قومي خبرون
-
برسات سبب وڌيڪ 27 ڄڻا فوت، بدين مان هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ،ڪلوئي۽ ستون ميل شهر خالي ڪرڻ جو حڪم
برسات متاثرن علائقن ّ۾ حالتون بدستور خراب آهن ۽ مختلف واقعن ۾ وڌيڪ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا.ٺٽي جي غلام الله شهر ۾ گيسٽرو وگهي ٻن سالن جو شڪيل گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو،جڏهن ته 20 کان وڌيڪ اسپتال داخل آهن.عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ چيل بند ۾ برسات متاثر ٻن ورهين جي نينگري پريمي ۽ مونوٽيڪنيڪل ڪاليج ڪيمپ ۾ ترسيل 6 ورهين جو راجيش اوڏ فوت ٿي ويا.ساڳي علائقي جي ڳوٺ نونهٽو ۾ گيسٽرو وگهي 40 ورهين جو بلال هاليپوٽو، 65 ورهين جو چمن ڪولهي ۽ 6 ورهين جو چيتن ڪولهي فوت ٿي ويا.ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ گولو ميرجت ۾ نوجوان حفيظ ميرجت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.ساڳي علائقي جي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ نينگري نرمل گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي.ٻڍو قمبراڻي جي ڳوٺ حاجي رحمت الله آرائين ۾ 60 ورهين جو ماڙو ڪولهي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو.
وڌيڪ پڙھو -
سيد قائم علي شاهه کي وفاقي حڪومت ۾ آڻڻ ۽ خورشيد شاهه کي مشير اعليٰ بعد وڏو وزير بڻائڻ جو فيصلو
: صدر آصف زرداري ڪيترن ئي ڏينهن جي مشاورت کان پوءِ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي سياسي تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن جو اعلان اڄ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿو. صدر آصف زرداري ڪراچي جي بگڙجندڙ صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ نه رڳو پيپلزپارٽي جي اهم اڳواڻن سان مشاورت ڪئي آهي پر پنهنجي اتحادي متحده جي سربراهه الطاف حسين، اي اين پي جي سربراهه اسفند يار ولي ۽ جي يو آءِ جي صدر مولانا فضل الرحمان سان پڻ مشورا ڪيا آهن. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي مرڪزي حڪومت ۾ آڻڻ ۽ وفاقي وزير خورشيد شاهه کي پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ مشير اعليٰ بڻائڻ بعد وزيراعليٰ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
خيبر ايجنسي ۾ جمعي نماز دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو،57 نمازي شهيد،127 زخمي
خيبر ايجنسي جي تعلقي جمرود ۾ جمعي جي نماز جي موقعي تي جامع مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 57 نمازي شهيد ۽ 127 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب خيبر ايجنسي جي تعلقي جمرود جي علائقي غنڊئي ۾ المدينه جامع مسجد ۾ ان وقت زوردار ڌماڪو ٿيو جڏهن ماڻهون جمعي جي نماز ادا ڪري رهيا هئا. جنهن دوران هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. ڌماڪي سبب جامع مسجد شهيد ٿي وئي ۽ ڪيترائي نمازي ملبي هيٺان دٻجي ويا، بم ڌماڪي وقت مسجد ۾ 500 کان وڌيڪ نمازي موجود هئا. جامع مسجد ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب مسجد جو وڏو حصو شهيد ٿي ويو، ڇت ۽ ديوارون ڪري پيون، اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو آپگهاتي بمبار پاران ڪيو ويو، ڌماڪو ايترو شديد زوردار هو جيڪو پري پري تائين ٻڌو ويو، جنهن سبب ڀرپاسي جون عمارتون به ڌڏي ويون ۽ عمارتن جا شيشا ٽٽي پيا
