مختصر خبرون

  • بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي استادن جي مظاھري جو سلسلو اڃان جاري

    بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي استادن ڪالهه 5 ڏينهن به سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجن بک هڙتال وارو سلسلو جاري رکندي حڪومت کان نوٽي وٺڻ جي اپيل ڪئي ان موقعي تي دلدار ملاح،رجب علي ۽ ٻين ٻڌايو ته 6 9 کان کين پگهار ملندي هئي پر هينئي ايم ڊي ساڻن جمهوري دور ۾ زيادتيون ڪري پگهارون بند ڪيون آهن جنهن تي حڪمران نوٽيس وٺن.

    وڌيڪ پڙھو
  • اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تي قبضا مظاھرو

    سکر جي اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تي قبضا ،ڪاليج ۾ لساني جهيڙا ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ شاگردن جا مسئلا حل نه ٿيڻ واري عمل خلاف ستاف پاران عرفان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻناعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته هو نوٽيس وٺي شاگردن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪن .

    وڌيڪ پڙھو
  • جمهوري دور ۾ انصاف جي دير سان فراهمي تي معذور انتهائي مايوسي ۽ پريشاني جو شڪار

    )سکر ۾ معذورن احتجاج ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن لاءِ نوڪرين تي رکيل ڪوٽا تي عمل ڪرائي کيب بک،بيروزگاري ۽ بد حالي کان بچايو وڃي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاج ڪندي معذور اڳواڻن عرفان علي ڀٽي،طالب ملاح ۽ ٻين چيو ته جمهوري دور ۾ انصاف جي دير سان فراهمي تي معذور انتهائي مايوسي ۽ پريشاني جو شڪار آهن حڪومٿ بنا فرق جي مسئلا حل ڪري ان موقعي تي ڪيترن ئي معذورن مسلم ليگ ق ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • نيوپنڊ اوور هيڊ برج ۽ ريس ڪورس روڊ جي ڪجهه حصي جي تعمير ۾ مسلسل تاخير

    سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته نيوپنڊ اوور هيڊ برج ۽ ريس ڪورس روڊ جي ڪجهه حصي جي تعمير ۾ مسلسل تاخير سان مصروف ترين روڊ تي شديد گرميءَ ۾ ٽريفڪ جو جام رهڻ معمول بڻجي ويو آهي. جڏهن ته پهرين آگسٽ کان تعليمي ادارن جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ ڄاڻايل روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويندو. جنهن جي ڪري اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٻين ماڻهن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اطهار هن مختلف علائقن مان آيل واپاري نمائندن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، برڪت علي سولنگي، پرويز چنا ۽ ٻيا به موجود هئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪراٽي ڪوچنگ ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب اڄ منعقد ٿيندي

    ضلعي آفيسر اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس حيدرآباد پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ڊسٽرڪٽ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرس حيدرآباد ضلعي اميچوئر ڪراٽي ايسوسيئيشنز حيدرآباد جي گڏيل سهڪار سان انڊر 16 ڪراٽي ڪوچنگ ڪيمپ جي پڄاڻي واري تقريب سڀاڻي 30 جولاءِ 2011 تي گورنمينٽ قاضي اڪبر هاءِ اسڪول هوم اسٽيڊ هال لڳ پڪي قلعي حيدرآباد ۾ شام 6 وڳي منعقد ڪئي ويندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • جتوئي برادري ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو فائرنگ ۾ 4 ڄڻا قتل 2 ڄڻا زخمي

    سکر(رپورٽ ؛عمر سومرو) سکر ڀرسان جتوئي برادري ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو فائرنگ ۾ 4 ڄڻا قتل 2 ڄڻا زخمي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار خبر موجب ڪالهه سکر جي باگڙجي ٿاڻي جي حد باگڙجي ٻيلي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ۾ عبدالحميد،نذيراحمد،بکر ۽ الهوڌايو جتوئي ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا محمد علي ۽ رجب سخت زخمي ٿي پيا بعد ۾ ڪجهه ڪلاڪن بعد دير سان پوليس پهچي زخمين ۽ مارجي ويلن جي لاشن کي سکر سول اسپتال کڻي واقعي سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ خوف واري صورتحال برقرار آهي ۽ ٻئي ڌريون وقفي وقفي سان فائرنگ ڪري رهيون آهن جنهن ڪري هر طرف خوف حراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي علائقي واسين موجب جيڪڏهن انتظاميا نوٽيس نه ورتو ته جهيڙي ۾ وڌيڪ انساني جانيون متاثر ٿي سگهن ٿيون

    وڌيڪ پڙھو
  • روهڙي ۾ زرداري جي سالگرهه ملھائي ويئي

    سکر(بيورورپورٽ)صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي صدارتي آرڊيننس هيٺ سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بحال ٿيل ملازمن روهڙي آفيس ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي صدر آصف علي زرداري جي ڊگهي ڄمار، پ پ حڪومت جي استحڪام ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مغفرت لاءِ دعائون گهريون.

    وڌيڪ پڙھو
  • صحافي جو چاچو فوت

    سکر(بيورورپورٽ) سکر جي نوجوان صحافي اظهر دايو جو چاچو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪالهه روهڙي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سکر نيشنل پريس ڪلب جي اڳواڻن ۽ ميمبرن امداد بوزدار،محمد زمان باجوا،پرويز خان،رشيد رضا، مهتاب انصاري ،عمر سومرو،رضوان صديقي،فريد سومرو،اي ڊي مهر، محمد انس مهر،مجيب ورند،فرحاد علي ۽ ٻين اظهر دايو سان گهري ڏک ۽ تعزيعت جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • نوشهروفيروز جي انتظاميه ۽ شهرين ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام سان ڪو به تعلق ناهي

    سنڌ جي وڏي وزير جي خصوصي پروگرام هيپاٽائيٽس جي صوبائي مينيجر ڊاڪٽرعبدالمجيد ڇٽو ڪجهه اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته سول اسپتال نوشهروفيروز جي انتظاميه ۽ شهرين،سياسي، سماجي اڳواڻن سميت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام سان ڪو به تعلق نه آهي ۽ شهرين جي شڪايتن جونوٽيس وٺندي ان معاملي جي حل لاءِ سينيئر عملدارن تي مشتمل هڪ ٽيم پڻ جوڙي وئي آهي جڏهن ته اين جي او ۽ اي ڊي او سول سول اسپتال نوشهروفيروز۽ لاهور مان ڪرايل بوگس پي سي آر ٽيسٽن جي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ صحت جي اختياري ڏانهن اماڻي وئي آهي ۽ هڪ هفتي اندر پي سي آر رپورٽن جي اچڻ بعد ان معاملي ۾ جعلسازي ڪندڙن کي بي نقاب ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • رمضان جو مهينو انتهائي مقدس ۽ ڀلارو مهينو آهي انڪري مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪيو وڃي

    پٽي ڪمشنر گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڪائونسل هال ميرپور ماٿيلو ۾ رمضان المبارڪ دوران مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ضلعي جي واپارين سميت گوشت، مڇي، ڪريانه، سبزي ۽ فروٽ فروشن سان گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته رمضان جو مهينو انتهائي مقدس ۽ ڀلارو مهينو آهي انڪري اوهان مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪريو. ان موقعي تي هن سمورن دڪاندارن کي هدايت ڏيندي چيو ته رمضان دوران زخيرا اندوزي ۽ هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ ضلعي انتظاميه پاران روزانو جي ڪم ايندڙ شاين جا اگهه مقرر ڪيا ويندا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button