مختصر خبرون
-
اميدوار نه ڏسو بينظير جي تصوير کي ڏسو، نادر مگسي
شھدادڪوٽ: عوام اسان سان گڏ آھي، 5 سالن ۾ اسان ريڪارڊ ڪم ڪرايا آھن ۽ ايندڙ حڪومت ۾ به عوام جي خدمت جاري رکنداسين، اميدوار نه ڏسو بينظير جي تصوير کي ڏسو، پ پ پ اليڪشن کٽي عوام جي خدمت ڪندي، اھڙن خيالن جو اظھر پي ايس 40 جي اميدوار ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر خان مگسي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
مسلم ليگ فنڪشنل ھميشه پنھنجي وطن لاءِ قربانيون ڏنيون
شھدادڪوٽ: پي ايس 40 جي اميدوار ناھيد واجد کھاوڙ مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيوآھي ته پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ھميشه پنھنجي وطن لاءِ قربانيون ڏنيون آھن، سنڌ ڌرتي مٿان ڏکيو وقت ته فنڪشنل پنھنجي وزارتن جي پرواھ نه ڪندي عوام سان گڏ ھئي.
وڌيڪ پڙھو -
صدرالدين شاھ جو سيٺارجا ۾ خطاب
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پاران سيٺارجا شھر ۾ جلسو ڪيو، جلسي کي خطاب ڪندي صدر الدين شاھ راشدي چيو ته پ پ پ ھاڻ ڀٽن واري پارٽي ناھي، انھن پنج سال عوام کي لٽيو آھي، اسان اقتدار ۾ اچي ڪري تعليم عام ڪنداسين، 11 مئي ته 10 جماعتي اتحاد جا اميدوار ڪاميابي ماڻيندا.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌي ماڻهو پنهنجي سڄڻن ۽ دشمنن جي سڃاڻپ ڪن، ڪاظم علي شاهه لڪياري
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ۽ پي ايس 34 جي سيد اسماعيل شاهه راشدي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ يوسي سمي جي مختلف ڳوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري کين کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي سڄڻن ۽ دشمنن جي سڃاڻپ ڪن ڌرتي وڪرو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا
وڌيڪ پڙھو -
دادو ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو دور هلي رهيو آهي، اعجاز ملاح
دادوــ پي.ايس 74 جي آزاداميدوار اعجاز ملاح ۽ شهري رحمان ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت دادو ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو دور هلي رهيو آهي ۽ پي.ايس 74 جي تڪ تي به اهڙا اميدوار بيٺا آهن جن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اڳئي دور حڪومت ۾ به ڪرپشن جا ريڪارڊ ٽٽي ويا هئا
وڌيڪ پڙھو -
ف ليگ پاڪستان جي وڏي پارٽي ٿي اڀري پئي، چاڪرخان شاهاڻي
اين.اي 232 جي فنڪشنل ليگ جي اميدوار سردار چاڪرخان شاهاڻي پاران مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجياڻيون ڪيون ڪارنر گڏجياڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته ف ليگ پاڪستان جي وڏي پارٽي ٿي اڀري رهي آهي عوام ف ليگ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو مخالف 11 مئي جي ڏينهن تي پاڻ ڏسندا ته فتح ڪنهن جي ٿئي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
دادو: ڪورائي،گرماڻي،لنڊ،ڪوريجه،چانڊيه برادرين جو ڪٺ
دادو ڀرسان ڳوٺ الهه بخش ڪورائي ۾ مختلف برادرين ڪورائي،گرماڻي،لنڊ،ڪوريجه،چانڊيه برادرين جو ڪٺ سردار محمدبخش ڪورائي جي صدارت هيٺ ٿيو ڪٺ ۾ ڳوٺاڻن داهون ڪيون ته پ.پ جي پنج ساله دوري حڪومت ۾ اسان کي ڪجهه به نه مليو آهي تنهن جي ڪري اسان هاڻي اهڙي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڪنداسين جيڪو اسان جا مسئلا حل ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
اليڪشن۾ نون چهرن جي ضروروت آهي، اعجاز ملاح
پي.ايس74 آزاد اميدوار اعجاز ملاح پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ورڪ تيز ڪري ڇڏي محله قلندرآباد ۽ ملاح چوڪ ۾ ڪارنر گڏجياڻيون ڪيون ڪارنر گڏجياڻين کي خطاب ڪندي چيو ته دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي. عوام ساڳيا چهرا ڏسي ڏسي بيزار ٿي ويو آهي عوام هاڻي سنڌ دشمن ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي سڃاڻي ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
محبت ديرو : لياقت علي ملاح به پ پ ڇڏي اين پي پي ۾ شامل
ڪنڊيارو لڳ محبت ديرو ملاح ذات جو اڳواڻ اڄ سنڌ ملاح پھلواڻ جو وڏو پوٽو لياقت علي ملاح پ پ کي الوداع چئي اين پي پي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالھ شام وڏو جلسو منعقد ٿيو جنھن ۾ اين پي پي چيئرمين مرتضيٰ خان جتوئي، سيد آفتاب علي شاھ، سيد ابرار علي شاھ، وڏيرو عزيزالله ڏھراج، آغاطارق ملاح، آغا نوشاد علي ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستاني عوام جي خدمت ڪنداسين، پ پ اڳواڻ
پيپلز پارٽي جي مرڪزي رهنما ۽ اڳوڻي وزيراعلي سيد قائم علي شاه جي ڌيءَ ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه جيلاني ۽ اين اي 215 جي نامزد اميدوار حاجي نواب خان وساڻ چيو آهي ته پيپليز پارٽي جي قيادت ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي لاءِ پنهنجن جانن جا نذرانا پيش ڪيا ۽ ملڪ جي حقيقي جمهوريت کي نافذ ڪئيِ 11 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر عوام شهيد ذوالفقار علي بٽو جي خاندان سان محبت جو اظهار ڪندي تير تي ٺپو هڻي وفا جو اظهار ڪندا.
وڌيڪ پڙھو