿيون آهن، انهن مان سکڻ جي ضرورت آهي، ڪنهن کي به آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين، لاهور ۾ صحافي سليم شهزاد جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته تبديلي لاءِ پختو ارادو ٿيندو پيو وڃي. ان لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو ته ڪنداسين، فوج جي بجيٽ پارليامنيٽ ۾ آڻڻ جي ڳالهه غلط آهي ۽ آءِ ايس آءِ جي بجيٽ جي هائوس ڪميٽي کي جاچ ڪرڻ گهرجي ادارن جي عزت ڪرائڻ چاهيون ٿا، نواز شريف چيو ته جيڪڏهن پنهنجي گريبان ۾ ڏٺو وڃي ها ته ايبٽ آباد ۽ پي اين ايس مهراڻ جا واقعا نه ٿين ها. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني آمريڪي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن کي چيو هو ته پارليامينٽ جي قرارداد جو احترام ڪيو وڃي پر حڪومت کي قومي اسيمبلي جي قرارداد جو پهرين پاڻ احترام ڪرڻ گهرجي. ڪشمير مسئلي کي سڀ کان وڌيڪ اسان جي ادارن نقصان پهچايو آهي، هاڻي ڪنهن کي به آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين ۽ نه وري صحافين کي مارڻ ڏنو ويندو. جيڪڏهن ٻيهر لانگ مارچ ڪرڻو پيو…
وڌيڪ پڙھو -
خورشيد شاهه نواز ليگ جو ماڻهو آهي(تهمينا دولتانه) منهنجي جان ڇڏ: خورشيد شاهه
مسلم ليگ (ن) جي ميمبر تهمينه دولتانه سيد خورشيد شاهه کي پنهنجي پارٽي جو ماڻهو قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته سيد خورشيد شاهه ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي، ان کي اسان حڪومت جو نه پر پنهنجو ميمبر سمجهون ٿا. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران مسلم ليگ (ن) جي ميمبر تهمينه دولتانه حڪومتي ميمبرن ۽ وزيرن لاءِ دلچسپ ڳالهيون ڪندي رهي. بجيٽ تي تقرير دوران تهمينه دولتانه بار بار وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جو نالو کنيو ۽ ان سان مخاطب ٿيندي رهي. تهمينه دولتانه چيو ته سيد خورشيد شاهه ڏاڍو سٺو انسان آهي
وڌيڪ پڙھو -
صدر آصف علي زرداري ۽ افغان صدر حامد ڪرزئي جي وچ ۾ دهشتگردي، ٻطرفي راهداري معاهدي، خطي جي امن ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه
صدر آصف علي زرداري پاڪ افغان ٻطرفي راهداري واپار معاهدي کي وچ ايشيائي رياستن سان ٽه ڌري راهداري واپار معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان خطي جي ترقي لاءِ نئين دور جي شروعات ٿيندي، ٻنهي ملڪن کي شدت پسندي ۽ دهشتگردي کي گڏجي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ افغان صدر حامد ڪرزئي سان ون ٽو ون ۽ بعد ۾ ٻنهي صدرن جي سربراهي ۾ وفدن جي سطح تي ٿيل ملاقات دوران ڪيو. وفدن جي سطح تي ڳالهين ۾ افغانستان پاران اعليٰ امن ڪائونسل جو چيئرمين برهان الدين رباني، پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ظلمي رسول، دفاعي وزير جنرل عبدالرحيم وردڪ، گهرو وزير بسم الله محمدي، توانائي جو وزير محمد اسماعيل خان، واپار جو وزير انوارالحق احدي، تعليم جو وزير ڊاڪٽر فاروق وردڪ ۽ افغانستان جو سفير محمد عمر دائودزئي شامل هئا. جڏهن ته پاڪستاني وفد ۾ صنعتن ۽ پيداوار، دفاعي پيداوار، واپار، گهرو، ناڻي، پاڻي ۽ بجلي ۽ سيفران جا وزير شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا.
وڌيڪ پڙھو -
تڪرارن کي صحيح طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪيترائي ڪيس عدالت ۾ اچڻ کان اڳ حل ٿي سگهن ٿا:چيف جسٽس
چيف جسٽس چيو آهي ته پوليس کي سياسي اثر ۽ دٻاءُ هيٺ نه پر قانون موجب ڪم ڪرڻ گهرجي، گرفتار جوابدار سان قانون موجب ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، عام ماڻهن کي پوليس کان تمام گهڻيون شڪايتون آهن، انصاف جي فراهمي صرف عدالتن جي ذميواري ناهي پر لاڳاپيل ادارن کي به انصاف جي فراهمي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، ڪالهه سکيا وٺندڙ پوليس آفيسرن کي سپريم ڪورٽ ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس افتخار چوڌري چيو ته انصاف جي فراهمي صرف عدالتن جي ذميواري ناهي پر سمورن لاڳاپيل ادارن جو فرض آهي ته اهي انصاف فراهم ڪن، هن چيو ته ڏوهن جي معاملي ۾ انصاف جي فراهمي پوليس جو بنيادي فرض آهي، ڇاڪاڻ ته متاثر ڌر سڀ کان پهرين پوليس وٽ ايندي آهي، هن چيو ته جمهوري ۽ آئيني تقاضا آهي ته عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي، پوليس جي ڪردار کي 2002ع واري آرڊر ۾ واضح ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
رينجرز جي ھٿان نوجوان جو قتل، سپريم ڪورٽ ۾ سماعت جاري
سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ رينجرز جي ھٿان نوجوان جي قتل جي ازخود نوٽس جي سماعت شروع ٿي ويئي آھي. عدالت عظميٰ جي لارجر بينچ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراھي ۾ ڪيس جي سماعت ڪري رھي آھي. سماعت جي دوران سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ رينجرز جي مقرري جو نوٽيفيڪيشن گھرائي ورتو. چيف جسٽس پڇيو ته رينجرز جو ڪراچي ۾ مقرري جو ڪھڙو مقصد آھي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته رينجرز کي ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ھيو. تنھن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ھي ته الٽو ٿي رھيو آھي، روڪڻ جي بجاءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آھي. ان موقعي تي گھرو وفاقي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته رينجرز تي انتظامي ڪنٽرول ته وفاق جو آھي
وڌيڪ پڙھو -
پاڪستان جاپان سان پنهنجن خوشگوار لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انڊس هاءِ وي سميت مختلف وڏا منصوبا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تعاون جا مثال آهن: صدر آصف علي زرداري
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجن خوشگوار لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انڊس هاءِ وي سميت مختلف وڏا منصوبا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي تعاون جا مثال آهن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه خميس ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ جاپان جي نائب پرڏيهي وزير ڪورو بيشو سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ جاپان جو سفير هيروشي ۽ ٻيا جاپاني عملدار به موجود هئا، جڏهن ته صدر جي مدد سيڪريٽري جنرل سلمان فاروقي، پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير، جاپان ۾ پاڪستان جي سفير نور محمد جدماني ۽ صدارتي ترجمان فرحت الله بابر ڪئي.
وڌيڪ پڙھو