مختصر خبرون
-
خيرپور ۾ سنڌ يوٿ ليڊرشپ ڪانفرنس 26 ڊسمبر تي منعقد ڪئي ويندي
سنڌ حڪومت جي يوٿ افيئرز ۽ يونيسيف جي رائٽ ٽو پلي پاران 26 ڊسمبر 2012 بروز اربع ڏينهن سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ صبح جو 9 وڳي کان شام جو 5:30 تائين سنڌ يوٿ ليڊرشپ ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي پنجين ورسي جي موقعي تي پيادل قافلو گمبٽ پھچي ويو
شهيد محترمه بينظير ڀُٽو جي پنجين ورسي جي موقعي تي ڀٽ شاهه کان ڳڙهي خدا بخش لاءِ نڪتل پيادل قافلو سنڌ جي وڏي وزير جي خاص معاون مير سُهراب خان مري صدر پيپلز اسٽوڊنٽ فرنٽ ۽ پيپلز اسٽوڊنٽ فرنٽ جي ڪوارڊينيٽر سينيٽر عاجز ڌامراهه جي اڳواڻي ۾ هنڱوراجه، راڻيپور ۽ گمبٽ کان ٿيندو لاڙڪاڻي لاءِ روانو ٿي ويو. گمبٽ ۾ کين پيپلز پارٽي جي ايم پي اي نعيم احمد کرل، وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو ۽ ٻين آجيان ۽ گُلن جي ورکا ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران قائد اعظم جي سالگرھ 27 ڊسمبر تي ملھائي ويندي
ثقافت کاتي حڪومتِ سنڌ پاران پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جن جي 136 سالگرهه 25 ڊسمبر 2012 تي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو صاحبه جن جي پنجين ورسي 27 ڊسمبر 2012 تي صبح جو 10 وڳي سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور جي هال ۾ ملهائي ويندي جنهن ۾ ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون، شاگرد، استاد ۽ سول سوسائيٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ ۾ مخالفن طرفان مڪاني نظام واري قانون کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي، غلام علي خان نظاماڻي
پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر غلام علي خان نظاماڻي چيو آهي ته سنڌ ۾ مخالفن طرفان مڪاني نظام واري قانون کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي جڏهن ته پ پ پ اهڙو ڪو به قدم نه کڻندي جنهن سان سنڌ کي نقصان پهچي
وڌيڪ پڙھو -
اها قوم ڪڏهن به فراموش نه ٿيندي جيڪا پنهنجي قائدن فڪر ۽ فلسفي کي ياد رکندي آهي، نعمان اسلا شيخ
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني سيڪريٽري ريلوي نعمان اسلا شيخ چيو آهي ته اها قوم ڪڏهن به فراموش نه ٿيندي جيڪا پنهنجي قائدين ۽ انهن جي فڪر ۽ فلسفي کي ياد رکندي آهي
وڌيڪ پڙھو -
مسلم ليگ ن اقتدار جي لالچي نه پر عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي، يونس راجپوت
پاڪستان مسلم ليگ ن ضلع سکر جي اڳواڻن يونس راجپوت، محمد عظيم عباسي، رانا عمران احمد، وسيم جوڻيجو ۽ ٻين چيو آهي ته مسلم ليگ ن اقتدار جي لالچي نه پر عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي ن ليگ عوام جي اميدن جو مرڪز آهي
وڌيڪ پڙھو -
جميعت علماءِ اسلام ڪنوينشن محمد بن قاسم پارڪ ۾ منعقد ٿي رهيو آهي
جميعت علماءِ اسلام سکر پاران دفاع نظريا پاڪستان، دفاع وطن، تحفظ مدارسا ۽ مساجد جي لاءِ جدوجهد جي سلسلي ۾ هڪ ڏينهن وارو علماء ڪنوينشن (اڄ) محمد بن قاسم پارڪ ۾ منعقد ٿي رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: مسيحي برادري جي عبادت گاهن جي خصوصي سيڪورٽي
25 ڊسمبر ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي عبادت گاهن جي خصوصي سيڪورٽيءَ لاءِ ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه پاران پوليس کي خصوصي هدايتون جاري
وڌيڪ پڙھو -
صحافين مٿان ڪيسن خلاف ٻئي به مظاھرو جاري
اياز عباسي، ڪنڊيارو ڪنڊيارو بهادر صحافين راڻا حنيف ۽ غفور مڱريو خلاف دهشتگردي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف ڪنڊيارو جي صحافين پاران ٻئي ڏينهن به سرپرست غلام محمد خشڪ،صدر اياز عباسي ۽ جنرل سيڪريٽري راڻا خير محمد جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ان موقعي تي صحافين شاهنواز مڱريو،منور جوکيو،رفيق گهانگهرو،دمساز جتوئي،اي ڊي گهانگهرو،عمران گهانگهرو ۽ ٻين جي خطاب ڪندي چيو ته ڪنڊيارو جو شرابي ۽ بدمست ايس ايچ او ڪجهه سياسي سيکڙاٽن جي ونگار وهي رهيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريو ٿا،ان موقعي تي ايس ايچ او جي معطلي ۽ ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو،هوڏانهن پي پي ايم اين اي گل محمد جکراڻي،سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي چيئرمين نور سنڌي،مرڪزي اڳواڻ بچل هڱورو،پي پي اڳواڻ سردار عثمان خان عالماڻي،سپريم ڪورٽ بار جي هيومن رائيٽس ڪاميٽي ۽ ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي ميمبر سردار اڪبر اڄڻ،پي پي شهيد ڀٽو جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر امداد کوسو،مسلم ليگ ن جي صوبائي اڳواڻ فياض لاکو،اين پي پي اڳواڻ ابرار حسين شاهه،سنڌ نيشنل موومينٽ جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو،جيئي سنڌ تحريڪ سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي،پي پي جي ناراض ايم اين اي ظفر علي شاهه،مهراڻ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ضلعي صدر ذوالفقار اڄڻ،جنرل…
وڌيڪ پڙھو -
ڪنڊيارو ۾ چونڊون مڪمل ٿيندي ئي انتقامي ڪارواين ۽ چوري جي وارداتن ۾ اضافو
چونڊون مڪمل ٿيندي ئي انتقامي ڪارواين ۽ چوري جي وارداتن ۾ اضافو اچي ويو آهي،ان سلسلي ۾ گذريل رات نامعلوم چور ٻيلي کاتي آفيس جي احاطي ۾ بيٺل ڪار چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو