اسلام آباد
-
سيد شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو 83 سالن جي ڄمار ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو
حرن جو روحاني پيشوا، فنڪشنل مسلم ليگ جو سربراهه ۽ بزرگ سياستدان پير شاهه مردان شاهه (ثاني) پاڳارو 83 سالن جي عمر ۾ لنڊن جي ولنگٽن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس لاڏاڻي جي خبر ٻڌندي ئي اسپتال ۾ وڏي انگ مريد پهچي ويا، جڏهن ته ڪنگري هائوس، پير جو ڳوٺ ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پير پاڳاري جا مريد رات دير سان وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، ذريعن موجب لنڊن جي ولنگٽن اسپتال ۾ پير پاڳاري جي لاڏاڻي جي خبر سندس فرزند پير صبغت الله شاهه راشدي ۽ پير صدر الدين شاهه راشدي کي ٻڌائي وئي، ڊاڪٽرن موجب لاڏاڻي کان اڳ پير پاڳاري کي ساهه ۾ تڪليف تيز ٿي وئي، جنهن سبب کيس آءِ سي يو وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽرن پاران گهڻن ڪوششن باوجود پير پاڳاري دم ڌڻي حوالي ڪيو. ان موقعي تي اسپتال ۾ پير پاڳاري جا فرزند، ننهن، برطانيا ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن، سفارتي عملو، امتياز شيخ، پاڪستان مان ويل سندس 2 ڊاڪٽر ۽ وڏي انگ ۾ مريد پڻ موجود هئا
وڌيڪ پڙھو -
سيڪيورٽي ايجنسين کي سياست ۾ شامل نه ڪيو وڃي، الزامن سان ڪو فرق نه پوندو:رحمان ملڪ
وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ پاڪستان مان ڪا به گرفتار نه ڪئي وئي آهي، لنڊن پوليس معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي آفيس کي خط لکيو هو، الزامن سان ڪو به فرق نه پوندو، سيڪيورٽي ايجنسين کي سياست ۾ شامل نه ڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي ته سيڪيورٽي ايجنسين جو نالو بدنام ڪيو ويندو آهي، سيڪيورٽي ايجنسين خلاف پروپيگنڊا کان پاسو ڪيو وڃي، سياست کي سياست وانگر ڪيو وڃي، سياست ۾ گار جو جواب گار ۾ ئي ملندو ۽ دوستي جو جواب دوستي ۾ ايندو
وڌيڪ پڙھو -
چڪوال ۾ آپريشن، ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد، 6 دهشتگرد مارجي ويا، 13 گرفتار
چڪوال جي جابلو علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گرينڊ آپريشن دوران دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ ميجر سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا، پوليس ۽ انٽيليجنس اهلڪارن جي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي ڪمانڊر سميت 6 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 13 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب پوليس ۽ انٽيليجنس اهلڪارن چڪوال جي پير چنبل جي پهاڙي علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي ۽ اغوا ڪيل اهلڪارن کي قيد ڪري رکڻ جي ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، پنڊ دادن خان جي پهاڙي علائقي ۾ ڪارروائي دوران دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد ٻنهي طرفن کان شديد فائرنگ ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
سڀ حڪومت ۾ آهيون، تحريڪ هلائڻ جي اعلان جو مطلب سمجهه ۾ نٿو اچي: وزيراعظم
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته هينئر سڀ جا سڀ حڪومت ۾ آهن، حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جي اعلان جو مطلب سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪي اقتدار ۾ هوندا آهن انهن کي ڪنهن قسم جي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي، حڪومت ۾ هجڻ ئي انهن جي عوامي ۽ جمهوري طاقت جي عڪاسي هوندي آهي، انتهاپسندي اسان جي قدرن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، اسان کي انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ سان گڏوگڏ انتهاپسندي جي نظريي خلاف به جدوجهد ڪرڻي پوندي، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته هڪ گهٽ نظريي کي هڪ اعليٰ نظريي سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. ايجنسيون حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت جي اجازت کانسواءِ فوج جو ڪو به قدم غير آئيني هوندو، ان کي بغاوت سمجهيو ويندو: چيف جسٽس
چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو آهي ته آئين تحت هر شهري کي فوري ۽ سستي انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ رياست جي ذميواري آهي، وفاقي حڪومت جي هدايت يا اجازت کان سواءِ فوج جو ڪو به قدم غير قانوني ۽ غير آئيني هوندو ۽ ان جي ڪا آئيني حيثيت نه هوندي. فوج جو ڪو به غير آئيني قدم بغاوت جي زمري ۾ اچي ٿو. ڇنڇر ڏينهن سپريم ڪورٽ بلڊنگ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي آفيسرن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪنهن به ملڪ جو آئين اعليٰ ترين دستاويز هوندو آهي جيڪو رياست جي مختلف ٿنڀن جي اختيارن ۽ جوڙجڪ جي تشريح ڪري ٿو. آئين ملڪ ۾ حڪمراني لاءِ فريم ورڪ ۽ ان جا بنيادي قدر فراهم ڪري ٿو.
