سکر
-
اپریل- 2011 -4 اپریل
آدمشماري هي هڪ قومي فريضو آهي. جنهن لاءِ هو لگن ۽ جانفشاني سان پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪيو وڃي
سکر: چيف سيڪريٽري سنڌ مسٽر عبدالسبحان ميمڻ ڊي سي او آفيس سکر ۾ مختلف ضلعن جي ڊي سي اوز، ڊي پي اوز، اي ڊي اوز روينيو ۽ اي ڊي اوز ايجوڪيشن سان گهر شماري آپريشن سينسس 2011 متعلق هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ ڊي سي اوز، ڊي پي اوز، اي ڊي اوز روينيو، اي ڊي اوز ايجوڪيشن سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، نوشهروفيروز، دادو ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري ڊي سي اوز ۽ ٻين واسطيدار آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته هي هڪ قومي فريضو آهي. جنهن لاءِ هو لگن ۽ جانفشاني سان پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪن ته جئين هي اهم ڪم صاف ۽ شفاف نموني سان مڪمل ڪري سگهجي. ڇو ته هي هڪ اهم ٽاسڪ آهي هن ذريعي ملڪ جا پروگرام ۽ منصوبا بندي جوڙي ويندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته جيئن سڀني علائقن کي مڪمل طرح ڪور ڪري سگهجي جنهن لاءِ سڀني آفيسرن جي سهڪار جي ضرورت آهي ته جئين ڪو به علائقو گهر شماري آپريشن دوران رهجي نه وڃي. چيف سيڪريٽري ڊي پي اوز کي هدايت ڪئي ته هو 05 اپريل کان شروع ٿيندڙ گهر شماري آپريشن سينسس دوران مختلف علائقن ۾ متعين ٿيل فيلڊ اسٽاف کي…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مهم ۾ پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪيو وڃي: قريشي
سکر: اي ڊي او روينيو اختر علي قريشي مختلف کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مهم ۾ پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪن، ته جيئن هن مهم کي ڪامياب ڪري سگهجي. هن اهڙو اي ڊي او هيلٿ جي دفتر جي ڪميٽي روم ۾ پوليو خلاف شروع ٿيندڙ مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل کي انساني خدمت سمجهي صحيح نموني سان سرانجام ڏين. صحت کاتي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ڪچي جي علائقي کي وڌ کان وڌ فوڪس ڪن، ته جيئن ٻين علائقن وانگر ڪچي جي علائقي کي صحيح نموني سان ڪور ڪري سگهجي ته جيئن هي پوليو مهم 06 اپريل کان 08 اپريل 2011 تائين ملڪ جي ٻين حصن وانگر سکر ضلعي ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ سان معذوري کان بچائي سگهجي ته اهو هڪ سٺو سنوڻ آهي. جنهن لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪن ته جيئن ڪو به 5 سالن…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
ھڪ جئرتمند بھادر انسان جنھن پنھنجي ھمت سان سائوٿ ايشيا جي قسمت بدلائي ڇڏي
تحرير : سھيل احمد جوکيو سنڌ ڌرتي جنھن پنھنجي ذرخيزي کانسواءِ انمول ھيرن جھڙا بھادر اٽل فيصلو ڪندڙ ۽ پنھنجي قوم لاءِ ان ٿڪ محنت ڪندڙ انسان پيدا ڪيا ؛ھن جن جي بي لوث خدمتن جي ڪري ان خطي جي ماڻھن کانسواءِ سموري دنيا جي انسان نيڪي جا گھڻ ڳائن ٿا ۽ سندن پنھنجي وطن ۽ دنيا جي انسانن لاءِ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا، تن انسانن مان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ سونھري الفاظن سان لکيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي مشھور سنڌي راجپوت مسلم خاندان ۾ ڄائو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽوجو والد سر شاھنواز ڀٽو تنھن وقت جي انڊين حڪومت جو مشھور سياستدان ھو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي جي ؛باڻي ڳوٺ گڙھي خدا بخش بٽو ۾ پيدا ٿيو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽوابتدائي تعليم ممبئي جي ڪيٿيڊرل اينڊ جان ڪينان اسڪول مان پڙھائي جوآغاز شروع ڪيو، پڙھائي دوران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو شاگرد جي حيثيت سان 3491۾ ليگز پاڪستان موومينٽ ۾ شامل ٿيو. جڏھن ت. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ؛ف ڪيليفورني. مان ھن پولٽيڪل سائنس ۾ ؛نرس جي ڊگري حاصل ڪئي . تعليم ئي دوران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو زندگي…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
فوڊ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ 2010،2011 ڪڻڪ جي فصل جي آسان فراهمي جي لاءِ فيصلو ڪيو آهي: فوڊ ڪنٽرولر سکر
