ٽنڊو محمد خان

  • جون- 2011 -
    29 جون

    ڊيپوٽيشن تي ويل ڊاڪٽرن کي واپس گهرايو ويندو ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڊاڪٽرن کي پڻ گهرايو ويندو: ڊي سي او ٽنڊ محمد خان

    ڊي سي او ٽنڊ محمد خان سيد برڪات احمد رضوي چيو آهي ته تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال ٽنڊو محمد خان کي اپ گريڊ ڪري ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال جو درجو ڏئي اتي جديد طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون .ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ تعلقي اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ بابت صحت کاتي جي عملدارن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن چيو ته عوام کي طبي سهولتون سندن درن تي پهچائڻ ضلعي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ ضلعي جا عوامي نمائندا پڻ ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهن . هن چيو ته ڊيپوٽيشن تي ويل ڊاڪٽرن کي واپس گهرايو ويندو ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڊاڪٽرن کي پڻ گهرايو ويندو . تعلقي اسپتال جي اپ گريڊيشن بعد مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر مقرر ڪيا ويندا جنهن سان عوام کي معياري طبي سهولتون ملڻ سميت کين علاج لاءِ وڏن شهرن جا چڪر نه ڪاٽڻا پوندا. ڊاڪٽرن کي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ پڪ اينڊ ڊراپ جي سهولتن سميت ٻيون مراعتون به ڏنيون وينديون ۽ ان مقصد لاءِ ضلعي حڪومت طرفان ٻه هاءِ روف گاڏيون فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڊي سي او ٽنڊو محمد خان چيو ته اسپتال کي گهربل جديدسامان پڻ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    ترقياتي ڪمن دوران شهرين ، دڪاندارن ۽ واپارين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي: برڪات احمد رضوي

    ضلعي ايڊمنسٽريٽر ٽنڊو محمد خان سيد برڪات احمد رضوي ضلعي جي لاڳاپيل عملدارن کي ٽنڊو محمد خان شهر اندر روڊ جي تعمير ۽ گندي پاڻي جي نيڪال واري نظام کي بهتر ڪرڻ لاءِ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي 30 ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ ۽ شهرين کي پيئڻ جي صاف سٿري پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سميت هلندڙ ترقياتي ڪم دوران شهر اندر ڳرين گاڏين جي داخلا لاءِ متبادل رستو فراهم ڪرڻ ۽ ترقياتي ڪم دوران امن امان واري صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن _اهڙي هدايت هن اڄ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي نمائندن ، واپاري تنظيمن ۽ ضلعي عملدارن سان منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڏني_ هن چيو ته ترقياتي ڪمن دوران شهرين ، دڪاندارن ۽ واپارين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 جون

    ضلعي اندر هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي: رضوي

    ضلعي ايڊمنسٽر يٽر ٽنڊو محمد خان سيد برڪات احمد رضوي ٽي ايم اوز کي سانوڻ جي امڪاني برساتن کان اڳ ڪانٽيجينسي پلان جوڙڻ جي هدايت ڏيندي ٽنڊو محمد خان شهر اندر گندي پاڻي جي نيڪال ۽ روڊ جي تعمير واري عمل کي وقت سر ۽ معياري طريقي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن تي زور ڀريو آهي _ ان حوالي سان هن اي ڊي او روينيو کي ڊي وائرنگ پمپس جو انچارج مقرر ڪندي کيس انهن جي موجوده حالت بابت ڄاڻ ڏيڻ ۽خراب پيل پمپس جي مرمت کي پڻ يقيني بنائڻ لاءِ چيو _ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڊي سي او طور پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ضلعي عملدارن جي پهرين گڏجاڻي جي صدارت ڪندي هن چيو ته ضلعي اندر هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي جڏهن ته عام شهرين ، عوامي نمائندن ۽ واپاري تنظيمن سميت ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺي ترقياتي ڪمن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏنو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • اپریل- 2011 -
    4 اپریل

    گهر ۽ آدمشماري جي بنياد تي صوبي توڙي ضلعن کي وسيلن جي ورڇ ، روزگار جاموقعا ۽ ترقياتي منصوبا مهيا ٿيندا: علي احمد لنڊ

    حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽري / ڊي سي او ٽنڊو محمد خان علي احمد لنڊ عوامي نمائندن ، ضلعي عملدارن ، سول سوسائٽي ، تاجران فيدريشن ، قومپرست ڌرين ۽ ميڊيا جي نمائندن تي زور ڀريو آهي ته اهي 5 اپريل 2011 کان شروع ٿيندڙ گهرشماري ۾ ڀرپور حصو وٺي عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن _ اها ڳالهه هن اڄ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي نمائندن ، ضلعي عملدارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان رٿيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي _ هن ٻڌايو ته گهر شماري کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ لاءِ سندس سربراهي ۾ ضلعي پوليس آفيسر، اي ڊي او روينيو ، سينسز ڊسٽرڪٽ آفيسر، ڊي او ايجوڪيشن ، ڊي او سوشل ويليفيئر ۽ پ پ اڳواڻ آپا سڪينه تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي جڏهن ته ٽنهي تعلقن جي ڊي ڊي اوز روينيو جي سربراهي ۾ تعلقي سطح تي ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن _ هن ٻڌايو ته گهر ۽ آدمشماري لاءِ روينيو کاتي پاران علائقي جي حد بندي، ديهن جي نقشن جي تياري، بلاڪنگ ۽ ڪوڊنگ سسٽم جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي _ ان کان علاوه تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ٻوڏ متاثر علائقن جي…

    وڌيڪ پڙھو
  • دسمبر- 2010 -
    8 دسمبر

    ڊي سي او ڊبل سواري تي پابندي لڳائي ڇڏي

    حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر ٽنڊو محمد خان علي احمد لنڊ محرم الحرام دوران جي سلسلي ۾ پهرين محرم الحرام کان 12 محرم الحرام تائين ضلعي اندر قلم 144 لاڳو ڪندي ڪنهن به قسم جي هٿيار کڻِي هلڻ ، موٽر سائيڪل تي ٻيلهه سواري ۽ ماتمي جلوسن ۽ مجلسن کانسواءِ ڪنهن به هنڌ تي 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button