سکر

  • جولائی- 2011 -
    24 جولائی

    ڪراچيءَ ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڪنٽرول آهي. اگر ضرورت پئي ته فوج کي به گهرائي وٺنداسون: واجد علي دراني

    آءِ جي سنڌ پوليس واجد علي دراني چيو آهي.سکر پوليس لائين هيڊڪوارٽر ۾ پوليس جي درٻار واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس جي مسئلن جي حل لاءِ صدر پاڪستان 5 ارب روپين فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي جنهن سان جديد هٿيار ۽ گاڏيون خريد ڪيو وينديون جڏهن ته جلد هر پوليس اهلڪار جي پگهار ۾ في ڪس 4 هزار روپين جو اضافو ڪيو ويندو هن چيو ته ان سان گڏوگڏ هر هڪ ضلعي ۾ پوليس اهلڪارن جي رهائش لاءِ به سئو کان اڍائي سئو ايڪڙن تي ٻڌل ڪالوني جوڙيون وينديون ترت ٿاڻن ۽ رهائشي ڪوارٽرن جي مرمت لاءِ 10 ڪروڙ روپيا پڻ طلب ڪيا آهن هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ 7 1 دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا آهن. ۽ انهن وٽان وڏي تعداد ۾ اسلحو برآمد ڪيو ويو آهي. ۽ گرفتار دهشتگردن کان وڌيڪ تفتيش جاري آهي. ۽ انهن وٽان مليل معلومات مطابق وڌيڪ گرفتارين لاءِ مختلف علائقن ۾ پوليس ڇاپا هني رهي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 23 جولائی

    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي آگسٽ کان پهريون دفعو ڪامرس ۾ داخلا شروع ڪندي

    علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف ڪامرس پهرين آگسٽ کان پهريون دفعو ڪامرس ۾ اسوسي ئيٽ ڊگري پروگرامز ( اڪائونٽنگ اينڊ فنانس، بينڪنگ اينڊ فنانس، مارڪيٽنگ مينيجمينٽ، هيومين ريسوسز مينيجمينٽ، آئي ٽي مينيجمينٽ، هاسٽل مينيجمينٽ، هوٽل مينيجمينٽ ۽ ٽوئرزم مينيجمينٽ سيپشلائزيشن سان گڏ) داخلا شروع ڪري رهي آهي. اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ريجنل سينٽر سکر جي مطابق ايسوسي ئيٽ ڊگري پروگرام هاير ايجوڪيشن ڪميشن جي صلاح سان هيومن ريسورسز جي پيشه ورانه تربيت ۽ مارڪيٽ جي ضرورت جي مطابق تيار ڪيو ويو آهي. هي پروگرام خاص انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. جيڪو 4 ساله پروگرام کي مالي مجبورين جي ڪري حصو نه وٺي سگهيا آهن ۽ ملازمت شروع ڪرڻ چاهين ٿا

    وڌيڪ پڙھو
  • 23 جولائی

    ڪچي آبادين کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو، روينيو عملدارن کان فهرستون طلب

    سکر سميت اندرون سنڌ ڪچي آبادين کي پڪو ڪرڻ جو فيصلو، روينيو عملدارن کان فهرستون طلب، خبر موجب سنڌ حڪومت سکر، شڪارپور، خيرپور، گهوٽڪي سميت اندرون سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ واقع ڪچي آباديون جيڪي روينيو کاتي جي ايراضي ۾ واقع آهن انهن کي پڪو ڪرڻ ۽ اتان جي رهائشين کي مالڪاڻه حق ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ذريعن مطابق ايندڙ مهيني ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ روينيو کاتي جي عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ت

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    پاڻي چوري خلاف آباد گارن جو مظاھرو

    ڪنڊيارو جي رهواسي سهتو برادري جي ماڻهن ذوالفقار علي جي اڳواڻي ۾ سکر جي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته علائقي جي وڏيري اسان جي ڳوٺ وٽان گذرندڙ سنهڙا شاخ ۾ غير قانوني پائيپ هڻي پاڻي چورائڻ شروع ڪري چڏي آهي انهن پائيپن جي ڪڏهن به ٽٽڻ جي ڪري وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو ۽ 0 1 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي سگهن ٿا ان ڏس ۾ ايريگيشن کاتي جي اختيارين کي ڪيترائي ڀيراآگاهي ڏئي چڪا آهيون پر ڪوبه نوٽيس نه پو ورتو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته پائيپ ڪڍرائي نقصان کان بچايو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    پسند جي شادي ڪرڻ بعد مائٽ جاني دشمن بڻجي قتل ڪرڻ جو ڏمڪيون پيا ڏين : اصغر چنا،۽ مسمات ثمينه

    ) فيض گنج جي رهواسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي اصغر چنا،۽ مسمات ثمينه موريجو سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي پهچي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي هنن ميڊيا کي ٻڌايو ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد مائٽ جاني دشمن بڻجي قتل ڪرڻ جو ڏمڪيون پيا ڏين جنهن سبب اسان جي زندگين کي خطرو آهي ا آهن ان حوالي سان سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي هنن خيرپور ميرس جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    سکر باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل تي سوار عورت فوت

