سنڌي ادب

  • ماھوار وينجھار جو آڪٽوبر جو شمارو مارڪيٽ ۾ اچي ويو

    سنڌي زبان ۾ گذريل 27 سالن کان ڇپجندڙ ديني،سياسي،علمي،ادبي ۽ تجزياتي رسالو وينجهار جو تازو پرچو شايع ٿي چڪو آهي.جنهن جي ٽائيٽل اسٽوري”قدرتي آفت ۾ ٻڏي ويل سنڌ“ آهي ،ان کان علاوه خيمن وارو ديس منهنجو ڙي،ڪراچي جي تقسيم جو آمريڪي منصوبو،اسان جي قدرتي وسيلن تي ڌارين جو راڄ،ڇا اي پي سي جي اعلاميه تي عمل به ٿيندو ؟،نائن اليون جي ڏهن سالن بعد ۽ ڊينگي وائرس هڪ خطرناڪ بيماري سميت ٻيا مضمون شامل آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • Grand mother

    ناني امان قسط 4

    ناني امان اسان کي اڪثر ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. هڪ دفعي اسان ناني امان جي ڳوٺ ويل هيا سين. سياري جي مند هئي ناني امان وٽ رڌڻي ۾ وچ تي چار ڪنڊن سان چلهه ٺهيل هوندي هئي، ان جي وچ تي مٽيءَ جا ٺهيل مارنگ رکيل هوندا هيا اتي ماني ۽ رڌ پچا ءٌ ٿيندو هيو۽ سيءَ کي گهٽائڻ لاءِ مچ ٻاريو ويندو هيو.اتي سڀ سياري ۾ چلهه جي چوڌاري ويهي ڪچهري ڪندا هيا ۽ اسان آرام سان ويهي سندس ڳالھيون ٻڌندا هيا سين. هڪ دفعي اسان چلهه تي ويٺا هيا سين ته چلهه جي واٽ تي وڏي ٿوڻي( وڏي ڏار جي ڪاٺي) پئي هئي اتان لگهندي هڪ ٻه ماڻهو ٿا ٻڙيا، پر ڪنهن اها کنئين ڪونه ناني امان اسان مان ٻن کي چيو ته گڏجي اها ڪاٺي کڻي هڪ پاسي رکو.

    وڌيڪ پڙھو
  • وينجهار مئگزين جو تازو شمارو ڇپجي ويو

    حيدرآباد: سنڌي زبان ۾ 27 سالن کان مسلسل ڇپجندڙ ديني،سياسي،علمي،ادبي ۽ تجزياتي رسالو وينجهار مئگزين جو تازو شمارو شايع ٿي چڪو آهي،جنهن ۾ ملڪي ۽ عالمي حالات کان علاوه رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي مناسبت سان مضمون،شاعرن جي نڪرو شاعري جهانگين جي جهونگار ۽ ٻيا مستقل سلسلا شامل آهن. پڙهندڙ هاڪر يا سنڌ جي ڪنهن به مشهور بڪ اسٽال کان ڪاپي خريد ڪري سگهن ٿا.

    وڌيڪ پڙھو
  • محترم عزيز جعفراڻي جا لکيل ڪتاب

    وڌيڪ پڙھو
  • خبرن جي رش ۾ ڦاٿل ماڻهو

    سين خبرن جي رش ۾ ڦاٿل ماڻهو اسانجي گهر کان ٻاهر سياست ته ڄڻ نقاب جو نالو آهي جنهن تي چهرن جو نصيب لکيل آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • pied cuckoo

    آزاد نظم

    آمد بھار ۽ چمن ۾ اداسي ڪوئل جي ڪو ڪو خاموش نه شادابي نه شگفتي بھار معني نويد سحر ڪاري رات کان پوءِ مرجھايل چھرن تي مرڪ موٽائڻ لئه پر ھي ڇا چوڏس خاموشي آشيانا اجڙيل ۽ ويران ڪنول جي لالي غائب

    وڌيڪ پڙھو
  • books

    ڏاھن جا ڏس

    جيڪو شخص ڪنھن جا عيب تلاش ڪرڻ ۾ رھندو آھي ته ان کي ڪوئي نه ڪوئي عيب ملي ئي ويندو آھي (حضرت علي عليه السلام)

    وڌيڪ پڙھو
  • seed 720775

    جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي

    پيارا ٻارو! ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان ڀريل ھو. وڏي ڳالھھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا ھئا. خدا جي قدرت ڏسو، ھڪ ڏينھن طوفان آيو ۽ ٻيڙو ھاڻ طوفان جي رحم و ڪرم تي ھو، اچتو ٻيڙو سمونڊ ۾ ھڪ ٽڪر سان ٽڪرايو. ٻيڙو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، ھر ڪوئي جان بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويو. سوداگر کي به ھڪ تختو ھٿ اچي ويو، سوداگر کي ھاڻي خدا ياد اچي ويو ۽ خدا کي ٻاڏائڻ لڳو. آخر ڪار ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ڪناري سان لڳو.

    وڌيڪ پڙھو
  • Nani Aman

    ناني امان قسط 3

    ناني امان جو هلٽ ڳوٺ ۾ مشهور هيو.اسان ناني امان کان ڪهاڻيون يا انبيائن جا قصا رات جو ٻڌندا هيا سين .چانڊوڪين راتين ۾ جڏهن اڳڻ تي کلي ٿڌڙي هيرلڳندي هئي.ڪهاڻيون ٻڌندي ٻڌندي ننڊ اچي ويندي هئي. هڪ دفعي ڳوٺ ۾ هاڙ جا ڏينهن هيا، درياءَ تي چاڙه هيو۽ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو بند تي چوڪيون قائم ڪيون ويون هيون.چوڪين جو هڪ مقصد تي اهو هيو ته ڪٿي به گهارو پوي ته بروقت ان جي مرمت ڪئي وڃي، ٻيو ڳوٺ جا نوجوان ۽ ٻار پاڻي جي ويجهو نه وڃن ۽ ڪنهن به مشڪل گهڙيءَ ۾ مدد لاءِ اتي ڪو نه ڪو هجي. پر ڳوٺ ۾ ڄڻ ته بهار اچي وئي هئي. مڇي، ڦاڙهن ۽ ٻين جانورن جو جو شڪار وڌي ويندو هيو.ان کان سواءِ نانگ ۽ بلائون به تمام گهڻيون وڌي وينديون هيون. ڳوٺ جي آسپاس پري پري کان ماڻهون چانڊوڪين راتين جي رهاڻ ڪرڻ بند تي ايندا هئا،سگهڙن جي محفل مچندي هئي

    وڌيڪ پڙھو
  • books

    دنيا جي عظيم دانشورن جا قول

    جنهن ماڻهو وٽ حوصلي جو ڪميت آهي ان لاءِ ڪابه منزل ڏکي ۽ ڏور نٿي ٿي سگهي. ( هونري گاريڊ)

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button