اسلام آباد

  • ميڊيا ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان جي صحافين لاءِ ويزا پابندي نه هجڻ گهرجي: افغانستان جو اطلاعات ۽ ثقافت وارو وزير

    اسلام آباد (اي پي پي) افغانستان جي اطلاعات ۽ ثقافت واري وزير ڊاڪٽر سيد مخدوم رهين زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي صحافين لاءِ هڪٻئي جي ملڪ ۾ اچڻ وڃڻ جي حوالي سان ويزا پابنديون نه هئڻ گهرجن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي صحافين جي گڏيل رابطن ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ملي سگهي. ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن جي صحافين جي گڏيل ايسوسيئيشن پڻ جوڙڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل رابطن ۾ اضافي کانسواءِ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف سهڪار کي فروغ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي. اهڙو اظهار هن اربع ڏينهن قومي خابرو اداري اي پي پي جي هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي ڪيو. افغان وزير سيد مخدوم رهين جي قيادت ۾ افغان وفد جي آمد جي موقعي تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اي پي پي محمد رياض آڌرڀاءُ ڪيو، ان موقعي تي هن افغان وفد کي اي پي پي جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ اي پي پي جي افغانستان جي خابرو اداري سان تعاون جي حوالي سان آگاهي ڏني. افغان وزير پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل ميڊيا حڪمت عملي تيار ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار تي زور ڏنو ته جيئن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو گڏيل مقابلو ڪري…

    وڌيڪ پڙھو
  • محرم الحرام حقيقت ۾ صبر ۽ تحمل، برداشت ۽ شفافيت جو سبق ڏئي ٿو ۽ جابر قوتن جي سامهون حق جو اظهار ۽ اسلام جو جهنڊو بلند ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني

    اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اسلامي سڃاڻپ کي اجاگر ڪرڻ، اسلام جو مان مٿانهون ڪرڻ ۽ اسلامي تعليم کي پنهنجي روز مرهه جي زندگي جو عملي حصو بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته محرم الحرام حقيقت ۾ صبر ۽ تحمل، برداشت ۽ شفافيت جو سبق ڏئي ٿو ۽ جابر قوتن جي سامهون حق جو اظهار ۽ اسلام جو جهنڊو بلند ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي، هن اها ڳالهه نئين هجري سال 1432هه جي شروعات تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪئي، اڄ پهرين محرم الحرام سان نئين اسلامي سال جي شروعات ٿي رهي آهي، اسلامي تاريخ ۽ واقعن جي ڏس ۾ هن مهيني جو تقدس ۽ مسلمان جو احترام آهي، حقيقت اها آهي ته اسلامي ڪئلينڊر جي شروعات محرم مهيني کان ۽ پڄاڻي ذوالحح مهيني تي ٿئي ٿي ۽ هي ٻئي مهينا قرباني، ايثار ۽ شهادت جا اهڙا حوالا آهن جيڪي تاريخ جي ڪيترن ئي صحفن تي گذريل 14 سئو سالن کان روشن ڪيو اچن. هن چيو ته نئين اسلامي سال جي شروعات تي اسان کي انهن حالتن ۽ مسئلن جو جائزو وٺڻ گهرجي جيڪي عالم اسلام کي درپيش آهن. الله تعاليٰ عالم اسلام کي بيپناهه قدرتي وسيلن سان…

    وڌيڪ پڙھو
  • اسلامي قدرن تي عمل ڪري انفرادي ۽ اجتماعي مسئلن ۾ گهٽتائي ۽ معاشري کي هڪ حقيقي فلاحي معاشرو بڻائي سگهجي ٿو: صدر آصف علي زرداري

    اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اسلام جي حقيقي ۽ اعليٰ ديني تعليم کي پنهنجي زندگين ۾ لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي قدرن تي عمل ڪري انفرادي ۽ اجتماعي مسئلن ۾ گهٽتائي ۽ معاشري کي هڪ حقيقي فلاحي معاشرو بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي منشور مطابق سڄو ڌيان عام ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود تي ڏئي رهي آهي، هن اها ڳالهه نئين هجري سال 1432هه جي شروعات تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي آهي، صدر پاڪستاني عوام ۽ اهل اسلام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان دهشتگردي ۽ قدرتي آفتن جهڙن مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ملڪ ۾ آيل تازي ٻوڏ اسان جي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي، موجوده حڪومت جي انهن سڀني مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪنهن کان ڳجهيون نه آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي جو منشور عام ماڻهو جي فلاح ۽ بهبود تي زور ڏئي ٿو ۽ اسان جو سڄو ڌيان انهي تي آهي، صدر چيو ته نئين سال جي شروعات جو هي ڏينهن صرف هڪ روايت نه آهي پر ان ڏينهن جي گهرج آهي ته اسان پنهنجي گذريل سالن کي ڏسندي ايندڙ ڏينهن لاءِ پنهنجو رخ مقرر ڪريون، هن چيو ته…

    وڌيڪ پڙھو
  • اسان جو احتساب ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿئي پيو: صدر آصف علي زرداري

    اسلام آباد(اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جو احتساب ڳڙهي خدا بخش ۾ ٿئي پيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان غداري ڪندڙن جو حشر عوام ڏسي ڇڏيو آهي، غريبن جي چلهه ٻرڻ شروع ٿي آهي، رشتيدارن کي نوازيندڙن کي صبر ڪرڻ گهرجي، غريبن جي چلهه وسائڻ جون ڪوششون نه ڪيون وڃن، شهيد راڻي منهنجي ڪري ڪنهن ٺاهه تي صحيح ڪري ها اهو مون کان برداشت نه ٿئي ها، هر ڪنهن کي پنهنجي قبر ۾ وڃڻو آهي، ڌن دولت ڪنهن سان به نه هلندي، اسان کي احتساب عدالتون ناهن ٺاهڻيون، احتساب عوام کي ڪرڻو آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي پارٽي آهي. ڪالهه ايوان صدر ۾ برطرف ملازمن جي بحالي واري بل تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اڄ ايوان صدر ۾ غريب ويٺل آهن اهو صرف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان وٽ ڪيترائي توقير ڪائره جهڙا جيالا آهن، جن شهيد راڻي جي جلسي ۾ ڌماڪي کانپوءِ ان طرف ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ پنڊي جا جيترا به شهيد آهن انهن سينن ۾ گهاءُ آهن، پٺ ۾ ڪنهن کي به گهاءُ نه…

    وڌيڪ پڙھو
  • صدر آصف علي زرداري پاران صحافي سلطان محمود چانڊيو جي قتل تي گهري ڏک جو اظهار

    اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري سينئر صحافي ۽ ميرپورخاص پريس ڪلب جي صدر سلطان محمود چانڊيو جي قتل تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي واقعي جي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سلطان محمود چانڊيو جي المناڪ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، صدر آصف علي زرداري ڏکويل خاندان سان تعزيت ڪندي مقتول لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي(اي پي پي)

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button