مختصر خبرون
-
سکر: ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو، ٻه عورتون زخمي
بندر روڊ لڳ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو، ٻه عورتون زخمي، تفصيل موجب گذريل ڏينهن بندر روڊ جي علائقي گاڏي هاتي لڳ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
سکر: سنڌي جي انقلابي شاعر نثار بزمي جي چوڏهين ورسي ملهائي وئي
مرزاپور ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ مرزاپور پاران سنڌي ٻولي جي قومي ۽ انقلابي شاعر نثار بزمي جي چوڏهين ورسي ملهائي وئي، ان موقعي تي شاعرن، اديبن ۽ نثار بزميءَ جي شاگردن قافلي جي صورت ۾ ٻڍل فقير قبرستان وٽ پهچي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي
وڌيڪ پڙھو -
ميرواهه جي پيرسن زندگي کان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي
ميرواهه جي پيرسن زندگي کان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي، گهر ۾ ڪهرام. تفصيل مطابق تعلقه ميرواهه جي ڳوٺ ڍيڍاڻو جي رهواسي پيرسن نبي داد دستي زندگي کان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. اهڙي واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي جو ماحول سوڳار بڻجي ويو.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور: عدالت عبدالله نوحاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي
خيرپور جي عدالت پريالوءِ ۾ عبدالله نوحاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جوابدار جيل حوالي.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور جي عدالت ايس ايڇ او ٻٻرلوءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري
خيرپور جي عدالت ايس ايڇ او ٻٻرلوءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ علي بخش ٿيٻو جي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور جي شهرين مٿان پوليس جا حملا، شهري عدالت پهچي ويا
خيرپور جي شهرين مٿان پوليس جا حملا، ڦرلٽ جا واقعا، شهري عدالت پهچي ويا، ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواستون داخل، محمد علي جتوئي طرفان پنهنجي والد کي ڀي جوابدار ڄاڻائيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
خيرپور جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر مٿان پسٽل سان حملو
خيرپور جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر مٿان پسٽل سان حملو، معجزانه طور بچي ويو، جوابدار فرار، ڪيس داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي. تفصيل مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ قائم ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ علي بخش ٿيٻو جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر طارق حفيظ ولد حفيظ الله چنه مٿان عدالت اندر جوابدار منظور حسين ولد محمد يوسف شهواڻي ڪيس جا ڪاغذات نه ملڻ سبب پسٽل سان قاتلانه حملو ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
نام نهاد موجوده حڪومت هڪ سنڌي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، محمد علي خشڪ
جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي مرڪزي باڊي جو اجلاس قاسم آباد ۾ مرڪزي چيئيرمين محمد علي خشڪ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري حافظ رحيم بخش لکڻ، سارنگڏهوٽ، ڊاڪٽر اختر ابڙو، نويد ڪماريو ۽ نواز بليدي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي ۽ سيد جلال محمود شاهه جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪندي سنڌ بچايو ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف لڳندڙ ڌرڻن جي مڪمل حمايت ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
نامياري ڪهاڻيڪار اديب، شاعر وفا صالح راڄپر دل جي ڪنھن سار نه لڌي
سنڌي ادبي سنگت شاخ وڏي وهڻي جو سيڪريٽري ۽ نئين ٽهيءَ جو ناميارو ڪهاڻيڪار اديب، شاعر وفا صالح راڄپر دل جي مرض، دماغي جي ڪمزوري ۽ معدي جي تڪليف ۾ ورتل، ثقافت کاتي وفا صالح راڄپر جي ڪا به سار نه لڌي
وڌيڪ پڙھو -
آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيش تعلقي ڳڙهي خيرو جي آل ڊپارٽمينٽ جي چونڊ ڳڙهي خيرو ۾ ٿي گذري
جئين ته آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسيش تعلقي ڳڙهي خيرو جي آل ڊپارٽمينٽ جي چونڊ ممتازعلي ٻٻر ۽ عمران خان جکراڻي جي نگراني ۾ ٿي گذري جنهن ۾هيٺ ڏنل تعلقي جا عهديدار چونڊيا ويا
وڌيڪ پڙھو