تعليم ۽ نئين ٽھي
-
پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي: چئلينجز ۽ ان جي پائدار حل لاءِ ڪانفرنس اڄ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿي رھي آھي
سنڌيونيورسٽي جي اهتمام هيٺ“ پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي: چئلينجز ۽ ان جو پائدار حل” جي سِري هيٺ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس اڄ 29 اپريل کان حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شروع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي وارن چئلينجز ۽ ان جي حل لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر پنهنجيون تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪندا.عالمي ڪانفرنس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس ۾ سيمسٽر امتحان هاڻي 16 مئي کان شروع ٿيندا
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل جي صدارت هيٺ هڪ اعليِٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ۾ سيمسٽر امتحانن کي ري شيڊيول ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، نئين شيڊيول موجب سنڌ يونيورسٽي مين ڪئمپس ۾ سيمسٽر امتحان هاڻي 16 مئي کان شروع ٿيندا
وڌيڪ پڙھو -
موٽر وي پوليس ۽ اسڪولي شاگردن روڊ حادثن کان بچاءُ لاءِ جاڳرتا ريلي
هنڱورجا ۾ موٽر وي پوليس ۽ ايورگرين پبلڪ اسڪول جي شاگردن گڏيل طور روڊ حادثن کان بچڻ لاءِ ڊي ايس پي موٽر وي نعيم احمد ملڪ ، پروفيسر فيض محمد سهتو، الله رکيو خاصخيلي، غلام جعفر ٽانوري، فرحان ميمڻ، ظفر سولنگي جي اڳواڻي ۾ اسڪول وٽان جاڳرتا ريلي ڪڍي جيڪا قومي شاهراهه تان گشت ڪري لڪياري پيٽرول پمپ وٽ پهتي جتي سيمينار منعقد ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
سنڌيونيورسٽي جي سمورن شعبن جا سيمسٽر امتحان سومر 22 اپريل کان شروع ٿي رهيا آهن
ان سلسلي ۾ سنڌيونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ سيڪشن پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي حيدرآباد، قاسم آباد، لطيف آباد ۽ ٻين علائقن کان يونيورسٽي آڻڻ لاءِ پهرين وانگر هن ڀيري به پوائنٽ بسون هلائڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌيونيورسٽي پرائيويٽ ۽ سرڪاري ڪاليجن جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 24 اپريل تائين واڌائي ڇڏي
سنڌيونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر (سيمسٽر) محمد علي روشن پٺاڻ پاران يونيورسٽي سان لاڳاپيل پرائيويٽ ۽ سرڪاري ڪاليجن جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 24 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي، اعلان موجب امتحاني فارم ليٽ في جي کان سواءِ 24 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا جڏهن ته 25 کان 27 اپريل تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪيا ويندا.
وڌيڪ پڙھو -
سنڌيونيورسٽي ۾ مختلف ٽاپڪس وارن پوسٽرن ۽ شعبي سان واڳيل اوزارن جي ماڊلز جي نمائش منعقد ٿي
سنڌيونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف بائيوڪئمسٽري ۾ مختلف ٽاپڪس وارن پوسٽرن ۽ شعبي سان واڳيل اوزارن جي ماڊلز جي نمائش منعقد ٿي، جنهن ۾ بي ايس پارٽ پهريون ۽ بي ايس پارٽ چوٿون جي بائيوڪئمسٽري جي شاگردن ۽ شاگردياڻين حصو ورتو. ماڊلز جي نمائش ۽ پوسٽر ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا جي نگراني ۾ پيش ڪيا ويا.
وڌيڪ پڙھو -
هنڱورجا: خانگي اسڪول ۾ سالياني امتحان ۾ پوزيشن ماڻيندڙ۾سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب
هنڱورجا جي مهراڻ ماڊل اسڪول ۾ سالياني امتحان ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جي تقريب ٿي گذري جنهن ۾ شاگردن شاگردياڻين کان علاوه والدين ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
ڪئمپس جي ملازمن کي اداري جي ترقي لاءِ ائين ئي بنا فرق جاکوڙڻ گهرجي، غلام سرور ڪنڌر
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر انجنيئر غلام سرور ڪنڌر چيو آهي ته،ننڍا ۽ وڏا ملازم واري لغت منهنجي زندگي جي ڪتاب ۾ ناهي،مون لاءِ سڀ ملازم برابر آهن، ڪئمپس جي ملازمن کي به اداري جي ترقي لاءِ ائين ئي بنا فرق جاکوڙڻ گهرجي
وڌيڪ پڙھو -
سکر ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانه امتحانن جي دوران ڪاپي جي ڌم
سکر ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانه امتحانن جي دوران سرعام ڪاپي جاري آهي، مختلف امتحاني مرڪزن ۾ بورڊ پاران نقل جي روڪ ٿام جي لاءِ ڪييل انتظام اڌورا جو اڌورا رهجي ويا
وڌيڪ پڙھو -
باڊهه:بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
باڊهه ڀرسان ڳوٺ ٻنڍي ۾ بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن باڊهه شهر پهچي ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دوست محمد، اصغر ساريو، امتياز علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي بند پيل آهي
وڌيڪ پڙھو