گمبٽ

  • گمبٽ: پريس ڪلب جي سالياني چونڊ ٿي گزري

    گمبٽ پريس ڪلب جي سال 2020:21 جون ساليانيون چونڊون اليڪشن ڪاميٽي سينئر صحافي ميان زبير پيرزادو ، سينئر صحافي صفدر سهتو ۽ روشن ملڪ جي نگرانيء ۾ ٿي گذريون ، جنهن ۾ غازي پينل جا سمورا عهديدار بنا مقابلي ڪامياب ٿيا .

    وڌيڪ پڙھو
  • ھنڱورجا: پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي، پ پ اميدوار

    اين اي 217 جي پي پي اميدوار سيد جاويد شاهه جيلاني ۽ پي ايس 34 جي اميدوار نعيم کرل چيو آهي ته پي پي ٻيهر ڪامياب ٿي حڪومت ٺاهيندي ۽ ٽانگا پارٽين کي شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. رسول آباد، هنڱورجا ، پير حيات شاهه ، گڏيجي يوسي جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هنن چيو ته پي پي ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي آهي .

    وڌيڪ پڙھو
  • حڪمران پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا، اسماعيل شاهه راشدي

    فنڪشنل مسلم ليگ جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾ عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ حُڪمرانن پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا

    وڌيڪ پڙھو
  • اڳوڻي حڪمرانن ڪرپشن ڪري پنهنجا پيٽ ڀريا، سيد اسماعيل شاهه راشدي

    پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ جڏهن ته عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا. هن اهڙو اظهار گمبٽ تعلقي يونين ڪائونسل ٻيلهاڙو جي ڳوٺ الهڏتو ڀنڊ ۾ هڪ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪنائي ڍنڍ ويجهو ڳوٺ فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي

    : سماجي تنظيم سيو دي لائيف ويلفيئر آرگنائيزيشن پاران گمبٽ تعلقي جي ڪنائي ڍنڍ ويجهو ڳوٺ فقير محمد جتوئي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن علائقي واسين کي مفت طبي چڪاس ۽ مفت طبي مشورا ڏنا ويا جڏهن ته ڪئمپ ۾ مريضن کي سماجي تنظيم پاران مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. مفت طبي ڪئپم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي تنظيم جي ايگزيڪيٽوِ ڊائريڪٽر غلام حسين جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته ملڪ توڙي صوبي اندر سماجي تنظيمون انسان ذات جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪري رهيون آهن جنهن ۾ سيو دي لائيف پڻ علائقي واسين جي لاءِ تعليم توڙي صحت جي شعبن ۾ ڏينهن رات خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته سيو دي لائيف تنظيم جو مقصد علائقي واسين جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ کين زندگي جون بنيادي ضرورتن جي پورائي ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون وٺڻ آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • غلام اصغر ميمڻ تعلقي گمبٽ جي مختلف اسڪولز جو دورو ڪيو

    گمبٽ: ايگزيڪيٽوِ ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ تعلقي گمبٽ جي مختلف اسڪولز جو دورو ڪيو ان موقعي تي برانچ مڊل اسڪول ڪمالديرو ۾ استادن جي غير حاضري جو نوٽيس وٺندي اسڪول جي هيڊ ماستر کي شوڪاز ۽ ٽن غير حاضر رهندڙ استادن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. بعد ۾ اِي ڊي او ايجوڪيشن خيرپور پاران ڳوٺ قائم الدين ڪلهوڙي جي فوت ٿيل شاگردياڻي شهنيلا جي وارثن سان مليو اُتي کيس معلوم ٿيو ته مذڪورن معصوم شاگردياڻي بسم الله پبلڪ اسڪول لُنڊي شيخ ۾ قائم سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ۾ پڙهندڙ هئي جڏهن ته شاگردياڻي جي گهر ڀرسان اڌ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي قائم سرڪاري پرائمري اسڪول مبارڪ ڪلهوڙو ۽ گُهرام ڪلهوڙو واقع آهن جيڪي سٺي نموني سان هلي رهيا آهن انهن ٻنهي اسڪولن ۾ مذڪوره شاگردياڻي داخل نه هئي جڏهن ته شاگردياڻي جي وارثن کيس هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو هيو ۽ معصوم شاگردياڻي انهي اسڪول ڏانهن ويندي رولو ڪتن جي حملي ۾ فوت ٿي هئي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button