وڌيڪ پڙھو -
جلسن جلوسن سان ڪوئي فرق نه پوندو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ عوامي حمايت جو هجڻ ضروري آهي: مشاھد حسين سيد
مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ مشاهد حسين مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي تعزيت کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جلسن جلوسن سان ڪوئي فرق نه پوندو، حڪومت ڪيرائڻ لاءِ عوامي حمايت جو هجڻ ضروري آهي. بيان بازين سان حڪومتون نه وينديون آهن. پيپلزپارٽيءَ سان اتحادي هجڻ باوجود اسان چونڊن ۾ حصو وٺنداسون. مگر سيٽ ايڊجسٽمنٽ تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. پنجاب ۾ تبديليءَ جي حوالي سان هن چيو ته مون کي علم نه آهي ته ائين ممڪن به نه آهي
وڌيڪ پڙھو -
گو زرداري گو جا نعرا ھڻندڙ پارٽيون سياسي تنھائي جو شڪار آھن: فردوس عاشق اعواڻ
وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غير جمهوري قوتون گو زرداري گو جا نعرا هڻي رهيون آهن ۽ اهي سياسي تنهائيءَ جو شڪار آهن، هي وقت سياست جو نه آهي. هن نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته محترمه نصرت ڀٽو جي وصال سان پاڪستاني سياست جو هڪ معتبر باب بند ٿي ويو آهي، هن چيو ته جمهوريت جي آڙ ۾ بادشاهي ڪرڻ وارا پنهنجي مفادن کي جمهوريت چوندا آهن جڏهن اهي حڪومت ۾ نه هوندا آهن
وڌيڪ پڙھو -
القاعده پاران بلاول ڀٽو زرداري کي اغوا واري منصوبي جو انڪشاف، شهباز تاثير افغان سرحدي علائقي ۾ آهي: وفاقي سرڪار
وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته شهباز تاثير زندهه آهي ۽ پاڪ-افغان سرحد ويجهو علائقي ۾ آهي، سياسي قيادت ۽ وي آءِ پيز کي دهشتگردن مان خطرو آهي، القاعده ۽ تحريڪ طالبان پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وي آءِ پيز کي اغوا ڪري سگهن ٿا، انهن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، ڪنهن به خانگي ايجنسي يا بليڪ واٽر سان ڪو به تعلق نه آهي.سومر جي ڏينهن نادرا هيڊوڪارٽرز ۾ ملازمن کي مستقل ڪرڻ واري موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀٽو خاندان جون ملڪ لاءِ قربانيون سڀني آڏو آهن.
وڌيڪ پڙھو -
هفتي ۾ 2 موڪلون ۽ مارڪيٽون سج لٿي بند ٿينديون ، ڪابينا پيپڪو کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
حڪومت توانائي جي بحث ڪرڻ لاءِ هفتي ۾ ٻه موڪلون ڪرڻ، شادي هال 10 وڳي بند ڪرڻ، سائين بورڊن جي بجلي رات جو بند ڪرڻ ۽ ڪمرشل مارڪيٽون سج لٿي جو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ 45 ڏينهن کان وڌيڪ بل جمع نه ڪرائيندڙ جي بجلي ڪٽڻ ۽ نئين ڪنيڪشن جي سيڪيورٽي ڊپازٽ ٻيڻو ڪرڻ سميت پيپڪو کي تحليل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪالهه وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صرف ٽي ايجندا بجلي جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي ۽ ان بحران مان نڪرڻ جي حل بابت غور ڪيو ويو، اجلاس بعد ناڻي کاتي جي وفاقي وزير حفيظ شيخ سان گڏ پاڻي بجلي جي وفاقي وزير نويد قمر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي
وڌيڪ پڙھو -
نواز ليگ جو قومي اسيمبلي ٻاهران ٻيهر ڌرڻو، جنهن تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو: نواز شريف
نواز ليگ جو قومي اسيمبلي ٻاهران ٻيو ڀيرو ڌرڻو، حڪومت خلاف سخت نعريبازي، نواز ليگي سربراهه چيو آهي ته جنهن شخص تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو، ڪراچي جون حالتون صحيح ٿيڻ بجآءِ وڌيڪ خراب ٿي ويون آهن، حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري ريفرنس اماڻي، ڪالهه نواز ليگ پنجاب هائوس ۾ پارٽي اجلاس ڪرڻ نوا ليگ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن پارليامينٽ هائوس آڏو ٻيو ڀيرو ڌرڻو هنيو، حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻِي واري هنڌ نواز ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف پهچي ويو، جنهن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي حڪمرانن جو اهو حال رهيو ته جنهن شخص تي بغاوت جو ڪيس هلڻ گهرجي ها ان کي محفوظ رستو ڏنو ويو
وڌيڪ پڙھو