اسلام آباد

  • بنگلاديش صوبائي خودمختياري نه ڏيڻ جي ڪري وجود ۾ آيو،آمريڪا کي ڊرون حملن جي اجازت ناهي ڏني:وزير اعظم

    وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پ پ ۽ متحده وچ ۾ آزاد ڪشمير جي چونڊن جي موقف تي اختلاف آهن، جن کي مفاهمت ذريعي ختم ڪيو ويندو متحده سان سهڪار جاري رهندو ۽ ڪراچي ۾ آزاد ڪشمير جي سيٽن تي چونڊون ڪرايون وينديون،صوبائي خودمختياري اڳ ڏني وڃي ها ته اوڀر پاڪستان ڌار نه ٿئي ها، پي ٽي وي تي پرائيم منسٽر آن لائن ذريعي ماڻهن جون فون ڪالز ٻڌندي وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ عوام کي ذوالفقار ڀٽو جي منشور کي ووٽ ڏنو آهي، متحده سان ڪيترائين مسئلا حل ڪرڻ تائين پهتاسين، ڪشمير جون چونڊون ڪار راڪيٽ سائنس ناهي، متحده جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن،18 هين ترميم جي منظوري ۾ متحده جو ڪردار اهم آهي، متحده سان 3 سالن کان اتحاد آهي،ان جا تحفظات ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي قيادت ڪم ڪري رهي آهي،هن وڌيڪ چيو ته صوبائي خودمختياري عوام جو پراڻو مطالبو هو جيڪو پورو ڪيو آهي،ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق صوبن کي وڌيڪ حصو ڏنو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 مئي جي واقعي کانپوءِ آمريڪا سان اعتماد ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي آهي:احمد مختار

    چاءُ کاتي جي وفاقي وزير چوڌري احمد مختار واضح ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهه سميت ڪو به شخص آئين کان مٿانهون ناهي،جنرل شجاع پاشا پارليامينٽ ۾ پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي، 2 مئي جي واقعي کانپوءِ آمريڪا سان اعتماد ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي آهي، موجوده حالتن ۾ رهندي پاڪستان پنهنجي دفاعي پاليسي تبديل ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته پاڪ افغان سرحد جي ٻنهي طرفن پاران سنجيده ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون وڃن.بچاءُ جي وفاقي وزير چوڌري احمد مختار چيو ته حڪومت کي خبر آهي ته طالبان ڪٿي آهن، انهن سان ملڻ مشڪل ناهي، ايبٽ آباد واقعو سيڪيورٽي جي ناڪامي ناهي،هن چيو ته افغانستان پاران سرحدي حدن ۾ راڪيٽ جا حملا ڪرڻ جي الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي پاڪستان کي شامل ڪرڻ کانسواءِ آمريڪا پاران طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ ناممڪن آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • اسلام آباد ۾ اين سي ايڇ ڊي ملازمن جو احتجاجي مظاهرو

    اين سي ايڇ ڊي کاتي کي امڪاني طور ختم ڪرڻ واري عمل خلاف ملازمن ڪالهه پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن دوران سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ملازمن ۾ چڪريون ٿي پيون، 20 کان وڌيڪ ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازمن چيو ته اين سي ايڇ ڊي کي ختم ڪري اسان کان روزگار کسيو پيو وڃي. جيڪڏهن کاتي کي ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين نفيسا شاهه جو چوڻ آهي ته صدر ۽ وزيراعظم سان ڳالهائي معاملي حل ڪرائينديس. مانيٽرنگ ڊيسڪ

    وڌيڪ پڙھو
  • ٿرڪول منصوبو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سبب ثابت ٿيندو، محنت جي ضرورت آهي: ثمر مبارڪ

    پاڪستان جي نامياري ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند چيو آهي ته سنڌ ۾ ٿر ڪول منصوبي تي ماهر سائنسدان ڪم ڪري رهيا آهن، آگسٽ ۾ ان منصوبي مان گئس ٺاهڻ شروع ڪئي ويندي، ان منصوبي جي سڀ کان پهرين ترجيح سستي بجلي پيدا ڪرڻ آهي. گذريل ڏينهن پي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان ٿر ڪول منصوبي جي حوالي سان پڇيل سوالن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ڪوئلي جو دنيا جو ٽيون وڏو ذخيرو آهي جنهن مان اسان پنهنجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ سٺي نموني فائدو وٺي سگهون ٿا.ٿر ڪول منصوبي ۾ مائننگ طريقي ڪار استعمال نه ٿيندو

    وڌيڪ پڙھو
  • صدر آصف علي زرداري سان ايران، سنگاپور ۽ تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن جي ملاقات، ذميوارين بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

    صدر آصف علي زرداري سان ايران، سنگاپور ۽ تاجڪستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفيرن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايران جي لاءِ نامزد سفير خالد عزيز بابر، سنگاپور جي لاءِ نامزد هاءِ ڪمشنر حسن جاويد ۽ تاجڪستان جي لاءِ نامزد سفير امجد سيال صدر سان ملاقات دوران پنهنجي نين ذميوارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري نون سفيرن کي مبارڪباد کي ڏيندي هدايت ڪئي ته پنهنجي مقرري وارن ملڪن سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ استحڪام ۽ تعاون جي فروغ تي ڌيان ڏين

    وڌيڪ پڙھو
  • صحافي سليم شهزاد ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميشن قائم، جسٽس ثاقب نثار پاران سربراهي ڪرڻ کان انڪار

