مختصر خبرون
-
دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي، ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب
دادو پي.ايس74 آزاد اميدوار اعجاز ملاح پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ورڪ تيز ڪندي ميمڻ محله ۾ عورتن جي ڪارنر گڏجاڻي ڪئي گڏجياڻين کي خطاب ڪندي اعجاز ملاح.عرفانه ملاح، امر سنڌو چيو ته دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي. عوام ساڳيا چهرا ڏسي ڏسي بيزار ٿي ويو آهي عوام هاڻي سنڌ دشمن ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي سڃاڻي ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
دادو:سياسي ڳالهين تان منهن ماري بعد ھڪ ڄڻو زخمي
نيو بس اسٽاپ وٽ سموسه وڪرو ڪندڙ دڪاندار ۽ اڳوڻي ايم.پي.اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ ضلع ڪائونسل جي چيف آفيسر پرويز چانڊيو وچ ۾ ذاتي منهن ماري کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو سموسن جي دڪان ۾ ڀنڃ ڊاهه کان بعد ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني فائرنگ ۾ پرويزچانڊيو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
شهيدن جي نالي تي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙي ووٽ وٺندڙن کي عوام هاڻي سڃاڻي چڪو آهي، ظفر علي شاهه
پي.ايس 74 جي اميدوار سيد ظفر علي شاهه مزدور آباد پاڙي ،ملاح چوڪ وٽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته دادو هاڻي مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي شهيدن جي نالي تي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙي ووٽ وٺندڙن کي عوام هاڻي سڃاڻي چڪو آهي عوام هاڻي ان کي ووٽ ڏيندو جيڪو عوام جا مسئلا حل ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
عوام پ.پ.پ مان بيزار ٿي چڪو آهي، ظفر علي شاهه
پاڪستان مسلم ليگ (ن) پي.ايس74 جي اميدوار سيد ظفر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ايس.پي چوڪ کان شاهجهان پارڪ تائين شهرين پاران شاندار استقبال ريلي ۾ عورتن ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي سيد ظفر علي شاهه چيو ته اسان سان گڏ عوامي سمنڊ ڏسي مخالف وائڙا ٿي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
اليڪشن جو پر امن انعقاد تمام گهڻو اهم آهي ۽ ان ڏس ۾ جامع سيڪيورٽي پلان مرتب ڪيو ويو آهي، فياض حسين عباسي
ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ سڀ سرڪاري کاتا ۽ سرڪاري عملدار پنهنجو گهربل ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪن ۽ ان ڏس ۾ هڪٻئي سان مربوط رابطو رکيو وڃي _ اهڙي هدايت ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جناب فياض حسين عباسي اڄ هتي پنهنجي آفيس ۾ ضلعي جي اليڪشن ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني
وڌيڪ پڙھو -
پڪا چانگ پ پ پ جي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙس سان حادثو 2 فوت
پڪا چانگ پ پ پ جي ريلي ۾ شرڪت ڪري موٽندڙن جي موٽر سائيڪل جو بسم اله سي اين جي ڀرسان مزدا سان ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 2 ڄڻا راجا سولنگي ۽ راحب سولنگي ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ هڪ ثناء الله جي هالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جي خصوصي معاون 8 مئي سکر ۾ اسپورٽس کاتي جي اجلاس کي خطاب ڪندو
سنڌ جي نگران وڏي وزير جي خصوصي معاون براءِ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئر اصلاح الدين صديقي اربع جي ڏينهن 8 مئي 3 1 0 2 ع صبح 1 1 بجه سرڪٽ هائوس سکر ۾ اسپورٽس کاتي جي آفيسرن سان گڏ اجلاس جي صدارت ڪندو، ۽ شام 4 بجه گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج سکر ۾ ايٿليٽ ٽريڪ جي تعمير جو جائزو وٺندو، جڏهن ته سکر ۾ هاڪي گرائونڊ ۾ اسٽروٽرف جو معائنو پڻ ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
سکر: پراڻي دشمني هيٺ خانپورمهر واسي نوجوان عبدالغفور مهر قتل
سکر باءِ پاس تي موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن پراڻي دشمني هيٺ خانپورمهر واسي نوجوان عبدالغفور مهر کي قتل ڪري ڇڏيو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي،گهر ۾ روڄ راڙو خبر موجب سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سٽي باءِ پاس تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿياربندن ڪار سورا ر عبدالغفور مهر کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار هوم اڪنامڪس جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ، سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار هوم اڪنامڪس (خاتون) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ اهل اميدوارن کان هلندڙ مهيني ورتل انٽرويو۾ شهربانو علي، ساديه خان ، سيده حفصه احمد شيخ، رابيه محمود ، روبينا رضوان ، سارا صديق، سيده زرين ناز، طيبه عبدالطيف ميمڻ، عطيقه ياسمين،حما مجيب خان ،مريم سعيد، مونظه تبسم ،صائمه خان تنولي، فضا مسعود راجپوت، مصباح رحمان آرائين ،زهره مصطفيٰ هاشماڻي، شهنيلا گل جويو ، سيده عنيقه شاهه کي ڪامياب قرار ڏنو آهي
وڌيڪ پڙھو -
ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو خلاف ڳوٺاڻن جو مظاھرو
ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پاران نولکي واهه مان نڪرندڙ واٽر ڪورس کي بند ڪرڻ ۽ اريگيشن جي ريسٽ هائوس جو لوهه ۽ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ايس ڊي او خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان
وڌيڪ پڙھو