اليڪشن 2013
-
سکر ۾ پ پ اندر عملي طور ڏڦيڙ پئجي ويو
سکر ۾ پ پ اندر عملي طور ڏڦيڙ پئجي ويو شهري عوامي اتحاد طرفان جلسي ۾سکر جي تباهي جو ذميوارسيد خورشيد شاهه کانسواءِ پ پ جي سينيٽر اسلام الدين شيخ،سندس ايم اين اي پٽ نعمان اسلام شيخ،ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ ۽ حاجي انور خان مهر کي قرار ڏيندي کين ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
پي پي سان ٽڪر کائيندڙ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا، ڊاڪٽر مهرين ڀٽو
پي پي جي اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو آهي ته 11 مئي تي مخالف اميدوار ڳوليا به نه لڀندا. عوام هڪ ڀيرو ٻيهر تير جي نشان تي ٺپو هڻي مخالف اميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون. سمي ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته پي پي عوامي سمنڊ آهي
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس 41 تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي حمايت ۾ سائيڪل ريلي
پي ايس 41 تي سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران نامزد ڪيل اميدوار ڪامريڊ قادر بروهي جي حمايت ۾ شهر جي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران عزيز بروهي، مبارڪ پنهور، سڌير جوڻيجو، سفر مغيري، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ موٽر سائيڪلن تي ريلي ڪڍي وئي
وڌيڪ پڙھو -
دادو ۾ ملاح برادري جو ڪٺ ٿيو ڪٺ ۾ ملاح برادري جي هزارين ماڻهن شرڪت
دادو ۾ ملاح برادري جو ڪٺ ٿيو ڪٺ ۾ ملاح برادري جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.ڪٺ کي خطاب ڪندي سردار حاجي ايوب ملاح چيو ته ضلعي دادو ۾ ملاح برادري جو تمام گھڻو تعداد آهي ملاح برادري کي هن وقت تائين نظر انداز ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۾ متحده ديني محاذ طرفان اميدوار کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گڏجاڻين جو سلسلو تيز
چونڊن جي ويجهو ايندي سرگرميون تيز ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي سکر ۾ متحده ديني محاذ طرفان سکر جي پي ايس 2 جي اميدوار کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ شهر جي مختلف علائقن جي ماڻهن سان گڏجاڻين جو سلسلو تيز ڪندي گهر گهر ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ منصوبا بندي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس 58 جو صادق اميدوار
62 ۽ 63 جي تلوار ڪجهه سر قلم ڪيا ۽ ڪيترائي مانگهر مڇ ڪرشماتي طور پاڻ کي بچائي ويا، فخرو ڀائي جي هن اليڪشن مان عوام کي وڏيون اميدون هنيون ته ڪئي مانگهر مچ پنهنجي ڪيئي جي ڄار ۾ ڦاسندا پر سندن نصيب زور چئجي يا قسمت جي ديوي انهن تي مهربان ٿي جو هڪ دفعو وري به انهن کي عوام جي در تائين پهچڻ جو موقعيو مليو
وڌيڪ پڙھو -
ڪشمور : پ پ پ 16 اپريل تي ڪنڌڪوٽ ۾ اھم اجلاس طلب ڪري ورتو
پ پ پ ضلع ڪشمورپاران اليڪشن جي تيارين جي سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس 16 اپريل تي ڪنڌڪوٽ ۾ طلب ڪيو ويو آهي ،انهي حوالي سان پ پ پ ضلع ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري ميراسرار احمد کوسو انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ کي ٻڌايو ته ڪشمور ۾ اميدوارن جي حتمي اعلان بعد اليڪشن جون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن،
وڌيڪ پڙھو -
ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پ،پ،پ ۾ رهندڙ شورا برادري مسلم ليگ ن ۾ شامل
ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پ،پ،پ ۾ رهندڙ شورا برادري اڳوڻن پ،پ،پ جي چونڊيل نمائندن کان ناراض ٿي مسلم ليگ( ن) ۾ شامل ٿي ويا ،پاڪستان پپلز پارٽي هاڻي ( پيٽ پاليو پارٽي) بڻجي وئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
ڀوتارن وڏيرن جي پچر ڇڏي ڏيو 40سالن ۾ هنن عوام کي ڪجھ ناھي ڏنو، بروھي ڀائر
ڏوڪري اين اي 205 ۽ پي ايس 35 پي ايس 41 تي 2 ڀائر آزاد اميدوارن جا ڏوڪري،باقراڻي تعلقن جا دورا زبردست عوامي موٽ حاصل:ڳوٺن ۾ گلن جي ورکا سان شاندار استقبال، عوام جو ووٽ قيمتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
باڊھ: نااهل اميدوارن کان ٽڪيٽون واپس ورتيون وڃن، شھرين جو مظاھرو
پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي پ پ جي اميدوارن عزيز جتوئي ۽ نظير ٻگهيو خلاف شهرين پاران سڪندر پنهور، عبدالرحمان نوناري ۽ مقصود پنهور جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي حيدر چوڪ وٽ روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج دوران شهرين پاران ٻنهي اميدوارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو