سکر

  • مئی- 2011 -
    13 مئی

    سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي جي علائقي ۾ هٿياربندن راهگيرن کان هزارين روپيا ڦر ڪيا ويا

    سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن ڦر لٽ ڪرڻ سان گڏ شهري کان موٽڙ سئيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا خبر موجب سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گرم گودي جي علائقي ۾ هٿياربندن راهگيرن کان هزارين روپيا پڙ ڪرڻ سان گڏ ليبر انسپيڪٽر غلام حسين ٽانوري ۽ سندس ساٿي کي روڪي کين يرغمال بڻائي روڪ رقم ءٌ سامان ڦر ڪرڻ سان گڏ موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس خاموش تماشائي بڻجڻ کانسواءِ ڪو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 مئی

    گجر برادري جا ٻه نوجوان ڀائر پر اسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

    سکر (بيورو رپورٽ)سکر مان ٻه نوجوان پراسرار نموني گم،اغوا جو شڪ،خبرموجب سکر جي نئين پنڊ واري علائقي مان گجر برادري جي ٻن نوجوان ڀائرن ريحان ۽ رضوان پٽ شبير گجر پراسرا نموني گم ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ اطلاع آهن ته سندن گهر جو دروازو کڙڪائيندڙ اهو چيو ته هو ايف آئي اي وارا آهن چانچ جي سلسلي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي بعد ۾ هو کين وٺي ويا گهر واپس نه ٿيڻ تي خطرو آهي ته نامعلوم ماڻهن کين اغوا ڪري گم ڪيو آهي هنن سنڌ جي وڏي وزير،آءِجي سنڌ پوليس ۽ آرپي او سکر کي اپيل ڪئي ته ٻنهي نوجوانن کي بازياب ڪرائي گهر ڀاتين جي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 مئی

    پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جا مائٽ جاني دشمن بڻجي ويا

    سکر (بيورو رپورٽ)سکر جي ريجنٽ واري علائقي مدينه ڪالوني جي رهواسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي نوشين انصاري ۽ حاجي چوهاڻ ميڊيا کي دانهيندي ٻڌايو ته هنن 3 1 فيبروري تي پسند جي شادي ڪئي هاڻي حاجي جي پهرين گهر واري جا مائٽ سندن جاني دشمن بڻجي اڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سبب سندن زندگين کي سخت خطرو آهي اختياريون تحفظ فراهم ڪرڻ سان گڏ ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪاروائي ڪن

    وڌيڪ پڙھو
  • 13 مئی

    سکر ڪيمرامين اينڊ ڦوٽو جرنلسٽ جي چونڊ ٿي گذري

    سکر(بيورورپورٽ)سکر ڪيمرامين اينڊ ڦوٽو جرنلسٽ جي چونڊن ۾ جاکوڙي فوٽو گرافر رئيس احمد ابڙو صدر ۽ سعيد ڀيو جنرل سيڪريٽري چوندجي وياآهن جڏهن ته نائب صدر سيد گلزار شاهه ،جوائنٽ سيڪريٽري بابر کوکر،خزانچي شعيب خان ملڪ ،آفيس سيڪريٽري نعيم غوري ۽ پريس سيڪريٽري راحيل ميمڻ شامل آهن ان کان اڳ اجلاس جي صدارت اڳوڻي صدر قذافي شاهه ڪئي جنهن ۾ سال جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو هوانهن سکر جي صحافين عمرسومر، امداد بوزادر،عبيد شيخ،محمد رضوان صديقي،ايف اي سومرو،شڪيل عاجز ۽ٻين نون عهديدارن کي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو پنهنجي فيلڊ مان ڪارين رڍن کي ڪڍڻ لاءِ ڪم ڪندا جيئن صحافت جو متاثر ٿيندڙ اهم شعبو بدنامي کان بچي سگهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • اپریل- 2011 -
    11 اپریل

    سيد خورشيد احمد شاهه 14 نارا ڪئنال تي ايمپرومينٽ / بحاليءَ جي ڪم جو ۽ پٽڻي فيڊنگ چينل جو افتتاح ڪيو

