قومي خبرون
-
جلسن جلوسن سان ڪوئي فرق نه پوندو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ عوامي حمايت جو هجڻ ضروري آهي: مشاھد حسين سيد
مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي تعزيت کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جلسن جلوسن سان ڪوئي فرق نه پوندو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ عوامي حمايت جو هجڻ ضروري آهي. بيان بازين سان حڪومتون نه وينديون آهن. پيپلزپارٽيءَ سان اتحادي هجڻ باوجود اسان چونڊن ۾ حصو وٺنداسون. مگر سيٽ ايڊجسٽمنٽ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. پنجاب ۾ تبديليءَ جي حوالي سان هن چيو ته مون کي علم نه آهي ته ائين ممڪن به نه آهي
وڌيڪ پڙھو -
گو زرداري گو جا نعرا ھڻندڙ پارٽيون سياسي تنھائي جو شڪار آھن: فردوس عاشق اعواڻ
وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غير جمهوري قوتون گو زرداري گو جا نعرا هڻي رهيون آهن ۽ اهي سياسي تنهائيءَ جو شڪار آهن، هي وقت سياست جو نه آهي. هن نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته محترمه نصرت ڀٽو جي وصال سان پاڪستاني سياست جو هڪ معتبر باب بند ٿي ويو آهي، هن چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ بادشاهي ڪرڻ وارا پنهنجي مفادن کي جمهوريت چوندا آهن جڏهن اهي حڪومت ۾ نه هوندا آهن
وڌيڪ پڙھو -
القاعده پاران بلاول ڀٽو زرداري کي اغوا واري منصوبي جو انڪشاف، شهباز تاثير افغان سرحدي علائقي ۾ آهي: وفاقي سرڪار
وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته شهباز تاثير زندهه آهي ۽ پاڪ-افغان سرحد ويجهو علائقي ۾ آهي، سياسي قيادت ۽ وي آءِ پيز کي دهشتگردن مان خطرو آهي، القاعده ۽ تحريڪ طالبان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وي آءِ پيز کي اغوا ڪري سگهن ٿا، انهن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، ڪنهن به خانگي ايجنسي يا بليڪ واٽر سان ڪو به تعلق نه آهي.سومر جي ڏينهن نادرا هيڊوڪارٽرز ۾ ملازمن کي مستقل ڪرڻ واري موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀٽو خاندان جون ملڪ لاءِ قربانيون سڀني آڏو آهن.
وڌيڪ پڙھو -
هفتي ۾ 2 موڪلون ۽ مارڪيٽون سج لٿي بند ٿينديون ، ڪابينا پيپڪو کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
حڪومت توانائي جي بحث ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ ٻه موڪلون ڪرڻ، شادي هال 10 وڳي بند ڪرڻ، سائين بورڊن جي بجلي رات جو بند ڪرڻ ۽ ڪمرشل مارڪيٽون سج لٿي جو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ 45 ڏينهن کان وڌيڪ بل جمع نه ڪرائيندڙ جي بجلي ڪٽڻ ۽ نئين ڪنيڪشن جي سيڪيورٽي ڊپازٽ ٻيڻو ڪرڻ سميت پيپڪو کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪالهه وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صرف ٽي ايجندا بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي ۽ ان بحران مان نڪرڻ جي حل بابت غور ڪيو ويو، اجلاس بعد ناڻي کاتي جي وفاقي وزير حفيظ شيخ سان گڏ پاڻي بجلي جي وفاقي وزير نويد قمر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
نواز ليگ جو قومي اسيمبلي ٻاهران ٻيهر ڌرڻو، جنهن تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو: نواز شريف
نواز ليگ جو قومي اسيمبلي ٻاهران ٻيو ڀيرو ڌرڻو، حڪومت خلاف سخت نعريبازي، نواز ليگي سربراهه چيو آهي ته جنهن شخص تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو، ڪراچي جون حالتون صحيح ٿيڻ بجآءِ وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن، حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري ريفرنس اماڻي، ڪالهه نواز ليگ پنجاب هائوس ۾ پارٽي اجلاس ڪرڻ نوا ليگ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن پارليامينٽ هائوس آڏو ٻيو ڀيرو ڌرڻو هنيو، حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻِي واري هنڌ نواز ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف پهچي ويو، جنهن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي حڪمرانن جو اهو حال رهيو ته جنهن شخص تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ها ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو
وڌيڪ پڙھو -