    سکر باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل تي سوار عورت فوت،سندس مڙس ۽ ٻارڙو زخمي،گهر ۾ ڪهرام ،ٽرالر ڊرائيور گرفتارخبر موجب سکر باءِ پاس تي ڪراچي ويندڙ هڪ تيز رفتار ٽرالر گمبٽ ويندڙ ان موٽر سائيڪل کي ان وقت زوردار ٽڪر هنيو جڏهن هو رستو ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ان دوران موٽر سائيڪل تي ويٺل عورت مسمات لطيفان زخمن جا سور نه سهندي ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس مڙس پير بخش ۽ ان جو پٽ سخت زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال سکر داخل ڪيوويو عورت جو مڙه پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    ڪراچيءَ جي سينئر صحافي جي پر اسرار گمشدگيءَ جي خلاف سکر ۾ ھنگامي اجلاس

    ڪراچيءَ جي سينئر صحافي ملڪ منور جي پر اسرار گمشدگيءَ جي خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب ۽ سکر انڊس يونين آف جرنلسٽ جو گڏيل هنگامي اجلاس ڪلب جي صدر امداد بوزدار جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ محمد زمان باجوا، پرويز خان، رشيد رضا، جاويد مصطفيٰ، سيد نصير حسين شاهه، طاهر وارثي، فرهاد سومرو، ڪريم بخش شيخ، رضوان صديقي ، فريد سومرو، عمر سومرو، سرفراز ميمڻ، عارف ميمڻ، اظهر علي دايو، خالد محمود، مهتاب انصاري، اسامه طلعت، ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي امداد بوزدار، محمد زمان باجوا، پرويز خان چيو ته صحافين کي سچ لکڻ جي سزا ڏني پئي وڃي ۽ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان صحافين تي قاتلانه حملا ۽ انهن کي ڊيڄاري ڪري فرضن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مگر حڪومت خاموش تماشائي بڻيل آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ مهنگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هاڻي سان قدم کنيا وڃن: حاجي محمد جاويد ميمڻ

    سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ مهنگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هاڻي سان قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي آفيس ۾ شهر جي مختلف علائقن سان آيل وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، غلام شبير ڀٽو، برڪت علي سولنگي ۽ ٻيا به موجود هئا. جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽اکٻوٽ صنعت ۽ تجارت ۽ ڪاروبار سميت سڀني شعبن کي متاثر ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته رمضان کان پهريان کنڊ جي هٿرادو کوٽ ۽ ذخيره اندوزي عوام سان ظلم آهي. حڪومت سياسي جوڙ توڙ ۽ مفادن کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهي. اپوزيشن کي عوامي مسئلن سان ڪا به دلچسپي نه آهي. جنهن جي ڪري عوام مهانگائي کان پريشان آهن. هن چيو ته حڪومتي ادارا مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    سياسي مفاد پرست ٽولي ۽ ان جي ساٿاري افسر شاهيءَ جي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ 1 0 0 2 ع ۾ مڪاني حڪومتن جو نظام ٺاهيو هو: ناصر شاھ

    لوڪل ڪونسل ايسوسي ايشن سنڌ جي ڪنوينر ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سکر ڪنونشن ۾ سڄي ملڪ جي اڳوڻن ناظمن، سول سوسائٽي، صحافين ۽ عام ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري ثابت ڪري ڇڏيو ته اهي ڪمشنري نظام کي رد ڪري چڪا آهن. ڇو ته ڪمشنري نظام سان عوام هڪ ڀيرو ٻيهر بيورو ڪريٽس جي آفيسن ٻاهران پريشان حال نظر اچي رهيا آهن. هن چيو ته سياسي مفاد پرست ٽولي ۽ ان جي ساٿاري افسر شاهيءَ جي غلاميءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ 1 0 0 2 ع ۾ مڪاني حڪومتن جو نظام ٺاهيو هو. ۽ ان جي انتهائي ڪاميابيءَ سان گڏ نظام هلندو رهيو ۽ ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ تيزيءَ سان ترقياتي ڪم ٿيا ۽ عوامي مسئلا به حل ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    25 جولاءِ کان 26 جولاءِ 2011 تائين صبح جو 10 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين سکر ۾ سائرن وڄايا ويندا

    سکر: ڊپٽي ڪمشنر / ڪنٽرولر سول ڊفينس سکر اعلان ڪيو آهي ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو اچڻ وارو آهي انهيءَ سلسلي ۾ سول ڊفينس ۽ ٻين ايجنسين جا اليڪٽرڪ سائرن جيڪي سکر شهر ۾ لڳايل آهن انهن کي ٽيسٽنگ جي مقصد لاءِ 25 جولاءِ کان 26 جولاءِ 2011 تائين صبح جو 10 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين وڄايا ويندا. .

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button