وڌيڪ پڙھو -
موجوده جمهوريت مان ذلت ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو، خطرناڪ وقت اچي سگهي ٿو:نواز شريف
مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته موجوده جمهوريت مان ذلت ۽ خواري کان سواءِ ڪجهه به نه مليو آهي، پاڪستان ان ڪري نه ٺاهيو ويو هو ته دنيا ۾ غريب ۽ پٺتي پيل ملڪ جو اضافو ٿئي، آئون شاهدي ڏيان ٿو ته قوم ۾ 1947ع وارو جذبو موجود آهي، لاهور ۾ حضوري باغ ۾ يوم آزادي جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان لاءِ فڪر مند رهندو آهيان ۽ هر پاڪستاني کي ان لاءِ ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، اڄ به ملڪ جون حالتون ڏسي ڏک ٿئي ٿو، جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪيو ته ايندڙ وقت خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، اسان کي دل سان عهد ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي تقدير تبديل ڪري رهنداسين، موجوده جمهوريت ذلت ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، موجوده جمهوريت جي بحالي لاءِ گهڻيون قربانيون ڏنيون، قوم ججن کي بحال ڪرايو، عدليه جي آزادي کي بحال ڪرايو
وڌيڪ پڙھو -
جي ايڇ ڪيو تي حملي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي موت، 4 کي عمر قيد ۽ ٻن کي 7،7 سال سزا
فوجي عدالت راولپنڊي ۾ جي ايڇ ڪيو تي حملي ۾ ملوث مک جوابدار کي ڦاهي، چئن کي عمر قيد ۽ ٻن جوابدارن کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ذريعن موجب 10 آڪٽوبر 2009ع ۾ جي ايڇ ڪيو تي ٿيل حملي جي ڪيس جو فيصلو فيلڊ ڪورٽ مارشل ٻڌايو، فوجي عدالت مک جوابدار ڊاڪٽر عثمان سميت 7 جوابدارن جو ٽرائيل شروع ڪيو هو، فوجي عدالت ٻن فوجي اهلڪارن ۽ 5 سويلين جوابدارن کي سزا ٻڌائي آهي. سپاهي عقيل عرف عثمان کي موت ۽ سندس ساٿي عمران صادق کي عمر قيد جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. فوجي عدالت جي فيصلي موجب سپاهي عقيل عرف ڊاڪٽر عثمان کي 2 لک ۽ هڪ ٻئي جوابدار عمران صادق کي هڪ لک روپيا ڏنڊ به ڀرڻو پوندو
وڌيڪ پڙھو -
لاهور ۾ هٿياربند آمريڪي شهري کي اغوا ڪري کڻي ويا
لاهور جي ماڊل ٽائون علائقي جي جي –49 بلاڪ ۾ 12 هٿياربند هڪ گهر ۾ گهڙي 63 سالن جي آمريڪي شهري مسٽر وارن کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا، نامعلوم هٿياربند سحري جي وقت گهر جي چوڪيدار تي تشدد ڪري گهر ۾ داخل ٿيا، آمريڪي شهري جي اغوا جي خبر پوڻ شرط سي سي پي او لاهور طاهر رضا ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي گهر جي ملازمن کي حراست ۾ ورتو ۽ پوري شهر ۾ ناڪابندي جو حڪم ڏنو، جڏهن ته آمريڪي شهري جي اغوا جو ڪيس ماڊل ٽائون ٿاڻي ۾ 12 نامعلوم هٿياربندن جي خلاف ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. آمريڪي شهري ڇهن سالن کان پاڪستان ۾ رهيل هو ۽ هو پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ هلندڙ غير ملڪي ترقياتي ڪمن جو انچارج هو.