جمهوري طريقي سان تبديلي اڻٽر آهي، اسٽيڪ هولڊرز کي ميثاق جمهوريت ۾ شامل ڪيو وڃي: نواز شريف
مسلم ليگ نون جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوري طريقي سان تبديلي اڻٽر آهي.مسلم ليگ ق جي اڳوڻي ايم اين اي سميرا ملڪ رائيونڊ ۾ مسلم ليگ نون جي سربراهه ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ توڙي پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ميان نواز شريف چيو ته ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته ميثاق جمهوريت ئي ملڪي مسئلن جو حل آهي
وڌيڪ پڙھو -
ناراض بلوچن وٽ هلي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪري امن جو رستو اختيار ڪن: وزيراعظم
وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آمريڪا سان ڪجهه وقت اڳ خراب ٿيل لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي،جڏهن ته بلوچستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهندڙن کي مايوسي جو منهن ڏسڻو پوندو.هن اهڙو اظهار ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج ۾ شامل بلوچستان جي 4 هزار کان وڌيڪ جوانن جي پاسنگ آئٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني،بلوچستان جي گورنر ذوالفقار مگسي،صوبائي وزيرن ۽ ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.وزيراعظم يوسف رضا گيلاني گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو،جڏهن ته فوجي جوانن ڪيترائي ڪرتب ڏيکاريا.وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ وڌيڪ چيو ته مان ۽ پاڪ فوج، ملڪي سلامتي ۽ خومختياري لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
وڌيڪ پڙھو -
بجلي تي سبسڊي وڌيڪ گهٽائڻ جو فيصلو، اگهه 40 پئسا في يونٽ وڌڻ جو امڪان
بجلي تي ڏني ويندڙ سبسڊي کان 24 ارب رپيا وڌيڪ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو بجلي 40 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي ويندي. پاڻي۽ بجلي جي وزارت جي ذريعن موجب حڪومت بجلي تي ڏني ويندڙ سالياني 190 ارب رپين جي سبسڊي کان وڌيڪ 24 ارب گهٽائڻجو فيصلو ڪيو آهي. سبسڊي گهٽ ٿيڻ سان بجلي جو في يونٽ اگهه 36 مان 40 پئسا في يونٽ وڌي ويندو پاڻي ۽ بجلي جي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جون قيمتون وڌائڻ کان علاوه صارفين جا سليڪ به گهٽايا پيا وڃن.
وڌيڪ پڙھو -
بجلي جي بحران جو سهارو وٺي ڪنهن کي طاقت جي سياست ڪرڻ نه ڏينداسين: صدر زرداري
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بجلي جي بحران جو سهارو وٺي ڪنهن کي طاقت جي سياست جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ هدايت ڪئي آهي ته توانائي جي مسئلن تي مستقل بنيادن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ بجليجي فراهمي بهتر بنائي وڃي. صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻن جو اجلاس سومر تي ايوان صدر ۾ ٿيو صدر جي ترجمان فرحت الله بابر ٻڌايو ته اجلاس ۾ ملڪ جي تازي سياسي صورتحال تي غور ڪيو ويو. جڏهن ته بجلي جي فراهمي، اقتصادي صورتحال، امن امان ۽ اتحادي حليفن سان لاڳاپن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيد نويد قمر ملڪ ۾ بجلي جي طلب ۽ رسد جي صورتحال ۽ توانائي جي چيلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏيندي نويد قمر چيو ته ساڍا 4 ميگا واٽ بجلي جي پيداوار وڌائي بحران تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
صدر زرداري فصيح بخاري کي نيب جو نئون چيئر مين نامزد ڪري ڇڏيو
صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه جي اڳوڻي ايڊ مرل رٽائر فصيح بخاري جو نالو قومي احتساب بيورو نيب جي نئينچيئر مين لاءِ تجويز ڪيو آهي ۽ هي نالو مشاورت لاءِ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني ۽ اپوزيشن ليڊر چوڌري نثار علي خان ڏانهن موڪليو ويو آهي جن سان مشاورت کان پوءِ صدر باقائده نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. هي ڳالهه ايوان صدر جي ترجمان فرحت الله بابر جي حوالي سان ٻڌائي وئي آهي. سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيئر مين جسٽس رٽائر ديدار حسين شاه جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيندي نئون چيئر مين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هيو
وڌيڪ پڙھو