شاعري
-
تنهائي پيار جي…!
آئون تنها ٿي پيو آهيان پر منهنجي تنهائي ڪنهن ڪرونا سبب ناهي جڏهن کان هڪ طرفي پيار مونکي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي، تڏهن کان آئون ته هجومن ۾ هوندي به ھيڪلو آهيان.
وڌيڪ پڙھو -
ڊيلٽا ۾ جڏهن دُوڙ اُڏي ٿي
ڊيلٽا ۾ جڏهن دُوڙ اُڏي ٿي دانهن تڏهن ڌرياءُ ڪري ٿو مرکان پڊ تي، رُڃ رڙي ٿي روپا ماڙي روڄ ڪري ٿي ۽ دودن کي هو انُهن ڏئي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ پُڇي ٿي بس اِهو ئي …….؟؟؟
ادريس نھڙيو ديس منهنجي کي رڳو ، رت روئاريو ڇو ويو….؟ سنڌ پُڇي ٿي بس اِهو ئي ، هُن کي ماريو ڇو ويو….؟ هِن وطن سان ڪئي چڱائي ، پر ملي هُن کي ڇو ڦاهي….؟ شهيد ڀُٽي کي ڀلا ، سولي چاڙهيو ڇو ويو….؟ شهيد پيءُ جو جانشين ، پُٽ ته هو شاهنواز پر فرانس ۾ انهي کي ، زهر پياريو ڇو ويو….؟ مير مرتضيٰ ڀُٽي کي ، گهر اڳيان گوليون هڻي موت جي ننڊ هميشه ، لئه سمهاريو ڇو ويو….؟ سانجهي ٽاڻي هڪ نياڻي ، سنڌ ڄائي سنڌ راڻي بينظير جي جسم جو ، روح اُڏاريو ڇو ويو….؟ منهنجِي ڀٽڪيل قوم جو ، راهو به رهبر هُيو تنهن فاضل سان ڀلا ، وير پاڙهيو ڇو ويو….؟ هو محافظ سنڌ جو ، هڪ بشير خان هو خون غيرت مند جو ، ايئن ٺاريو ڇو ويو….؟ هڪ بهادر بي ڊپو ، سنڌي هو مظفر ڀٽو رات جا رهزن ٻُڌايو ، سو اُجاڙيو ڇو ويو…؟ ڪيترا جوڌا ۽ دودا ، هاءِ هوشو شهيد ٿيا سُور سُورهيه بادشاهه جو ، سيني اُڀاريو ڇو ويو ….؟ وقت جا ويري يزيدو ، ڏيو جواب ادريس کي هُت سانگهڙ ۾ سنڌين کي ، جيئري ساڙيو ڇو ويو….؟
وڌيڪ پڙھو -
خبرن جي رش ۾ ڦاٿل ماڻهو
سين خبرن جي رش ۾ ڦاٿل ماڻهو اسانجي گهر کان ٻاهر سياست ته ڄڻ نقاب جو نالو آهي جنهن تي چهرن جو نصيب لکيل آهي.
وڌيڪ پڙھو