    سلام آباد ۾ بيدردي سان قتل ٿيل سينيئر صحافي سليم شهزاد ڪيس بابت حڪومتي ڪميشن تڪراري بڻجي وئي، حڪومت پاران جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻ بعد جسٽس ثاقب ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪري ڇڏي، تفصيل موجب حڪومت صحافي سليم شهزاد جي قتل ڪيس جي تحقيقات لاءِ ڪميشن جوڙي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، 5 رڪني ڪميٽي 6 هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي، ذريعن موجب جسٽس ثاقب کي مقرر ڪرڻ تي چيف جسٽس سان مشورو نه ڪيو ويو، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ۾ جسٽس آغا تيمور ايڊيشنل آءِ جي انويسٽيگيشن پنجاب، بي ايف يو جي صدر ۽ ڊپٽي ڊي آءِ جي وفاقي پوليس ميمبر هوندا، جڏهن ته چيف جسٽس سان صلاح مشورو نه ڪرڻ تي جسٽس ثاقب ڪميشن جو سربراهه ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • غلط پاليسين سبب ملڪ خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهي: فضل الرحمان

    جمعيت علماءَ اسلام جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان چيو ته غلط پاليسين جي سبب ملڪ خطرناڪ موڙ تي بيٺو آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪمران اتحادين جي صفن مان ٻاهر نڪرن ۽ پرڏيهي پاليسي جو قبلو درست ڪن ۽ غيرن جي مفادن بدران ملڪ ۽ ملت جي مفاد ۾ پاليسيون جوڙين. هو هتي پارٽي اڳواڻن مولانا محمد يوسف مولانا محمد امجد خان مولانا رشيد احمد لڌيانوي مولانا جميل الرحمان درخواستي مولانا عتيق الرحمان ۽ ٻين عهديدارن تي ٻڌل وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هيو. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي ۾ فوري يو ٽرن وٺڻ جي ضرورت آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ديني مدرسن جي خلاف سازشون هڪ دفعو ٻيهر شروع ڪيون پيون وڃن پر جي يو آءِ ديني مدرسن جي تقدس کي پائيمال ٿيڻ نه ڏيندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ناليواري صحافي سليم شهزاد جي قتل جي تحقيقات مختلف رخن جي حوالي سان جاري آهي، ان جي رپورٽ اچڻ سان ڪيترائي ابهام ختم ٿي ويندا: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

    : سڌ سماءَ جي وفاقي وزير ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ناليواري صحافي سليم شهزاد جي قتل جي تحقيقات مختلف رخن جي حوالي سان جاري آهي، ان جي رپورٽ اچڻ سان ڪيترائي ابهام ختم ٿي ويندا، حڪومت صحافي برادري جي سڀني مطالبن جو جائزو وٺي مشاورت کانپوءِ واضح لائحه عمل اختيار ڪندي، جنهن ذريعي صحافي برادري جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اربع ڏينهن صحافين طرفان هنيل ڌرڻي جي حوالي سان پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڪو به ملڪ اهڙو نه آهي، جنهن کي دهشتگردي جي حوالي سان پاڪستان کان وڌيڪ چئلينجز آڏو هجي. پاڪستان واحد ملڪ آهي، جيڪو دهشتگردي جهڙي وڏي مسئلي جي ور چڙهيل آهي، دهشتگردي جي هن جنگ ۾ پاڪستان 36 هزار سويلين ۽ فوجي جوانن جي قرباني ڏني آهي. عام شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏوگڏ صحافي به دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • نوجوان جو قتل، ڊي جي رينجرس ۽ آءِ جي سنڌ کي سندن عھدن تان ھٽايو ويو

    پاڪ فوج سنڌ رينجرس جي ڊي جي ميجر جنرل اعجاز چوڌري کي ان عھدي تان ھٽائي ڇڏيو آھي جڏھن ته وفاق سنڌ جي آءِ جي فياض لغاري کي ھٽائي ڪري اسلام آباد ۾ اسٽبلشمنٽ ڊويزن موڪلي ڇڏيو آھي. پاڪ فوج جي ترجمان طرفان اڄ ھڪ مختصر بيان جاري ۾ چيو ويو آھي ته ميجر جنرل اعجاز چوڌري جي بدلي ڪئي وئي اھي ۽ اھو قدم سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پيروي ڪندي کنيو ويو آھي. سپريم ڪورٽ جي پنجن رڪنن تي مشتمل بينچ ڪراچي جي نوجوان جي قتل جو ازخود نوٽس ورتو ھئو. عدالت ان واقعي تي ڊي جي رينجرس ۽ آءِ سنڌ کي ٽن ڏينھن ۾ ھٽائڻ جو حڪم ڏنو ھئو، ان جي مھلت ڪالھھ ختم ٿي وئي ھئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ صوبن کي 7 سئو ارب رپيا منتقل ڪيا آهن:حفيظ شيخ

    ناڻي واري وفاقي وزير عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ملڪ کي مضبوط ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ حڪومت ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. . اهڙو اظهار هن لارمس ڪاليج گهوڙا گلي مري جي 150 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 20 رپين جي يادگار سڪي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي هر شهري کي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته موجوده حڪومت شهرين جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. نوجوان نسل کي فني تعليم جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ته جيئن اهي معاشري جا ڪارگر شهري بڻجي سگهن. ميڊيا سان خاص ڳالهه بولهه ڪندي هن ٻڌايو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ کان پوءِ انهن لاءِ حڪومت 700 ارب رپيا صوبن کي منتقل ڪري ڇڏيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button