سکر
-
جولائی- 2011 -26 جولائی
سکر جي مختلف علائقن ۾ هائوسنگ سوسائيٽيز جي نالي تي لٽ مار جوو سلسلو جاري
سکر جي مختلف علائقن ۾ هائوسنگ سوسائيٽيز جي نالي تي لٽ مار جوو سلسلو جاري آهي دهلي مسلم سوسائٽي سميت ٻين سوسائيٽن ۾ مالڪي جا ڪاغذ کڻي صحيح ڪرائڻ لاءِ متاثر ماڻهو دربدر ٿيڻ لڳا پر سيڪريٽري سندن مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ معاملي کي مسلسل اينگاهيندا پيا آچن ان ڏس ۾ متاثر شخص هادي بخش ٻڌايو ته دهلي مسلم سوسائٽي جي سيڪريٽري سڪندر آرائين ڏانهن گذريل ٽن مهينن کان پنڌ ڪري رهيو آهيان پر هو پلاٽ جي مالڪيءَ واريون رسيدون ڏيٻ کان لنوائيندي آسرا ڏئي رهيو آهي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته 7 7 9 1 کان پوءِ ايريگيشن ،روينيو،ريلوي ۽ ميونسپل جي ايراضين کي ملائي قائم ڪيل سوسائيٽين ۾ پلاٽ خريد ڪرڻ کان پوءِ سوسائيٽين جي سيڪريٽرين قانون جي خلاف ورزي ڪندي ڪيترائي پلاٽ ڪينسل ڪري ٻين جي نالن تي غاغذن ۾ وڪرو ڏيکاريا آهن
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
ڪارنھن جي الزام ھيٺ دربدر
ڏهرڪي جي رهواسي اسلم شيخ پنهنجي گهر واري مسمات وزيران ،۽ ڀينرن سان گڏ سکر جي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڏايو ته ڪجهه مهينا اڳ منهنجي ويڳي ڀاءُ شاهنواز مون تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هني گهر ڀاتين ۽ مون کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون علائقي جي بااثر شخصيت بنا سوچ سمجهه جي منهنجي ٻن ڀينرن کي ڏنڊ ۾ ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو اهڙي زيادتي ۽ ظلم خلاف آواز اٿارڻ تي جوابدارن اسان کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوليس سان گڏ هنن گهر جو قيمتي سامان ،ٻه مينهون کڻي ٻن ڀينرن کي ڏيڻ لاءِ چيو ۽ ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا وڏي مشڪل سان جان بچائي در در جا ڌڪا کائي لڪي رهيا آهيون
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
اڳواڻ غلام قادر ڀٽي مون کي خوف حراس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي: حسين بخش ڀٽو
سکر(بيورورپورٽ) سکر جي اڳوڻي ايم وي اي ۽ پ پ اڳواڻ غلام قادر ڀٽو خلاف سندس ڀاءُ حسين بخش ڀٽو صحافين کي دانهيندي الزام هنيو ته هو سندس پيءُ جي ملڪيت مان ان جو حصو هڙپ ڪرڻ چاهي ٿو جنهن لاءِ هن مون کي خوف حراس ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن مون تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي بدنام ڪرڻ شروع ڪيو آهي هن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته کيس پيءُ جي ملڪيت مان حصو ڏياري ڪوڙا ڪيس ختم ڪرايا وڃن ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
نساسڪ پاران شهرين کي پاڻي جي کوٽ جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ 6 2 واٽر ٽينڪرز روزانو 5 8 ڦيرن ذريعي متاثر علائقن جي مختلف هنڌن تي پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو: غلام علي لغاري
سکر شهر جي پنج علائقن ۾ 0 4 سال پراڻي واٽر سپلاءِ لائين تبديل ٿيڻ سبب نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن (نساسڪ) متبادل انتظام ڪندي متاثر علائقن ۾ ٽينڪرز ذريعي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو انتظام سکر ۾ نمائش واٽر ورڪس فيز ٿري کان نمائش چوڪي تائين 0 2 انچ جي واٽر سپلاءِ پائپ لائين تبديل ڪرڻ سبب ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ نساسڪ ترجمان غلام علي لغاري چيو آهي ته مٿي ڄاڻايل تعميراتي ڪم ڪرڻ سبب شهر جي پراڻو سکر، نيو پنڊ، قريشي ڳوٺ، آئوٽر سگنل وارن علائقن ۾ واٽر سپلاءِ جي فراهمي هڪ هفتي تائين بند رهندي ۽ پائيپ لائين تبديل ٿيندي ئي پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي ويندي. ترجمان چيو آهي ته نساسڪ پاران شهرين کي پاڻي جي کوٽ جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ 6 2 واٽر ٽينڪرز روزانو 5 8 ڦيرن ذريعي متاثر علائقن جي مختلف هنڌن تي پاڻي فراهم ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
