سکر

  • جولائی- 2011 -
    22 جولائی

    پوليس ڪجه ماڻھن جي چرچ تي گئس ملازمن ۽ آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري زيادتي ڪري رهي آهي: ملازم

    سکر۾ سوئي سدرن گئس جي ملازمن روهڙي ڌماڪي واري واقعي ۾ 6 آفيسر ۽ 3 ملازمن سوڌو 9 ڄڻن خلاف روهڙي پوليس پاران ايف آءِ آر داخل ڪري هڪ ڄڻي جاويد عباسي کي گرفتار ڪرڻ خلاف گوليمار آفيس ٻاهران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته ڪجهه عرصو اڳ روهڙي ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ انسانن جي شڪار ٿيڻ جو کين بي حد افسوس آهي پر اهو واقعو سوئي گئس جي لائين ليڪ ٿيڻ ڪري نه ٿيو هو بلڪي زوردار ڌماڪي سان جهڙي ريت نقصان ٿيو آهي ان مان لڳي ٿو ته اهو ڌماڪو بارودي مواد ڦاتڻ سبب ٿيو آهي ان لاءِ واقعي جي فوري ڀور جانچ ٿيڻ گهري هنن ٻڌايو ته روهڙي پوليس اڳ ۾ هن واقعي کي اتفاقي واقعو قرار ڏئي ڪيس داخل ڪيو هاڻي ڪجه جي چرچ تي گئس ملازمن ۽ آفيسرن خلاف ڪيس داخل ڪري زيادتي ڪري رهي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    بجلي جي ڊگهي بندش، ٽرانفسامر ناڪار ٿيڻ جي ڪري تجارتي سرگرميون ختم ٿي رهيون آهن: حاجي محمد جاويد ميمڻ

    سکر جي صرافه بازار ايسوسي ايشن جي صدر ۽ اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته بجلي جي ڊگهي بندش، ٽرانفسامر ناڪار ٿيڻ جي ڪري تجارتي سرگرميون ختم ٿي رهيون آهن. وقفي وقفي سان ٿيندڙ لوڊشيڊنگ جي ڪري صارفين ۽ واپاري احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن. پر سيپڪو انتظاميه حالتون بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جا قدم کڻڻ کان لنوائي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صرافه بازار ۾ وڌيڪ ريڊنگ، ڊيڊيڪشن شده بجلي جا بل ارسال ڪرڻ، 4 ڏينهن کان ناڪاره ٽرانسفارمر درست نه ڪرڻ خلاف ڪيل احتجاج جي موقعي تي واپارين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ذاڪر ٻنڌاڻي، حافظ محمد صالح، بابو عبدالڪريم، شريف خان ۽ ٻيا عهديدار به موجود هئا. حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ذاڪر ٻنڌاڻي خطاب ڪندي الزام عائد ڪيو ته سيپڪو انتظاميه جي غلط پاليسين ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ ڪيا ويندڙ اقدامن جي ڪري واپاري ۽ شهري شديد ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ليٽ في آخري تاريخ 26 جولاءِ مقرر ڪئي وئي

    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ريجنل سينٽر سکر جي اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر سکر پڌرو ڪيو آهي ته سيميسٽر خزان 2011 ۾ تمام پوسٽ گريجوئيٽ پروگرامن ۾ داخلا فارم جمح ڪرائڻ جي آخري تاريخ هڪ هزار (-/1000) روپيا ليٽ فيس چارجز سان گڏ 26 جولاءِ 2011 تائين وڌائي ويئي آهي. پڌرائيءَ مطابق علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي نئين سيميسٽر خزان 2011 ۾ پي ايڇ ڊي جي سطح تي اردو، اسلامڪ اسٽڊيز، اقبال اسٽڊيز ۽ پاڪستاني ٻولين ۽ ادب ( پشتو، بلوچي، براهوي، سنڌي، سرائيڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ ) داخلائون پوري ملڪ ۾ جاري آهن. جڏهن ته پي ايڇ ڊي ، ايم اي، ايم فل سطح تي پيش ڪرڻ وارا ڪيمسٽري پروگرام ۾ صرف اسلام آباد جا اميدوار ئي داخلا حاصل ڪري سگهن ٿا. نئين سيميسٽر ۾ ايم ايس سي سطح تي پيش ٿيڻ وارن پروگرامن ۾ معاشيات، مطالعه پاڪستان، جينڊر اينڊ وومين اسٽيڊيز ۽ ڪميونٽي هيلٿ اينڊ نيوٽريشن شامل آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    زرداري پيپلز پارٽي کي عوامي جماعت رهڻ ڏئي نه ڪي ان کي خانداني جماعت ٺاهي: دانيال عزيز

    سکر ۾ اڳوڻن ناظمن ۽ ڪائونسلرن دانيال عزيز جي اڳواڻي ۾ ڪوٺايل ڪنوينشن اندر پيپلز پارٽي پاران ڪمشنري نظام کي رد ڪندي مقامي حڪومتن وارو نظام بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي محمد بن قاسم پارڪ ۾ لوڪل ڪونسل ايسوسيئيشن جي اڳواڻ ۽ سکر جي اڳوڻي ضلع ناظم سکر سيد ناصر حسين شاهه جي دعوت تي ڪوٽايل ڪنوينشن ۾ اين آر بي جي اڳوڻي چيئرمين دانيال عزيز خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پيپلز پارٽي کي عوامي جماعت رهڻ ڏئي نه ڪي ان کي خانداني جماعت ٺاهي ۽ پنهنجن هيٺين کي آئين جي خلاف ورزي نه ڪرڻ ڏئي هن چيو ته سنڌ ۾ ڀٽو شهيد جي قاتلن جي ڪمشنري نظام کي عوام رد ڪري چڪي آهي جيڪڏهن ان کي 8 2 جولاءِ تائين ختم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو سخت رستو اختيار ڪيو ويندو جنهن جي شروعات اڄ کا ن ڪري رهيا آهيون