سکر: ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سکر پڌرو ڪيو آهي ته فوڊ ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ 2010،2011 ڪڻڪ جي فصل جي آسان فراهمي جي لاءِ فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ضلعي سکر لاءِ ڪڻڪ جي فراهمي جو ٽارگيٽ 60 هزار ملين ٽنس مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته 100 ڪلو گرام جون 6 لک ٻورين جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ڪڻڪ جي خريداري جو اگهه 950 روپيا في 40 ڪلو گرام جي حساب سان ۽ 100 ڪلو گرام جي ٻوري 2 هزار 375 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ضلعي سکر ۾ 19 خريداري جا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن. جيڪي 31 مارچ 2011 کان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. ڪڻڪ صرف آبادگارن کان جيڪو اڳي سو تڳي جي بنياد تي ورتي ويندي. ڪڻڪ مٽي، گندگي ۽ ٻين ٻاهرين شين کان پاڪ خريد ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
اسان انهن استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ٻوڏ دوران مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سکر ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي: انعام الله خان ڌاريجو
سکر: نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر ۾ ٻوڏ دوران نادرا وطن ڪارڊ تقسيم ڪرائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪندڙ استادن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن جو مهمان خاص ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو هو. هن خطاب ڪندي چيو ته اسان انهن استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ٻوڏ دوران مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سکر ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ڏکي وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي. انهيءَ موقعي تي جنرل مينيجر نادرا سکر ڳالهائيندي چيو ته اسان کي فخر آهي ته ضلعي انتظاميه جي مدد سان نادرا سکر تمام گهٽ وقت ۾ مختلف ضلعن ۾ انتظاميه جي مدد سان 24 وطن ڪارڊ سينٽر قائم ڪيا. جن جي ذريعي هن وقت تائين 4 لک 57 هزار 809 وطن ڪارڊ ورهائجي چڪا آهن. جن جي ماليت تقريبن 9 ارب 15 ڪروڙ روپيا آهي. سڀ کان اڳ ضلعي سکر ۾ 4 وطن ڪارڊ سينٽر قائم ڪيا ويا جن جي ذريعي اڃا تائين 80 هزار وطن ڪارڊ تقسيم ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح پوري سنڌ ۾ 5 لک 70 هزار ۽ پوري ملڪ ۾ 15 لکن کان وڌيڪ وطن ڪارڊ تقسيم ٿي چڪا آهن. هن ڀلائيءَ جي ڪم ۾ پوري…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
صوبي سنڌ ۾ ننڍن جانورن رڍن ۽ ٻڪرين ۾ جهڙيون بيماريون ٿيڻ جو خطرو آهي: ڊاڪٽر عبدالله ميواتي
سکر: ڊائريڪٽر اينيمل هسبينڊري سنڌ ڊاڪٽر عبدالله ميواتي پڌرو ڪيو آهي ته صوبي سنڌ ۾ ننڍن جانورن رڍن ۽ ٻڪرين ۾ علائقي وائيز مختلف بيماريون جن ۾ رتاوان دست، سامهاڙو يا مهاڙو، رڍن جي ماتا، ڪاٽا جي بيماري ۽ ٻڪرين ۾ ٽڪاڻ يا ڪارو واءُ جهڙيون بيماريون ٿيڻ جو خطرو آهي ان سلسلي ۾ مالوندن ڀائرن کي صلاح ٿي ڏجي ته هو پنهنجي جانورن کي وچرندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ ويجهي جانورن جي اسپتال، وٽرنري سينٽر، ڊسپينسري ۽ مرڪزن جي عملي سان لهه وچڙ ۾ اچي بچاءَ جا ٽڪا هڻائين ته جئين جانور هر وچرندڙ بيماري کان محفوظ رهن.
وڌيڪ پڙھو -
1 اپریل
حڪومت سنڌ لائيو اسٽاڪ کاتي جي هدايتن مطابق جانورن جي علاجي لاءِ ھڪ مھم شروع ڪئي آھي: سومرو
سکر : ڊسٽرڪٽ آفيسر لائيو اسٽاڪ اينيمل هسبينڊري سکر ڊاڪٽر نصرالله سومرو پڌرو ڪيو آهي ته حڪومت سنڌ لائيو اسٽاڪ کاتي جي هدايتن مطابق گذريل سال 2010 دوران آيل ٻوڏ وارن علائقن ۾ ويڪسين (بچاءُ جا ٽڪا) دوائون پيارڻ ۽ بيمار جانورن جي علاج لاءِ هڪ مهم شروع ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ ضلع سکر ۾ ٻوڏ وارن علائقن ۾ مختلف هنڌن تي ڪئمپون قائم ڪيو ويون آهن. جنهن ۾ تعلقه سکر- تعلقه روهڙي، تعلقه پنوعاقل ۾ 01 اپريل 2011 کان ڪم شروع ڪيو ويندو. جنهن لاءِ ضلع سکر جي مالوندن ۽ خاص طور ڪچي وارن علائقن جي رهندڙن مالوندن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو جانورن جي کاتي جي عملي سان سهڪار ڪن ۽ پنهنجي جانورن کي بچاءَ جا ٽڪا هڻائين، دوائون پيارين ۽ علاج ڪرائين ته جئين قيمتي جانورن کي بچائي سگهجي، کير ۽ گوشت جي پيداوار ۾ واڌ آڻي سگهجي.
وڌيڪ پڙھو