مختصر خبرون

سنڌي ماڻهو پنهنجي سڄڻن ۽ دشمنن جي سڃاڻپ ڪن، ڪاظم علي شاهه لڪياري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ۽ پي ايس 34 جي سيد اسماعيل شاهه راشدي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ يوسي سمي جي مختلف ڳوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري کين کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي سڄڻن ۽ دشمنن جي سڃاڻپ ڪن ڌرتي وڪرو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا انهن کي 11 مئي تي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي . 11 مئي تي تڪ جو عوام مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندو. هن ڀيري مخالف ڀڄڻ لاءِ واٽون ڳولهي رهيا آهن پر اسان انهن جا سڀئي رستا بند ڪري ڇڏيا آهن هن چيو ته پي پي جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي عوام سندن کان بيزار ٿي چڪو آهي. اسان جي ڪاميابي غريب مسڪين ماڻهن جي ڪاميابي آهي. اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري تڪ جي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button