    سکر: وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه ڪنڌرا لڳ عمرڪس واهه  جي آر ڊي 14 نارا ڪئنال تي ايمپرومينٽ / بحاليءَ جي ڪم جو ۽ پٽڻي فيڊنگ چينل جو افتتاح ڪيو. هي پروجيڪٽ 12 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي. جنهن سان 40 هزار ايڪڙ غير آباد زمين آباد ٿيندي، انهيءَ موقعي تي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هن علائقي جي ماڻهن جو پراڻو مطالبو پورو ڪيو ويو آهي، جنهن جو واعدو  اليڪشن جي مهم دوران  ڪيو ويو هو. انهيءَ موقعي تي ايم پي اي / چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ ڪميٽي سکر سيد جاويد شاه جيلاني خطاب ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه جي علائقي واسين جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته هن منصوبي جي تڪميل سان علائقي جي ماڻهن ۾ خوشحالي ايندي ۽ هي علائقو سرسبز ۽ شاداب ٿيندو ۽ هي پروجيڪٽ هن علائقي جي ماڻهن لاءِ موجوده عوامي حڪومت جي طرفان هڪ تحفو آهي ۽ هي عوامي حڪومت عوام جي خدمتن تي يقين رکي ٿي، ان سلسلي ۾ عوام جي فلاح لاءِ ترقياتي منصوبا ڏيڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي، ته جئين عام ماڻهو هن سرڪار طرفان ڏنل سهولت مان لاڀ حاصل ڪري سگهن، ان موقعي تي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ ايم…

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    پاڪستان ايئرفورس ۾ ايجوڪيشن انسٽرڪٽر ۽ رليجس ٽيچرس ميل جي رجسٽريشن 11 اپريل کان 15 اپريل 2011، تائين سکر سينٽر تي منعقد ڪئي ويندي

    سکر: آفيسر ڪمانڊنگ پاڪستان ايئرفورس انفارميشن اينڊ سليڪشن سينٽر سکر اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ايئرفورس ۾ ايجوڪيشن انسٽرڪٽر ۽ رليجس ٽيچرس ميل جي رجسٽريشن 11 اپريل کان 15 اپريل 2011، تائين سکر سينٽر تي منعقد ڪئي ويندي. خواهشمند اميدوار جيڪي گهربل تعليمي قابليت رکن ٿا. انهن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو گهربل دستاويزن سان گڏ مٿي ڏنل تاريخ تي سينٽر سان رجسٽريشن جي متعلق لهه وچڙ ۾ اچن

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    ضلعي سکر ۾ ٽي بي کان بچاءَلاءِ ورتل اپاءَ

    (تحرير غوث محمد پٺاڻ ) سکر شھر ھڪ پراڻو تاريخي شھر ؛ھي. ھن جو شمار سنڌ جي ٽئين نمبر وڏن شھرن ۾ ٿئي ٿو. ھن وقت سکر ضلعي جي ؛بادي تقريبن، ا ڪروڙ 72 لک 9 ھزار .71 تي مشتمل ؛ھي. جڏھن تھ ھي ضلعو 5 تعلقن ۽ 64 يوسين تي مشتمل ؛ھي. ھن جي ؛بادي تمام تيزي سان وڌي رھي ؛ھي. ھن ضلعي ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالون موجود ؛ھن سکر ۾ ميڊيڪل ڪاليج ٺھڻ کان پوءِ خانگي اسپتالن ۾ سٺن ڊاڪٽرن جي بھ ڪمي پوري ٿي.جيڪي ماڻھون علاج خاطر پنھنجن مريضن کي ڪراچي ۽ حيدر؛باد موڪلڻ کي ترجيح ڏيندا ھئا. انھن پنھنجي پنھنجي حيثيت ؛ھر سکر جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپاتالن کي اھميت ڏيڻ شروع ڪئي.اڪثر ٻھراڙي ۽ شھري ؛بادي جي غريب ماڻھن جو لاڙو سرڪاري اسپتالن ڏانھن تمام گھڻو ؛ھي.سرڪاري اسپتالن ۾ رش سبب اسپتال انتظاميھ جي گھڻن ڪوششن وٺڻ جي باوجود مريضن جي سار سنڀار ۽ صفائي جي نظام بحال رکڻ ۾ گھڻيون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون.سرڪاري طور تي گھڻين بيمارين جي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مفت علاج جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ٿيون.جن ۾اين جي اوز بھ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿيون.انھن مرضن ۾ ٽي بي پڻ شامل ؛ھي. ٽي بي ھڪ پکڙجندڙ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ 3 مختلف شعبن ۾ 4 سالا ڊگري پروگرام جي داخلا شروع ڪئي آهي

