سنڌيونيورسٽي

سنڌيونيورسٽي پرائيويٽ ۽ سرڪاري ڪاليجن جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 24 اپريل تائين واڌائي ڇڏي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
سنڌيونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر (سيمسٽر) محمد علي روشن پٺاڻ پاران يونيورسٽي سان لاڳاپيل پرائيويٽ ۽ سرڪاري ڪاليجن جا امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 24 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي آهي، اعلان موجب امتحاني فارم ليٽ في جي کان سواءِ 24 اپريل تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا جڏهن ته 25 کان 27 اپريل تائين 5000 رپيا ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪيا ويندا. هڪ ٻئي پڌرائي موجب سنڌيونيورسٽي جي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر نذير اي مغل پاران انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس جي پروفيسر ڊاڪٽر منير الدين سومرو کي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن چارج سنڀالي پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button