اليڪشن 2013
-
پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقيرچونڊمھم جو آغاز ڪري ڇڏيو
سکر جي فقير به چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي سکرجي تڪ پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقير ڪالهه سکر جي درگاهه شيخ شيهن تي چادر چاڙهي پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ کان منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جي آزمائش جو ڏينهن شروع ٿي ويو آهي گهر گهر وڃي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي قائل ڪنداسين
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس 2 لاءِ جي يو آءِ اميدوار منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو، عبدالقادر گهمرو
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ سکر پي ايس 2 جي اميدوار عبدالقادر گهمرو چيو آهي ته 10 جماعتي اتحاد طرفان پي ايس 2 لاءِ بيهاريل جي يو آءِ اميدوار عبدالغني کوسو منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو جيڪڏهن هن هٿ نه کنيو ته آءٌ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس ڇاڪاڻ تي هينئر عوام کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي
وڌيڪ پڙھو -
حڪومت نوناري برادري جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو، نوناري برادري
سکر ۾ پريس ڪلب تائين نوناري برادري جي ماڻهن ڳوٺ الله نواز نوناري بچل شاهه مياڻي کانريلي ڪڍي نعرا هڻندي پهتا جنهن ۾ برادري جي وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪري يڪتهجي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي قادر بخش، جادل ، محمد نواز ، حاجي محمد هاشم، بخشڻ نوناري ۽ ٻين چيو ته هر حڪومت نوناري برادري جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار ۽ تڪليفن ۾ مبتلا رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
سکر: پ پ اميدوار عوام کان ھٿ ٻڌي ووٽ گھرڻ لڳو
سکر اين اي 198 جو اميدوار نعمان اسلام شيخ چونڊ مهم لاءِ ميدان تي لهي پيو، بئراج ڪالوني جي رهواسين پاران مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ سالن کانپوءِ تڪ ۾ اچڻ تي ڇتي تنقيد، اميدوار تنقيد باوجود هٿ ٻڌي ووٽ گهرندو رهيو
وڌيڪ پڙھو -
محمد ميان سومرو، اعجاز خان جکراڻي، رافع اڪبر راشدي، سيف الله ڌاريجو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت
اڳوڻو سينيٽ چيئرمين محمد ميان سومرو، اعجاز خان جکراڻي، رافع اڪبر راشدي، سيف الله ڌاريجو کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت، سندن خلاف داخل اعتراض واريون درخواستون رد، تفصيل موجب الڪيشن ٽربيونل ۾ مختلف اميدوارن خلاف داخل اعتراضن جي ٻڌڻي واري آخري ڏينهن تي اڳوڻي سينيٽ جي چيئرمين محمد ميان سومرو ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اعجاز جکراڻي پيش ٿي وڪيلن معرفت پنهنجن اعتراضن تي جواب ڏنا
وڌيڪ پڙھو -
پڪاچانگ: 40 سالن کان پ پ پ جا ڪارڪن ساٿ ڇڏي ويا
پي ايس 31 تي پ پ پ مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي 40 سال پ پ پ کي ڏيندڙ به ساٿ ڇڏي ويا . پي ايس 31 تي پ پ پ مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي ڌڙا بندي کانپوءِ هاڻي پ پ پ سان 40 سالن کان هلندڙ به ساٿ ڇڏي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
مٽياري: پ پ اڳواڻ ۽ آزاد اميدوار فنڪشنل ليگ جي اميدوار جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو
يوسي تاجپور جي پي پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 44 تي آزاد اميدوار سيد ڀورل شاھي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل پي ايس 44 اميدوار سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو ۽ آزاد اميدوار سيد محمد شاھ به پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو.
وڌيڪ پڙھو -
اڳوڻي ايم اين پاران خبرون ھلائڻ تي صحافي کي ڌمڪي خلاف احتجاجي ريلي
اڳوڻي ايم اين اي حزب الله ٻگهيو پاران خبرون هلائڻ تي باڊهه جي جاکوڙي صحافي نظام ڪولاچي کي ڏنل موتمار ڌمڪين خلاف باڊهه ۾ مختلف تنظيمن جي مقامي اڳواڻن ڪامريڊ قادر بروهي، زيب علي ساريو، مسرور سيال، محمد علي خشڪ، فياض ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي ٽائون هال کان احتجاجي ريلي ڪڍي
وڌيڪ پڙھو -
صالح پٽ :ووٽ ڏيڻ نه پاران پي ايس 4 جي اميدوار يار محمد ڀنڀروتي ڳوٺاڻن جو گھر ڊاھڻ جو الزام
صالح پٽ پي ايس 4 جي اميدوار يار محمد ڀنڀرو پاران ڳوٺ غلام رسول ڪلادي جي ڳوٺاڻن ووٽ کان کٿو جواب ڏيڻ تي ڳوٺاڻن جا ٻه گهر ڊاهي پٽ ، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڳوٺ خالي ڪرڻ جو حڪم ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو
وڌيڪ پڙھو -
پي ايس 31 ۽ اين اي 216 تي پ پ پ ڌڙا بندي جو شڪار ٿي وئي
پي ايس 31 ۽ اين اي 216 تي ٻانڀڻ ڀائرن کي ٽڪيٽون ملڻ کانپوءِ پ پ پ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن. هيسباڻي گروپ جيڪو هميشه ٻانڀڻ ڀائرن جو مخالف رهيو آهي ساڳيءَ پارٽي ۾ هجڻ سبب اميدوارن جي ورڪ ڪرڻ کان کتو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو