اليڪشن 2013ڏوڪري

ڀوتارن وڏيرن جي پچر ڇڏي ڏيو 40سالن ۾ هنن عوام کي ڪجھ ناھي ڏنو، بروھي ڀائر

توفيق الزمان ميمڻ انڊس نيوز ڊاٽ، ڏوڪري

ڀوتارن وڏيرن جي پچر ڇڏي ڏيو 40سالن ۾ هنن عوام کي ڪجھ ناھي ڏنو، بروھي ڀائر
ڀوتارن وڏيرن جي پچر ڇڏي ڏيو 40سالن ۾ هنن عوام کي ڪجھ ناھي ڏنو، بروھي ڀائر
ڏوڪري اين اي 205 ۽ پي ايس 35 پي ايس 41 تي 2 ڀائر آزاد اميدوارن جا ڏوڪري،باقراڻي تعلقن جا دورا زبردست عوامي موٽ حاصل:ڳوٺن ۾ گلن جي ورکا سان شاندار استقبال، عوام جو ووٽ قيمتي آهي ان جو قدر آهي ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي بعد عوام جي ڀلائي جا ڪم ڪيا ويندا:نور احمد بروهي،سڪندر بروهي.
خبر موجب:لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري،باقراڻي ۾ 11 مئي تي ٿيندڙ اليڪشن جي سلسلي ۾ ٻين پارٽين جيان آزاد اميدوار به پوئتي ناهن هٽيا ان سلسلي ۾ باڊهه جي بروهي جوڙي ٻن ڀائرن نور احمد بروهي، سڪندر بروهي پاران اين اي 205 ۽ پي ايس 35 پي ايس 41 تي فارم ڀرائڻ ۽ چونڊ وڙهڻ جي اعلان بعد ڀرپور عوامي موٽ ملي آهي،ان سلسلي ۾ ڪالهه ڏوڪري،باقراڻي تعلقن جي مختلف ڳوٺن گند،باڊهه،ننڍي وهڻي،وڏي وهڻي،۾ خاصخيلي ذات جي جمال خاصخيلي،ڊاڪٽر نواب خاصخيلي جي دعوت تي ڳوٺ وڏي وهڻي جلوس پهتو ته سوين ماڻهن گلن جي ورکا سان سندن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ هنن جي حق ۾ نعره هنيا ويا.
جنهن بعد مختلف برادرين جي چڱن مڙسن جن ۾ خاصخيلي ذات جي ولي محمد راڄپر،وفا صالح راڄپر، جمن خاصخيلي آزاد اميدوارن طور ٻن ڀائرن نور احمد بروهي، سڪندر بروهي جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو،جنهن بعد ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي آزاد ٻن ڀائرن اميدوارن نور احمد بروهي،سڪندر بروهي چيو ته ڀوتارن وڏيرن جي پچر ڇڏي ڏيو 40سالن ۾ هنن عوام کي ڇا ڏنو آهي؟ جو اوهان انهن جي درن تي بيٺا آهيو، اٿو سجاڳ ٿيو ۽ تبديلي آڻيو ۽ انهن پراڻن 50 کي هرائي غريب طبقي جي عوام کي اڳتي آڻيو جيڪي اوهان جي هر ممڪن مدد ڪندا،۽ اوهان جي هر ڏک سک ۾ اسان اوهان سان گڏ آهيون،هنن چيو ته 11مئي تي اسان جا هٿ مضبوط ڪيو اسان اوهان جا هٿ مضبوط ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button