مختصر خبرون
-
خيرپور: مل ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران
مل ڪالوني ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، رهواسي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ پاڻي خريدڻ تي مجبور، نساسڪ انتظاميه سندن سار نه لڌي، عورتون ۽ معصوم ٻار پريشان. تفصيل مطابق خيرپور جي قديمي رهائشي ايريا مل ڪالوني ۾ نساسڪ انتظاميه جي بي ڌياني سبب پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي هڪ مهيني کان بند آهي.
وڌيڪ پڙھو -
نوشهروفيروز ۾ پاڻ ساڙيندڙ وزير راڄپر جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج
نوشهروفيروز ۾ پاڻ ساڙيندڙ وزير راڄپر جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج. تفصيل موجب 2 سال اڳ پاڻ ساريندڙ وزير راڄپر جي وارثن کي انصاف نه مليو. وارثن ۽ شهري اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
نوشهروفيروز ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ عوام سخت پريشان، گرمي جي لهر ۾ به اضافو
نوشهروفيروز ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ عوام سخت پريشان، گرمي جي لهر ۾ به اضافو. تفصيل موجب رمضان مهيني ۾ اعلان ڪيل لوڊشيڊنگ کان علاوه به هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته شهر ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ جڏهن ته ٻهڙاري جي علائقن ۾ 16 ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪئي پئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
صحافين سان زيادتيون ڪندڙ ايس ايڇ او نوشهروفيروز اسد نبي ڪچي بدلي
صحافين سان زيادتيون ڪندڙ ايس ايڇ او نوشهروفيروز اسد نبي ڪچي بدلي ، محمد نواز نئون ايس ايڇ او نوشهروفيروز مقرر. تفصيل موجب نوشهروفيروز جي ايس ايڇ او اسد نبي ڪچي کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي محمد نواز کي ايس ايڇ او نوشهروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: صوڀوديرو جونوجوان نوشهروفيروز کان خيرپور ويندي رستي مان مبينا طور اغوا
صوڀوديرو جي ڳوٺ سونو سامٽيو جو رهواسي نوجوان نوشهروفيروز کان خيرپور ويندي رستي مان مبينا طور اغوا ٿي ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، وارثن کان ڀنگ طلب
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر هنڱورجا ۾ بيروزگار نوجوانن کي پوليس جي نوڪرين جا ڏنا
پيپلز پارٽي ضلعي خيرپور جي صدر پير سيد قمر الزمان شاه جيلاني تعلقي صدر الهورايو خان چنو سان گڏجي هنڱورجا ۾ بيروزگار نوجوانن کي پوليس جي نوڪرين جا آرڊر ورهايا آهن. نوڪري وارا آرڊر ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي پير قمرالزمان شاهه جيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه غريب ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف سڀاڻي راڻيپور ۾ هنيو پيو وڃي
سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف سڀاڻي راڻيپور قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو پيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
مورو: رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ کليل هوٽلن خلاف مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا
وقتي جوڊيشنل مئجسٽريٽ مورو پرديپ ڪمار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو ڊاڪٽر سيد محمد علي شاھ زيدي ڊي ايس پي مورو محمد ايوب هاليپوٽو ايس ايڇ او مورو شهاب اڪبر ڪولاچي ڪورٽ ۽ روينيو عملو ۽ پوليس نفري ساڻ ڪري مورو شهر ۾ رمضان شريف جو احترام نه ڪندڙ کليل هوٽلن خلاف مختلف هنڌن تي اوچتا ڇاپا هڻي کليل هوٽلن کي بند ڪرائي مٿن رمضان شريف جو احترام نه ڪرڻ تي مختلف هوٽلن مٿان ويھ هزار ڏنڊ وجهي بروقت وصول ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
نوشهرو فيروز جي سومرا محلا جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم
نوشهرو فيروز جي سومرا محلا جا رهواسي بنيادي سهولتن کان محروم، هميشه اسان جي محلي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، نه اسٽريٽ لائيٽ آهي نه ئي صفائي جو ڪو خاص انتظام آهي، گندگيءَ جا ڍير وڌي وڃڻ ڪري ڪيترائي ٻارڙا بيماري جو شڪار ٿي ويا آهن. ڊرينيج سسٽم بلڪل تباهه ٿي چڪو آهي
وڌيڪ پڙھو -
صحافي امتياز سومرو مٿان ظلم ڪندڙن ايس ايڇ او نوشهرو کي هٽائي ڪري کيس انصاف ڏنو وڃي، سماجي تنظيمون
پاڪستان ۾ صحافين مٿان ٿيندڙ جبر ۽ آزاد صحافت مٿان وڌندڙ بندشن خلاف ينگ سومرا ويلفئر ٽرسٽ ، سارنگ ويلفئر ٽرسٽ، شهري اتحاد ۽ جرنلسٽ فائونڊيشن طرفان نيشنل پريس ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي الڪوثر ڇوئڪ سامهون مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي جرنلسٽ فائونڊيشن جي صدر مولابخش مشوري ۽ جنرل سيڪريٽري معشوق علي ڪري رهيا هئا
وڌيڪ پڙھو