    سکر: علامه اقبال اوپن يونيورسٽي بزنس ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ پهريون دفعو گريجوئيٽ سطح تي 3 مختلف شعبن ۾ 4 سالا ڊگري پروگرام جي داخلا شروع ڪئي آهي. سيمسٽر بهار 2011، ۾ اوپن يونيورسٽي جي تا ريخ ۾ ان جي شعبي جي ذريعي پيش ڪندڙ 4 سالا دوران مشتمل گريجوئيٽ سطح تي ڊگري پروگرام تي بي ايس بزنس ايڊمنسٽريشن (بيڪنگ فنانس اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي فيس ٽو فيس بذريعه اسٽيڊي سينٽر بي ايس بزنس ايڊمنسٽريشن (مارڪيٽنگ اينڊ هيومن ريسورس مينيجمينٽ) بذريعه فاصلاتي طريقا تعليم ۽ بي ايس ڪامرس (بذريعه فاصلاتي تعليم) شامل آهن. شعبه ايڊمنسٽريشن جا داخلا فارم ۽ بينڪ چالان فارم علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ويب سائيٽhttp://www.aiou.edu.pk تي دستياب آهن. درج بالا تعليمي پروگرامن ڪنهن به پروگرام ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ خواهشمند اميدوارن کي هدايت ڪجي ٿي ته داخلا فارم ۽ چالان فارم يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تان ڊائون لوڊ ڪري تمام گهربل تصديق ٿيل سندون ۽ مقرر فيس سان گڏ ملڪ جي موجود مختلف قومي بئنڪن جي برانچن ۾ ڇنڇر ڏينهن 9 اپريل تائين، جمح ڪرائين.

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    ضلعي سکر ۾ جيڪي به ٻار مزدوري ڪري رهيا آهن. انهن کي اتان ڪڍي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻو آهي: چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر

    سکر: سابقه ناظم آفيس سکر ۾ چيف ٽيڪنيڪل ايڊوائيزر آئي ايل او- آئي پي اي سي سجيوا فونسيڪا جي صدارت هيٺ اي سي- آئي ايل او-سي اي سي ايل پراجيڪٽ 2 ڊسٽرڪٽ سکر جي حوالي سان هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ آئي ايل او فوڪل پرسن سمير احمد سيد ۽ پراجيڪٽ مينيجر آئي ايل او- آئي پي اي سي- سي ايل پراجيڪٽ 2 نظر حسين جويو موجود هئا. انهيءَ دوران سجيوا فونسيڪا کي هلندڙ پراجيڪٽ 2 متعلق بريفنگ ڏني وئي انهيءَ دوران هن ڳالهائيندي چيو ته هي ضلعي سکر جي لاءِ تمام خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اهڙو پراجيڪٽ جنهن ۾ ٻارن جي مشقت جي بدترين شڪل جو خاتمو ضلعي سکر ۾ ايجوڪيشن هيلٿ ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ۽ فيملي اڪنامڪ ايمپرومينٽ آندو وڃي. انهيءَ دوران سمير احمد سيد ڳالهائيندي چيو ته هي پراجيڪٽ ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ پائليٽ پروگرام آهي. ضلعي سکر ۾ جيڪي به ٻار مزدوري ڪري رهيا آهن. انهن کي اتان ڪڍي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻو آهي. جن ۾ 35 کان 40 هزار ٻار آهن. هن پراجيڪٽ ۾ ضلعي حڪومت جو ڪوآرڊينيشن آهي هنن ۾ ٻيا پارٽنرز به شامل آهن. هي ضلعي ايجوڪيشنل پروگرام آهي. جيڪو ٻار پڙهيل نه هوندو ته اهو ڪو به ڪم مڪمل طور تي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 7 اپریل

    پيرا ميڊيڪل ۽ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر طرفان لا ڪاليج کان پريس ڪلب سکر تائين هڪ واڪ منعقد ڪئي ويئي

    سکر: صحت جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ پيرا ميڊيڪل ۽ هيلٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر طرفان لا ڪاليج کان پريس ڪلب سکر تائين هڪ واڪ منعقد ڪئي ويئي. جنهن جي قيادت ڊاڪٽر منير احمد منڱريو پرنسپل پيرا ميڊيڪل اينڊ هليٿ ٽيڪنيشن اسڪول سکر ڪئي. صحت جو عالمي ڏينهن 2011، جي حوالي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر منير احمد منڱريو چيو ته ٿهليم جي جراثيم خلاف مزاحمت ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ جو مرض ناقابل علاج ٿئي. هن چيو ته طبي سائنس ايتري ترقي ڪئي آهي جو هر مرض جو بهتر علاج ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کان بچاءُ ممڪن آهي. جيڪڏهن صحت جي اصولن تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪيو وڃي ته گهڻين بيمارين کان پاڻ کي ۽ ماڻهن کي بچائي سگهجي ٿو. واڪ ۾ شريڪ ٿيندڙ ڊاڪٽر حبيب رحمان شيخ، ارشد حسين شاهه، مشتاق احمد ڊوگر، ڊاڪٽر لياقت علي ميمڻ، ڊاڪٽر غلام فاروق چنو، اسڪول جي اسٽاف ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button