سکر

  • جولائی- 2011 -
    18 جولائی

    سيد عامر شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو

    پ پ يوٿ سکر سٽي طرفان سيد عامر شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي نعري بازي ڪئي ان موقعي تي محمد پناهه سومرو،عرض محمد،قاضي عبدالسميع،۽ ٻين خطاب ڪيو ٻئي پاسي پ پ سکر سٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل سيد عامر شاهه جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان جي قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 جولائی

    نئين گورنر جي ڪا خبر ناھي، ايم ڪيو ايم لاءِ ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا ويا : وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه

    وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ نئين گورنر ڪير ٿيندو جي ڪابه خبر ڪونهي پر اسان ڊاڪٽر عشرت العباد جو هڪ هفتو انتِظار ڪنداسين نئين گورنر جو فيصلو پارٽي ڪندي ايم ڪيو ايم لاءِ ڳالهين جا دروازا بند ناهن ڪيا ويا کين مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو جمهوري حق موجود آهي اهڙو اِهار هن ڪالهه سکر بلڊ اينڊ ڊونيٽنگ اسپتال جي نئين طڪاس واري سينٽر جي سنگ بنياد رکڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊون ڪمپيوٽر لسٽن هيٺ ٿينديون ان لسٽن سان ٽي ڪروڙ ستر لک ڪوڙا ووٽ ڪڍيا ويندا اسان ملڪ ۾ اليڪٽرولرووٽ نِظام رائ ڪري رهيا آهيون 8 1 سال جي عمر رکندڙ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا هن چيو ته پ پ جي مفاهمتي پاليسي ڪنهن هڪ جمايت لاءِ ڪونه آهي هم چيو ته ڪمشنري نظام هيٺ سکر تعلقو هڪ ڪيو ويو آهي هن چيو ته بندر وال جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. ۽ وقت اندر مڪمل ڪيو ويندو. ايندڙ سال وڏي ٻوڏ جو امڪان گهٽ آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 جولائی

    حڪومت سکر شهر سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. چونڊيل نمائندا شهر دشمنيءَ تي لهي آيا آهن: آل پارٽيز ڪائونسل

    )آل پارٽيز ڪائونسل جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو ابن آزاد، مسلم ليگ ن جي الهداد بوزدار، جي يو آءِ جي مولانا عبدالحق مهر، مسلم ليگ ف جي ظفر اقبال آرائين، سنڌ نيشنل فرنٽ جي شهزادو ڀٽو، جسمم جي لاله سهيل پٺاڻ، هيومن رائيٽس جي جاويد جتوئي، ستپ جي وحيد کوسو، جسقم جي نصير گوپانگ، پي پي شهيد ڀٽو جي سراج ميراڻي، ايس يو پي جي عبدالرشيد ميمڻ، ۽ ٻين گڏيل طور تي چيو آهي ته حڪومت سکر شهر سان ماٽيليءَ ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي. چونڊيل نمائندا شهر دشمنيءَ تي لهي آيا آهن. ۽ سکر جو ڪو به مسئلو حل نه ڪيو پيو وڃي. سکر شهر ۾ چلڊرن پارڪ ڪو نه آهي جنهن ڪري ٻارن کي راندين ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن ۽ شهر جي روڊ رستا ۽ گهٽيون کنڊرات ۾ تبديل ٿينديون پيون وڃن. شهرين کي پيئڻ جو پاڻيءَ ميسر ڪو نه آهي. ۽ شهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص ميٽريل استعمال ٿي رهيو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 جولائی

    پيپلز امن ڪميٽيءَ خلاف جسقم ضلعي سکر جو احتجاجي مظاهرو

    سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ۽ پيپلز امن ڪميٽيءَ خلاف جسقم ضلعي سکر جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌي ماڻهن جو قتل ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪرڻ خلاف ۽ پيپلز امن ڪميٽيءَ جي غنڊن خلاف مظاهري ۾ گهر ڪئي ويئي ته حڪومت پيپلز امن ڪميٽيءَ جي غنڊن کي لغام ڏيئي نه ته تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو. ڀٽا روڊ سکر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف جسقم ضلعي سکر پاران مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ضلعي جسقم صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو، قمرالدين گهمرو، مظهر عباسي، جساف جي ياسين مهر، قيوم آصف ۽ ٻين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 18 جولائی

    بيمار، لاچار، بي سهارا ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان خدا راضي ٿيندو آهي: حاجي محمد جاويد

    سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته بيمار، لاچار، بي سهارا ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت ڪرڻ سان خدا راضي ٿيندو آهي ۽ دلي سڪون به ملندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوپنڊ شاپ ڪيپرز ايسوسي ايشن جي صدر برڪت علي سولنگي، نائب صدر محمد فياض بٽ، جنرل سيڪريٽري سيد عرفان شاهه ۽ ٻين عهديدارن جي تعاون سان سائبان ويلفيئر ايسوسي ايشن پاران نيوپنڊ جي علائقي ۾ لڳايل هڪ ڏينهن واري فري ميڊيڪل ڪيمپ جي دوري جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ڊي ايس پي سٽي سيد مشتاق شاهه، حاجي غلام شبير ڀٽو، حاجي شفيع عباسي، شريف ڏاڏا، عبدالرحيم سيٺي، عبدالستار راجپوت، پرويز چنه ۽ ٻين به شرڪت ڪئي. طبي ڪئمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻين شوگر، دل، بلڊ پريشر ۽ هيپائائيٽس جي 5 سئو کان وڌيڪ مريضن جو معائنو ڪيو ۽ انهن کي مفت دوائون فراهم ڪيو ويون.

