مختصر خبرون
-
ڌماڪي ۾ زخمي ٿي ويل پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر جي ڀاڄائي فوت
پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر علي محمد سهتو جي گهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ڌماڪي ۾ زخمي ٿي ويل علي محمد سهتو جي ڀاڄائي ۽ امتياز سهتو جي گهرواري ڪالهه زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ وفات ڪري وئي
وڌيڪ پڙھو -
معصوم نينگر رافع ميمڻ اڃان تائين بازياب نه ٿي سگھيو
هنڱورجا مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر رافع ميمڻ 31 ڏينهن گذري وڃڻ با وجود اڃا تائين پوليس انتظاميه کيس کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي جڏهن ته نينگر جي گهر ۾ اڃا تائين ڪهرام متل آهي
وڌيڪ پڙھو -
سکر: 260 ڪلو گرام جي اعليٰ ڪوالٽي جو چرس ھٿيڪو
يڪسائيز پوليس جو آئل ٽينڪر تي ڇاپو، خفيه خانن مان 260 ڪلو گرام جي اعليٰ ڪوالٽي جو چرس برآمد، ٻه جوابدار گرفتار، ايڪسائيز کاتي پوليس جي انسپيڪٽر ذوالفقار شيخ گهوٽڪي جي علائقي ڪمون شهيد وٽ پشاور کان ڪراچي ويندڙ هڪ آئل ٽينڪر نمبر TKC702 دوران تلاشي ٽينڪر جي مختلف خانن مان اعليٰ ڪوالٽي جو 60 2 ڪلو گرام چرس برآمد ڪري ٻن جوابدارن ڊرائيور محمد رمضان ۽ ڪلينر فضل محبوب کي گرفتار ڪري ڪري ورتو،
وڌيڪ پڙھو -
سکر: پريس ڪلب جي عھديدارن کي مبارڪون
روهڙي پريس ڪلب جي صدر عبيدالله شيخ، نائب صدر آصف حسين صديقي، جنرل سيڪريٽري حاصل جتوئي، محمد اسلم سومرو، اظهر علي دايو، زبير عباسي، شاهد حسين ميراڻي، سيد عاطف شاه،عمران شيخ، جمشيد قريشي، وسيم الله شيخ ۽ ٻين لالا اسد پٺاڻ کي صدر ۽ ممتاز بخاري کي جنرل سيڪريٽري، شهزاد تاباڻي کي يونين آف جرنلسٽ جو صدر ۽ امداد بوزدار کي جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آهي ته نون چونڊيل عهديدار پنهنجي صحافتي ذميواريون سٺي نڀائيندي عوام جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندا ۽ صحافين جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندا.
وڌيڪ پڙھو -
سکر جي مختلف علائقن مان وٽان ٻه ڄڻا پر اسرار نموني گم
سکر جي مختلف علائقن نئون پنڊ ۽ لوڪل بورڊ وٽان ٻه ڄڻا پر اسرار نموني گم، پولس کي اطلاع، خبر موجب سکر نئون پنڊ ٿاڻي جي حد پٺاڻ ڪالوني پير افضل روڊ جو رهواسي 0 2 سالن جو شاگرد علي ولد عبدالحميد پٺاڻ گذريل رات پر اسرار نموني گم ٿي ويو
وڌيڪ پڙھو -
پيپلز پارٽي پراڻن ڪارڪن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ديدار علي ڏهر
پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن ديدار علي ڏهر چيو آهي ته سکر جي چونڊيل نمائندن پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ جي باوجودپيپلز پارٽي وارن رابطو نه ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
جسمم حقيقي آزادي پسند، محب وطن ۽ انقلابي تنظيم ۽ تحريڪ آھي، اڳواڻ
جسمم ضلعي سکر طرفان ضلعي صدر لالا سهيل پٺاڻ، آڪاش ڀٽي جي قيادت ۾ پراڻي سکر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙن مظلوم، محڪوم ۽ آزادي پسندن قومن جي حمايت ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اڃان آرڊر جي اوسئيڙي ۾
سنڌ يونيورسٽي مان 2008 ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارن اميدوارن کي آفرليٽر نه ملڻ ۽ رشوت جي گهر کان تنگ اچي ڪري سکر پريس ڪلب جي آ ڏو انڌو، منڊو ۽ ٽنڊو ٿي ماڻهن کان خير خيرات گهرندي پني ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
شڪارپور: ميڊيا ڪوريج ڪرڻ تي صحافين کي نوڪرين جا آرڊر
صوباعي وزير آغا سراج دراني طرفان پنھنجي کاتي ۾ شڪارپور پريس ڪلب سان لاگاپيل اليڪشن ۾ ميديا جي ڪوريج حاصل ڪرڻ لاءِ صحافين کي 25 نوڪرين جا آرڊر ڏئي ڇڏيا آھن
وڌيڪ پڙھو -
گرفتار پوليس اهلڪارن کي ايس ايس پي معافي ڏئي ڇڏي
ه ڏينهن لاڪ اپ ۾ رهڻ بعد گرفتار پوليس اهلڪارن کي ايس ايس پي معافي ڏئي ڇڏي خبرموجب سکر جي ايس ايس پي سيد پير محمد شاهه شهر ۾ موٽر سائيڪلن جي شروع ٿيندڙ ڦرن ۽ چوري جي وارداتن کان پوءِ شهرين جي شڪايت تي سکر سي سيڪشن ٿاڻي جي وڏي منشي شعبان چاچڙ،سب انسپيڪٽر دائود مهر،اي ايس آءِ غلام مهدي شر ۽ اي ايس آءِ محمد خان چانگ سميت 5 اهلڪارن کي شهر جي بي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو