سکر
-
اپریل- 2013 -26 اپریلاليڪشن 2013
سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن ، ڊي آءِ سلطان خواجه
سکر جي ڊي آءِ جي سلطان خواجه چيو آهي ته انٽيليجنس ادارن جي رپورٽس مطابق سکر ڊويزن ۾ به اميدوار دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهن جڏهن انهن کي مڪمل سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ اهڙي ڪنهن به واقع کان اڳ منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریل
سکر: چونڊن ۾ قيدي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا
11 مئي تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ عام ماڻهن سان گڏ سنڌ جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪاٽيندڙ 14 هزار 31 مرد ۽ 146 عورتون جيلن مان پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ مطابق آءِ جي جيلز سنڌ نصرت منڱڻ سنڌ جي مختلف جيلن جي سپريڊنٽنٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو قيدين جون جلد لسٽون اماڻين جيئن انهن کي ووٽ ڏيڻ ۾ ڪا پريشاني نه ٿي سگهي
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریل
ڊاڪٽر خادم منگي جي گھر ۾ لڳل ڌاڙي خلاف بک ھڙتال
سکر پريس ڪلب آڏو ناليواري اديب ڊاڪٽر خادم منگي جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف جاڳرتا فورم پاران ڊاڪٽر غلام رسول گهمرو ،دلشاد عباس، غلام مصطفى جمالي۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
19 اپریل
پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقيرچونڊمھم جو آغاز ڪري ڇڏيو
سکر جي فقير به چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي سکرجي تڪ پي ايس 1 جي آزاد اميدوار صنم فقير ڪالهه سکر جي درگاهه شيخ شيهن تي چادر چاڙهي پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ کان منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جي آزمائش جو ڏينهن شروع ٿي ويو آهي گهر گهر وڃي ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي قائل ڪنداسين
وڌيڪ پڙھو -
19 اپریل
پي ايس 2 لاءِ جي يو آءِ اميدوار منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو، عبدالقادر گهمرو
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ۽ سکر پي ايس 2 جي اميدوار عبدالقادر گهمرو چيو آهي ته 10 جماعتي اتحاد طرفان پي ايس 2 لاءِ بيهاريل جي يو آءِ اميدوار عبدالغني کوسو منهنجي حق ۾ هٿ کڻي ويندو جيڪڏهن هن هٿ نه کنيو ته آءٌ آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهندس ڇاڪاڻ تي هينئر عوام کي سٺي قيادت جي ضرورت آهي
وڌيڪ پڙھو -
19 اپریل
لکي غلام شاهه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زخمي ٿيل نوجوان سکر سول اسپتال ۾ فوت
لکي غلام شاهه ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زخمي ٿيل نوجوان سکر سول اسپتال ۾ فوت، خبر موجب لکي غلام شاهه جي علائقي وزير آباد ۾ 2 ڏينهن اڳ عبدالطيف مهر پنهنجي ڀيڻ گڏي مهر کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو ۽ سندس فائرنگ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان اورنگزيب مهر زخمي ٿيو جنهن کي سکر سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو جتي هو زخمين جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو .
وڌيڪ پڙھو -
19 اپریل
حڪومت نوناري برادري جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو، نوناري برادري
سکر ۾ پريس ڪلب تائين نوناري برادري جي ماڻهن ڳوٺ الله نواز نوناري بچل شاهه مياڻي کانريلي ڪڍي نعرا هڻندي پهتا جنهن ۾ برادري جي وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪري يڪتهجي جو اظهار ڪيو ان موقعي تي قادر بخش، جادل ، محمد نواز ، حاجي محمد هاشم، بخشڻ نوناري ۽ ٻين چيو ته هر حڪومت نوناري برادري جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار ۽ تڪليفن ۾ مبتلا رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
18 اپریل
سکر: ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۽ هوائي جهاز ۾ اچانڪ باهه لڳڻ سبب بچاءَ جي سکيا ڏني ويئي
ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ۽ هوائي جهاز ۾ اچانڪ باهه لڳڻ جي سلسلي ۾ سول ايويئيشن اٿارٽي، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، پاڪستان ايئرفورس ايئرپورٽ اٿارٽي، واپڊا، ايڌي، سول ڊفينس، شيل پاڪستان ۽ ٻين ادران جي گڏيل سهڪار سان بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر جي ايئرپورٽ مينيجر لطف الله ڀٽو جي نگراني هيٺ فل اسڪيل ايمرجنسي ايڪسرسائيز 2013 رن وي تي ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
18 اپریلسکر
ڳجهي اطلاع تي ڪوٽ ڏيجي کان سکر ايندڙ ڪاري رنگ جا 6 ناياب نسل جا هرڻ هٿ ڪري
جهنگلي جيوت کاتي جي ٽيم غلام محمد گڏاڻي جي اڳواڻي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪوٽ ڏجي کان سکر ايندڙ شهزور گاڏي تي ڇاپو هڻي گاڏي ۾ رکيل ڪاري رنگ جا 6 ناياب نسل جا هرڻ هٿ ڪري محمد سليمان سميت ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو
وڌيڪ پڙھو -
18 اپریل
سکر: پ پ اميدوار عوام کان ھٿ ٻڌي ووٽ گھرڻ لڳو
سکر اين اي 198 جو اميدوار نعمان اسلام شيخ چونڊ مهم لاءِ ميدان تي لهي پيو، بئراج ڪالوني جي رهواسين پاران مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ سالن کانپوءِ تڪ ۾ اچڻ تي ڇتي تنقيد، اميدوار تنقيد باوجود هٿ ٻڌي ووٽ گهرندو رهيو
وڌيڪ پڙھو