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 جولائی

    سيد صدرالدين شاه بادشاه جي 735 هين سالياني عرس جو آغاز ٿي ويو

    سکر: اوقاف کاتي سکر ۽ لاڙڪاڻي زون جي ايڊمنسٽريٽر خالد حسين ميمڻ اڄ مشهور صوفي بزرگ سيد صدرالدين شاه بادشاه جي 735 هين سالياني عرس جو سندس مزار تي چادر چاڙھي افتتاح ڪيو. صوفي بزرگ حضرت سيد صدرالدين شاه بادشاه جو عرس 16 جولاءِ کان 18 جولاءِ تائين ملهايو ويندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 جولائی

    نئين صوبي ٺاهڻ جي چاڪنگ سنڌ جي خلاف سازش آھي: جي يو آءِ

    جي يو آءِ جي اجلاس ۾ نئي صوبي ٺاهڻ جي چاڪنگ سنڌ جي خلاف سازش قرار ڏئي ان جي شديد مذمت ۽ مزاحمت ڪرڻ جو اعلان. خبر موجب جي يو آءِ ضلعي سکر جي مجلس شوريٰ جو هڪ اهم اجلاس مدرسه دارالقرآن مائيڪرو ڪالوني سکر ۾ منعقد ٿيو. جنهن جي صدارت ضلعي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪئي. اجلاس ۾ مفتي شفيع محمد سنڌي، مولانا محمد صالح انڍهڙ، عبيدالله ڀٽو، مولانا عبدالحق مهر، مولانا غلام مصطفيٰ ٻرڙو، مولانا غلام نبي، مولانا عبدالڪريم عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هڪ مذمتي قرارداد منظور ڪندي ڪراڇي ۾ دهشتگرد جي واقعن بعد هاڻي نئين صوبي لاءِ ديوارن تي ڪيل چاڪنگ کي سنڌ جي خلاف گهري سازش قرار ڏيندي ان جي پرزور لفظن ۾ مذمت ڪئي ويئي. ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته سازشي عناصر ۽ سنڌ دشمن قوتن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس کي ضلعي صدر ۽ صوبائي نائب امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ ٻيو صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان گڏ غداري تصور ڪريون ٿا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 جولائی

    جسمم جي اڳواڻن جو ڪراچي ۾ قتل عام خلاف احتجاجي مظاھرو

    جيئي سنڌ متحدا محاذ مرڪز طرفان جسمم سکر ۾ ڪراچي ۾ اردو آبادي جي قتل عام خلاف سکر ۾ جسمم ضلعي صدر لالا سهيل پٺاڻ ، روپلو چاچر، جساف اڳواڻ صفدر سومرو ۽ ٻين جي قيادت ۾ سٽي ڪورٽ کان سعيد سرهندي روڊ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جسمم ضلعي صدر سهيل پٺاڻ چيو ته ڪراچي ۾ اردو آبادي مٿان اي اين پي جي دهشتگردن جا حملا سنڌ جي وجود ۽ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ڪرڻ جي سازش آهي. حڪومتي ماڻهو ڄاڻي واڻي سنڌي ۽ اردو ڳالهايندڙن جي وچ ۾ ڪو وڏو سانحو ڪرائڻ چاهي ٿي ۽ ان سانحي جا منفي اثرات سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن مٿان پوندا ۽ اسين ڪڏهن به ڌارين قوتن ۽ ان ناپاڪ سازش ۾ ڪامياب ٿيڻ ڪو نه ڏينداسين. سائين جي ايم سيد جي اردو ڳالهائيندڙن جي پاليسي تي مڪمل تعاون ڪنداسين

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 جولائی

    سنڌ جي نالي واري اديب عبدالجبار جوڻيجو جي وفات تي ڏک جو اظھار

    سنڌ جي نالي واري اديب عبدالجبار جوڻيجو جي وفات تي روهڙي جي شاعرن ۽ اديبن شمس صابر، جاويد بلوچ، پرويز شمس ۽ ٻين سنڌ جي ناليواري اديب عبدالجبار جوڻيجو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي دعا گهري آهي الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ڪرڻ جي تلقين عطا فرمائي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 جولائی

    نساسڪ شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي سپلاءِ توڙي سيوريج سرشتي کي بهتر بنائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي: فياض احمد ميمڻ

    تعلقه ميونسپل ايڊمسٽريشن سکر سٽي جي ايڊمسٽريٽر فياض احمد ميمڻ ڪالهه سکر شهر جو دورو ڪندي شهر اندر صفائي جو جائزو ورتو ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته نساسڪ شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جي سپلاءِ توڙي سيوريج سرشتي کي بهتر بنائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي جيڪڏهن هو پنهنجي نگراني ۾ شهر مان صفائي نه ڪرائي ها ته گند جا ڍير نظر اچن ها ان ڏس ۾ نساسڪ آفيسرن کي خط به لکيا ويا آهن ته هو شهرين جي مفاد لاءِ پهتر انداز ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائين جيئن عوام کي تڪليف جو منهن ڏسٽو نه پوي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button