مختصر خبرون

اها قوم ڪڏهن به فراموش نه ٿيندي جيڪا پنهنجي قائدن فڪر ۽ فلسفي کي ياد رکندي آهي، نعمان اسلا شيخ

سکر(بيورورپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني سيڪريٽري ريلوي نعمان اسلا شيخ چيو آهي ته اها قوم ڪڏهن به فراموش نه ٿيندي جيڪا پنهنجي قائدين ۽ انهن جي فڪر ۽ فلسفي کي ياد رکندي آهي 27 ڊسمبر تي ڳڙي خدابخش ۾ شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ ۾ ڪارڪن ڀرپور شرڪت ڪندا اهڙن خيالن جو اظهار هن يوسي 14 نيو پنڊ ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ آغا سيف الله، ارشد مغل، لعل بخش ڀٽو، عمران پيرزادو سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيوته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چونڊيل نمائندن پاران پنهنجي شهيد قائدين جي فڪر ۽ فلسفي جي تحت عوام خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي ڪري عوام جي خدمت ڪئي آهي هنن چيو ته ڪارڪنن پنهنجي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ ۾ ڳڙي خدابخش ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ شرڪت ڪن ۽ ان کي عوامي جدوجهد جي سلسلي ۾ سرخ سلام پيش ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button