آرٽيڪل

  • ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا

    طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول ”رهجي ويل منظر“ لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ هو. سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو ڪجهه ماڻهن لاءِ نئون به هجي. هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب سندس شخصيت جا به ڪيترائي رخ آهن. ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو.

    وڌيڪ پڙھو
  • طارق عالم ابڙو جو وڇوڙو

    "رھجي ويل منظر" جھڙو خوبصورت ناول تخليق ڪندڙ، ڊرامانگار ۽ ڪھاڻيڪار طارق عالم ابڙو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو، طارق عالم ابڙو فيبروري ۾ گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيو ۽ ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ علاج لاءِ 60 لک جو خرچ ٻڌايو، وٽس ايتري مالي سگھھ نھ ھئڻ سبب ھو علاج ڪرائي نھ سگھيو، ان دوران سنڌ جي سڄاڻ حلقن پاران اختيار ڌڻين کي سنڌ جي ھن اديب جو سرڪاري سطح تي علاج ڪرائڻ جي حوالي کان اپيلون بھ ڪيون ويون، پر سرڪار سڳوري جي ڪن تي جونءِ بھ نھ سري، نيٺ سنڌ جو ھي تخليقي اديب ڇنڇر تي اسان کان موڪلائي ويو.

    وڌيڪ پڙھو
  • ٽيڪس چوري

    ٽيڪس چوري دنيا جي ڪنھن بھ معيشت جي لاءِ زھرِ قاتل ھوندي آھي ٽيڪس چور نھ رڳو پنھنجي ناجائز ذريعن ۽ آمدني جي ڪري ڪاري ڌن ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو پر ٻين ماڻھن کي بھ ٽيڪس چوري جي ترغيب ڏئي ٿو. ٽيڪس ڪليڪٽرز ۾ رشوت وٺڻ جو وڏو ڪارڻ بھ ٽيڪس چور ئي بڻجن ٿا، جيڪي پنھنجي آمدني تي جائز ٽيڪس ڏيڻ جي بدران ٽيڪس اھلڪارن کي رشوت جي طور تي وڏي رقم ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پنھنجي دولت ۾ واڌ ڪندا ھلندا وڃن ٿا. پاڪستان جي آبادي 81 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي پر محض 32 لک ماڻھو انڪم ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ آھن ۽ انھن مان بھ محض 9 لک حقيقي معنائن ۾ پنھنجي ٽيڪس جي ادائيگي ڪن ٿا، اھا ڳالھھ بھ ھڪ حقيقت آھي تھ انڪم ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ بيشمار ڪمپنيون اھڙيون آھن جيڪي گذريل ڪئين سالن کان خساري ۾ وڃي رھيون آھن

    وڌيڪ پڙھو
  • قومي اقتصادي ڪائونسل

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اآئيندھھ مالي سال جي سالياني ترقياتي پروگرام جي متفقھ منظوري تي چئني صوبائي وڏن وزيرن ۽ ٻين شريڪ ٿيلن کي واڌايون ڏنيون اآھن. ستين قومي مالياتي ايوارڊ جي منظوري کان پوءِ اھو پھريون ساليانو ترقياتي پروگرام اآھي، جنھن ۾ چئني صوبن کي وفاقي محاصل مان ماضي جي نسبت وڌيڪ حصو مليو اآھي. 81ھين اآئيني ترميم کان پوءِ چئني صوبن کي مختلف معاملن جيڪي پھرين مرڪز جي دائري اختيار ۾ ھئا انھن تي بھ ملڪيت جو حق حاصل ٿي چڪو اآھي. اھڙي ريت اآئيندھھ مالي سال جو ساليانو ترقياتي پروگرام وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ھم اآھنگي ۽ اختيارن ۾ شرڪت جو بھترين نمونو اآھي، قومي مالياتي ايوارڊ ۽ 81ھين ترميم کان پوءِ قومي اقتصادي ڪائونسل جي شريڪ ٿيلن جو سمورن معاملن تي اتفاق راءِ ھڪ تاريخي موقعو اآھي ۽ ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ ۾ بلا شبھا ھڪ سنگ ميل اآھي.