وڌيڪ پڙھو -
سرائيڪي بيلٽ کي پاڻي فراهمي لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوليو آهي، ارسا سنڌ جو اعتراض رد ڪري ڇڏيو
ارسا پاڻي کوٽ ۽ چشما جهلم لنڪ بند ڪرڻ لاءِ سنڌ جي موقف کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڻي جي ڪا کوٽ ناهي، سرائيڪي بيلٽ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهايو پيو وڃي. انهي حوالي سان ڪالهه ارسا جي چئرمين رائو ارشاد سنڌ جي چشما جهلم ۽ تونسا پجند لنڪ ڪئنالن تي واريل اعتراضن بابت لکت ۾ جواب ڏنو آهي جنهن ۾ هن سنڌ جي عتراضن کي رد ڪندي چيو آهي سنڌ سميت ملڪ اندر پاڻي جي ڪا کوٽ ناهي، سنڌ کي پيرا ٽو تحت ملندڙ حصي کان هن وقت ٽي سيڪڙو پاڻي وڌيڪ پاڻي ملي رهيو آهي، سنڌ کي پيرا ٽو تحت حصو هڪ لک 37 هزار ڪيوسڪ پاڻي ٺهي ٿو پر هن وقت سنڌ کي هڪ لک 45 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي جاري آهي، پنجاب کي هڪ لک 12 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي جاري آهي انهي ۾ ڪا واڌ ناهي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت پاران ڪراچي ۾ آپريشن نه ڪرڻ جو فيصلو، مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻ لاءِ ڳالهين ۽ انتظامي قدمن جا اختيار صدر حوالي
ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ انتظامي ۽ قانوني قدم کڻڻ سان گڏ سمورين ايم ڪيو ايم سميت ٻين پارٽين سان مفاهمتي پاليسي تحت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اتحادي پارٽين صدر آصف کي اختيار ڏئي ڇڏيا، آپريشن نه ڪرڻ جو فيصلو ڪالهه ايوان صدر ۾ ڪراچي جي صورتحال بابت ايوان صدر ۾ لڳاتار 3 گڏجاڻيون ٿيون، پهرئين گڏجاڻي سنڌ ڪابينا جي ٿي جنهن ۾ پ پ پ، اي اين پي، مسلم ليگ ق ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي وزيرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني گڏيل طور ان جي صدارت ڪئي، ان گڏجاڻي ۾ ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ صدر آصف کي اختيار ڏنا ويا ته هو سياسي ڌرين سان ڳالهيون ڪري، ان گڏجاڻي ۾ اهو به طئه ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هر قيمت تي امن امان برقرار رکيو ويندو ۽ ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، گڏجاڻي 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي. جنهن ۾ گهرو وزير رحمان ملڪ، وفاقي وزير مخدوم امين فهيم، سينيٽر ڊاڪٽر بابر اعواڻ، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اتحادي پارٽي جي وزيرن به شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ صوبي ۾…
وڌيڪ پڙھو -
بينظير ڀٽو کي ڏينهن ڏٺي بي رحمي سان قتل ڪيو ويو، قاتلن کي وائکو ڪرڻ ۾ ڪنهن به دلچسپي نه ورتي:چيف جسٽس
سپريم ڪورٽ شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي نئين ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ سندس پروٽوڪول آفيسر چوڌري اسلم جي درخواست تي حڪومت کان گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ جون رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جسٽس طارق پرويز ۽ جسٽس امير هاني مسلم تي ٻڌل بئنچ شهيد بينظير ڀٽو جي پروٽوڪول آفيسر چوڌري اسلم جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي چوڌري اسلم لاهور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائيندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي ايف آئي آر ۾ جنرل پرويز مشرف، پرويز الاهي، اڳوڻي وزير حامد نواز، اڳوڻي سيڪريٽري ڪمال شاهه، بابر اعواڻ، رحمان ملڪ، اعجاز شاهه، سعود عزيز سميت ٻارنهن ماڻهن جا نالا داخل ڪيا وڃن، عدالت کي هن استدعا ڪئي ته سندس درخواست لاهور هائيڪورٽ مان رد ٿي آهي انهي ڪري هو سپريم ڪورٽ ۾ انصاف لاءِ آيو آهي انهي موقعي تي چيف جسٽس پڇيو ته گڏيل قومن محترمه بينطير ڀٽو جي قتل جي جاچ ڪئي هئي انهي جي سفارشن تي عمل ٿيو آهي يا نه؟
وڌيڪ پڙھو -
ڪجهه عنصر معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ فوتگين جي پرزور مذمت ڪندي ان کي ڪڌي ڪارروائي قرار ڏنو آهي، ڪالهه ڇنڇر ڏينهن صدر چيو ته ڪجهه عنصر معاشري جي مختلف طبقن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت پاڪستان جي عوام جي مدد سان ان قسم جي ڪاررواين کي ناڪام بڻائي ڇڏيندي، صدر صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اهڙن عنصرن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن قدمن کڻن ته جيئن انهن کي قانون جي مطابق سخت سزا ڏئي سگهجي. اي پي پي
وڌيڪ پڙھو