مختصر خبرون
-
سکر: ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۽ هوائي جهاز ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب بچاءَ جي سکيا ڏني ويئي
ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۽ هوائي جهاز ۾ اچانڪ باهه لڳڻ جي سلسلي ۾ سول ايويئيشن اٿارٽي، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، پاڪستان ايئرفورس ايئرپورٽ اٿارٽي، واپڊا، ايڌي، سول ڊفينس، شيل پاڪستان ۽ ٻين ادران جي گڏيل سهڪار سان بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر جي ايئرپورٽ مينيجر لطف الله ڀٽو جي نگراني هيٺ فل اسڪيل ايمرجنسي ايڪسرسائيز 2013 رن وي تي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا : ڪراچي کان سکر ويندڙ ڪي سي ايس مسافر ڪوچ مان لکين روپين جي ڦر
رسول آباد ڀرسان قومي شاهراهه تي ڪراچي کان سکر ويندڙ ڪي سي ايس مسافر ڪوچ مان لکين روپين جي ڦر لٽ مسافرن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ڊي ايس پي ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه شهر ۽ ان جي آسپاس شهرن توڙي ڳوٺن ۾زلزلي جا جهٽڪا
باڊهه شهر ۽ ان جي آسپاس شهرن توڙي ڳوٺن ۾ 2 لڳي 45 مٽن تي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته زلزلي سبب شهري توڙي دڪاندار روڊن تي نڪري آيا.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: اين سي ايڇ ڊي جي استادن مستقل نه ڪرڻ خلاف مظاھرو
هنڱورجا ۾ اين سي ايڇ ڊي جي استادن مستقل نه ڪرڻ ۽ وڌايل پگهارون نه ملڻ خلاف محمد ملوڪ ڪلهوڙو ، ممتاز ناريجو، محمد عظيم سهتو، علي ڏنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مظاهرين الزام لڳايو ته پ پ حڪومت فيڊر اسڪول ٽيچر جي پگهار 8 هزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو هيو
وڌيڪ پڙھو -
منھنجي پٽ کي بازياب ڪرايو، ڪنڊو خان لغاري جي صحافين کي دانھن
پوليس هيڊڪوارٽر جي ڀرسان رهندڙ ڪنڊو خان لغاري صحافين آڏو داهيندي چيو ته منهجو پٽ 13 ساله ذوالفقار لغاري هڪ سال اڳ اسڪول ويندي جوابدارن حبيب الله لغاري،آچر،صديق لغاري،حاڪم لغاري ۽ ٻين دشمني تحت منهجي پٽ کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
ڪوٽڙي: بھار ڪالوني ۾ دڪاندار قتل
بھار ڪالوني سائٽ ايريا ۾ 2 نامعلوم شخصن ڦر جي ڪوشش ۾ ھڪ دڪاندار کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، پوليس جي ڪوشش بعد ٻنھي قاتلن کي پڪڙيو ويو جيڪي ڪوٽڙي ٿاڻي ۾ بند آھن.واقعي کان پوءِ بھار ڪالوني جو ڪاروبار بند ٿي ويو ۽ علائقي ۾ ماڻھن ۾ سخت خوف پکڙجي ويو.
وڌيڪ پڙھو -
ايس.ايس.پي نورالحق رند دادو جي صحافين سان گڏجاڻي
ايس.ايس.پي نورالحق رند دادو جي صحافين سان گڏجاڻي ڪئي. ايس.ايس.پي دادو نورالحق رند چيو ته ضلع دادو اندر امن امان جي صورتحال بهتر آهي. جيڪي ڏوهه ٿي رهيا آهن انهن تي به ڪنٽرول ڪيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
لنڊ برادري پاران آزاد اميدوار سليم لنڊ شهرين ۽ برادري سان گڏجاڻي
لنڊ برادري پاران پي.ايس74 جي آزاد اميدوار سليم لنڊ شهرين ۽ برادري سان گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي کي پي.ايس.74 جي آزاد اميدوار سليم لنڊ ۽ ٻين چيو ته لنڊ برداري پي.ايس73 ۽ پي.ايس 74 تي پنهجي برادري جا اميدوار بيهاريا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
سکر: ميونسپل ملازمن جو پگهارن وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو
ميونسپل ملازمن جو پگهارن وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو 7 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏيڻ باوجود الٽيم ميٽم ختم ٿيڻ ۾ ڪجهه ڪلاڪ رهجي ويا اعليٰ اختياريون خاموش ملازمن ۾ بي چيني
وڌيڪ پڙھو -
سکر بچايو اتحاد تحريڪ جو پلاٽن تي غير قانوني قبضن خلاف مظاھرو
سکر ۾ پلاٽن تي غير قانوني قبضن خلاف سکر بچايو اتحاد تحريڪ جي ڪنوينر مولانا شهزادو ڊريهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تيرچوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن غلامصطفى گهمرو، ظهور الدين انصاري ۽ ٻين ٻڌايو ته شهر جي مختلف علائقن ۾ سرڪاري زمين ڀڳڙن مٽ پئسن ۾ وڪرو ڪئي وئي آهي
وڌيڪ پڙھو