    وڌيڪ پڙھو
  • عوامي بجيٽ 2011-12

    پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي آھي ۽ مجموعي طور تي پنجون ڀيرو اقتدار ۾ آئي آھي. پاڪستان ۾ جمھوريت جي علمبردار ھن پارٽي سان ماڻھن جي شاندار محبت جو سبب پيپلزپارٽي جو عوام جي حقن جي محافظ ھجڻ آھي. لھذا ھن پارٽي جو بنيادي مقصد عوام جي فلاح ۽ بھبود کي ترجيح ڏيڻ آھي. پٺتي پيل عوام جا مسئلا پارٽي قيادت جي نظر کان اوجھل ناھن ڇوتھ پارٽي ۽ عوام جو پاڻ ۾ گھرو رشتو آھي، عوام کي پنھنجي مسئلن جي حل لاءِ ھن ئي پارٽي مان اميدون آھن ۽ اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو تھ ملڪ جي سڀ مقبول عوامي ۽ جمھوري پارٽي پنھنجي ماڻھن جي مسئلن ۽ معاملن کان غافل رھي. بلا شبھا ملڪ جي اندر خراب معاشي حالتون ۽ امن امان جي صورتحال سان ملڪي ترقي کي شديد ڌجڪو لڳو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • بجيٽ تقرير

    ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي بجيٽ تقرير جي پڄاڻي ھن شعر تي ٿي ھئي ))باز کي مخالف ھوا کان گھٻرائڻ نھ گھرجي ڇوتھ اھا سندس بلند اڏام جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي آھي((. نون ليگ جي ميمبرن ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير جي دوران جيڪو رويو اختيار ڪيو اھو نھ صرف تمام غير سنجيدگي ۽ جمھوريت جي مذاق اڏائڻ جي برابر ھو پر پارلياماني روايتن جي ابتڙ ھو، ملڪي معيشت جي جيڪا صورتحال آھي ان کان نون ليگ کان وڌيڪ ڪوبھ آگاھھ نھ آھي. اڄ پاڪستان جن اندروني ۽ بيروني خطرن جو شڪار آھي، ملڪي معيشت جن چيلينجن مان گذري رھي آھي ان ۾ قومي اتحاد ۽ يڪجھتي جي جيتري ضروت اڄ آھي اھا پھرين ڪڏھن نھ ھئي، پاڪستاني عوام ان ڳالھھ جو منتظر آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • بجيٽ، عوام ۽ ڀٽوازم

    نيو لبرل ازم کي گذريل 72 سالن کان مستقل مشڪلات جو منھن آھي. عالمي معاشي بحران سبب ھر ڪو سخت پريشان آھي. دنيا جي معيشت جي قيادت ڪندڙ طاقتور رياست اڄ پاڻ معاشي خساري جو شڪار آھي، آمريڪا جو ھلندڙ سال جو رياستي خسارو 8.1 بلين ڊالر تائين پھچي ويوآھي، جيڪو 21.2ع تائين 551 بلين ڊالر تائين پھچڻ جو امڪان آھي. اڄ ڪابھ رياست عالمي طور تي رونما ٿيندڙ واقعن کان پنھنجي پاڻ کي لاتعلق نھ ٿي رکي سگھي ۽ ان عالمي مالياتي بحران پاڪستاني معيشت تي بھ بُرا اثر وڌا آھن. ٻئي پاسي 53 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين فوجي آمريتن جمھوري نظام کي ملڪ ۾ لاڳو ئي نھ ٿيڻ ڏنو، جنھن سان جمھوري ادارا بڻجي سگھن ۽ نھ ئي پاڪستاني معاشري ۾ جمھوري روين کي پروان چڙھائي سگھيو ويو، شخصي حڪمراني برداشت، رواداري ۽ مفاھمتي ڪلچر کي ئي ختم ڪري ڇڏيو