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    ريلوي پوليس کيسا ڪٽيندڙ کي سوگھو ڪري ورتو

    )ريلوي پوليس سکر گذريل ڏينهن ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپريس ۾ مسافرن جا کيسا ڪٽيندڙ هڪ جوابدار عبدالخالق پنهور کي گرفتار ڪري ان جي قبضي مان 7 2 هزار روپيا هٿ ڪري ورتا جڏهن ته انعام علي کي پوليس ان وقت گرفتار ڪري ورتو جڏهن هو ڪنهن واردات جي ارادي سان بيٺل هوکائنس هڪ ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جولائی

    شب برات جي ڀلاري رات سيپڪو جي نااهل انتظاميه پاران ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي نه هجڻ ڪري شهري اونداهي ۾ ٻڏل رهيا

    سکر ۽ ڀرپاسي ۾ شب برات جي ڀلاري رات سيپڪو جي نااهل انتظاميه پاران ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي نه هجڻ ڪري شهري اونداهي ۾ ٻڏل رهيا. عبادت گذارن کي عبادت دوران سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو هو. شهرين ۾سيپڪو انتظاميه خلاف سخت تاءُ، خبر موجب شب برات جي ڀلاري رات ۾ سيپڪو انتظاميه پاران سکر، روهڙي، صالح پٽ، ڪنڌرا، پنوعاقل سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي بند ڪري ڇڏيڻ دوران ڪيترائي علائقا اونداهه ۾ ٻڏل رهيا جنهن ڪري شب برات جي موقعي تي عبادت گذارن کي اونداهه هجن ڪري عبادت ڪرڻ ۾ سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو. سيپڪو انتظاميه پاران ڀلاري رات ۾ بجلي بند ڪرڻ تي شهرين ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جولائی

    تر ڪرڻ دوران 9 سالن جو نينگر فوت،گهر ۾ ڪهرام

    سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ دوستن سان سنڌو درياهه ۾ تر ڪرڻ دوران 9 سالن جو نينگر فوت،گهر ۾ ڪهرام خبر موجب ڪالهه صبح سکر جي مڪراڻي مسجد بندر روڊ جو رهواسي 9 سالن جو نينگر ڪريم الله پٽ ڪرامت علي صديقي دوستن سا لب مهراڻ وڃڻ بعد سنڌو درياهه ۾ تڙ ڪرڻ لاءِ لٿو ته هو اوچتو ٻڏي ويو سندس لاش نه ملڻ سبب ان جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جولائی

    نوجوان پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

    سکر(بيورورپورٽ) خيرپور لڳ اڀڙي جي نوجوان محمد نواب بگٽي سهرن پاران سندس ڳورهاري گهر واري کي گهر نه ڇڏڻ تي دلبرداشتا ٿي پاڻ مٿان بندوق جا فائر ڪري زخمي ڪري ڇڌيو کيس سکر سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جولائی

    سکرسيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو

    سکرسيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، هٿيار بند فرار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي. خبر موجب سومر ڏينهن سکر جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد شا ليمار روڊ تي سيشن ڪورٽ ڏانهن ويندڙ پوليس اهلڪار رحيم بخش ڪورائي تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل ڪو نه ٿي سگهيو آهي. جنهن جي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سکر ۾ نيو ويو آهي.مقتول ڪورٽ جا نوٽيس پهچائڻ جو ڪم ڪندو هو ۽ هو معمول موجب ڪورٽ ڏانهن وڃي رهيو هو ته کيس قتل ڪيو ويو .

    وڌيڪ پڙھو
  • 19 جولائی

    ميرپور ماٿيلو جي نرس ڊاڪٽر جي مبينه غفلت ڪري اسپتال ۾ فوت

    سکر سول اسپتال ۾ ميرپور ماٿيلو جي نرس ڊاڪٽر جي مبينه غفلت ڪري اسپتال ۾ فوت، اسٽاف نرسن پاران سول اسپتال جي گيٽ آڏو مظاهرو ۽ ڌرڻو، احتجاج طور او پي ڊي ۾ نرسن پاران ڪم ڇڏيو ويو. خبر موجب سکر سول اسپتال ۾ پنج ڏينهن اڳ بخار سبب داخل ٿيل ميرپور ماٿيلو جي نرس زاهد ه کي ڊاڪٽرن پاران صحيح علاج نه ٿيڻ ڪري رات جو فوت ٿي وئي . جنهن کان پوءِ هاسٽل ۾ رهندڙ ۽ اسٽاف نرسن پاران علاج صحيح نه ٿيڻ ۽ نرس جي فوت ٿي وڃڻ تي سول اسپتال سکر جي گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ سول اسپتال انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ احتجاج ڪندڙ نرسن ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ ڪي به سهولتون موجو د ناهن ، اسپتال اندر ٿڌي پاڻي، صفائي سميت ٻيون سهولتون اڻهوند آهن ۽ سول اسپتال انتظاميه پاران نرسن جا مسئلا حل ڪو نه پئي ڪري سگهي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button