    وڌيڪ پڙھو
  • سماجي ڀلائي جا ادارا يا ڪاروبار جو منفرد طريقو؟

    اٽو، لٽو، اجهو، صحت، تعليم، پاڻي، ملازمت، تحفظ اهي هر انسان جو بنيادي ضرورتون آهن ۽ هر رياست ۽ اتان جي حڪمرانن جي اها پهرين ذميواري هوندي آهي، ته هو پنهنجي عوام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري ڏئي، حڪومت انهي ڏس ۾ عوام کان ٽئڪس وصول ڪري ٿي. پر جڏهن رياستي ادارا مختلف سببن جي ڪري ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن ته اهي پنهنجون ذميواريون پوري طريقي سان نڀاهي نه سگهندا آهن ۽ نتيجي ۾ عوام ويچارو مصيبتون برداشت ڪري ٿو. ادارن جي اهڙي ڪمزوري جي ڪري عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ خلا (gap) پيدا ٿئي ٿو ۽ قدرت جو قانون آهي ته جتي به جنهن جي ڪري ڪو خلا پيدا ٿئي ٿو ته ڪا ڌر، ماڻهو يا ادارو انهي خلا کي ڀرڻ لاءِ اڳتي اچي ٿو. پوءِ اهو خلا ڀرجي ٿو يا نه پر اهو ماڻهو، ڌر يا ادارو انهي ڪمزوري مان فائدو ضرور وٺي ٿو ۽ عوام ويچارو جنهن کي ڪو آسرو پيدا ٿيندو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • امام خميني رحمة الله عليه جي زندگيءَ تي هڪ نظر

    سندن نالو روح الله پيءُ جو نالو حجة الاسلام آقاي مصطفى موسوي جيڪو ايران جي شهر خمين جو رهواسي هو تنهنڪري ئي روح الله موسوي خميني جي نالي سان شهرت پاتائون ،سندن ولادت 20جمادي الثاني 1320هه ق بمطابق 24 سيپٽمبر1902 ع تي سندن آبائي شهر“خمين” ۾ ئي ٿي (ان ڏينهن کي ايران ۾ روز ڪوثر سان ياد ڪيو ويندو آهي )سندن والد آية الله سيد مصطفى جيڪو پنهنجي زماني جي وڏن عالمن منجهه شمار ٿئي ٿوجيڪي آيت الله ميرزا شيرازي جا هم عصر هئا ۽ نجف ۾ اجتهاد جي درجي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ خمين ۾ دين جي خدمت ڪرڻ لڳا اڃا روح الله پنجن مهينن جو ئي مس هيو ته سندن والد حضرت مصطفى کي خمين کان اراڪ ويندي رستي ۾ ڪجهه پليت انسانن شهيد ڪري ڇڏيو. ائين زندگيءَ جي آغاز ۾ ئي يتيميءَ جو تلخ ذائقو چکيو سندن والده پڻ گهڻي دير تائين ساڻن رهي نه سگهي ۽ ننڍپڻ ۾روح الله کي الله جي حوالي ڪري وئي هلي،ائين سندن پالنا۽ پرورش سندن پڦيءَ جي هٿان ٿي

    وڌيڪ پڙھو
  • بجيٽ، عوام ۽ ڀٽوازم

    نيو لبرل ازم کي گذريل 72 سالن کان مستقل مشڪلات جو منھن آھي. عالمي معاشي بحران سبب ھر ڪو سخت پريشان آھي. دنيا جي معيشت جي قيادت ڪندڙ طاقتور رياست اڄ پاڻ معاشي خساري جو شڪار آھي، آمريڪا جو ھلندڙ سال جو رياستي خسارو 8.1 بلين ڊالر تائين پھچي ويوآھي، جيڪو 21.2ع تائين 551 بلين ڊالر تائين پھچڻ جو امڪان آھي. اڄ ڪابھ رياست عالمي طور تي رونما ٿيندڙ واقعن کان پنھنجي پاڻ کي لاتعلق نھ ٿي رکي سگھي ۽ ان عالمي مالياتي بحران پاڪستاني معيشت تي بھ بُرا اثر وڌا آھن. ٻئي پاسي 53 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين فوجي آمريتن جمھوري نظام کي ملڪ ۾ لاڳو ئي نھ ٿيڻ ڏنو، جنھن سان جمھوري ادارا بڻجي سگھن ۽ نھ ئي پاڪستاني معاشري ۾ جمھوري روين کي پروان چڙھائي سگھيو ويو، شخصي حڪمراني برداشت، رواداري ۽ مفاھمتي ڪلچر کي ئي ختم ڪري ڇڏيو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button