سکر جي اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان احتجاجي مظاھرو
سکر جي اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪنن عرفان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي حڪومت کان قبضن جي خاتمي ۽ شاگردن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو مظاهري کي يامين ميراڻي،طارق وڌيو،فرحان شيخ،هوش محمد ڪٽوهر،آصف ملڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چتاءَ ڏنو ته جيڪڏهن سرڪار نوٽيس نه ورتو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
قومپرستن جي قول ۽ فعل جي ڪري ئي کين موٽ ناهي ملي رهي: جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محموسومرو
سکر(بيورورپورٽ) جي يو آءِ جي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محموسومرو پاران جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر سرڪي طرفان ديني مدرسن ۽ عالمن خلاف غلط زبان استعمال ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته قومپرستن جي قول ۽ فعل جي ڪري ئي کين موٽ ناهي ملي رهي هيئر ڊاڪٽر صفدر سرڪي پنهنجي غريبان ۾ جهاتي پائي ڏسي ته هو ڪنهن جو ايجنٽ ٿي ڪم ڪري رهيو آهي اسان ديني جماعتن خلاد اهڙي زبان ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسون.
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
حڪمرانن کي ملڪ جي غريب عوام سان ٿيندڙ زيادتين جي ڪا به پرواهه ناهي بلڪه هو رڳو پنهنجي حڪومت بچائڻ جي چڪر ۾ آهن
سکر جي آل پارٽيز ڪائوسنل پاران بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي ۽ سکر پاسپورٽ آفيس ۾ وڏي پئماني تي ٿيندڙ ڪرپشن خلاف 7 2 جولاءِ تي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهري ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي مولانا عبيدالله ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪمرانن کي ملڪ جي غريب عوام سان ٿيندڙ زيادتين جي ڪا به پرواهه ناهي بلڪه هو رڳو پنهنجي حڪومت بچائڻ جي چڪر ۾ آهن بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي سان عوام سخت پريشاني جو شڪار بڻجي ويو آهي حڪمران هوش کان ڪم وٺي تدارڪ ڪن ٻي صورت ۾ عوام کين معاف نه ڪندو ۽ وقت اچڻ تي سخت احتساب ڪندو اجلاس ۾ الله داد بوزدار،ظفر اقبال آرائين،عبدالحق مهر،لالا سهيل پٺاڻ ،جاويد جتوئي،نصير گوپانگ،منور ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪندي فيصلو ڪيو ته سکر پاسپورٽ آفيس خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين.
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
صحافي ملڪ منور جي اغوا بعد سندس بازيابي لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو صحافين صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو
ڪراچي جي صحافي ملڪ منور جي اغوا بعد سندس بازيابي لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو صحافين صدر امداد بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي زمان باجوا،عمر سومرو،پرويز خان،رضوان صديقي ،فريد سومرو ۽ ٻين چيو ته وڏي افسوس جو مقام آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ۾ صحافين سان ٿيندڙ زيادتين جو حڪومت نوٽيس نه پئي وٺي جنهن جو واضع ثبوت صحافي جو اڃان تائين بازياب نه ڪرائڻ آهي لڳي ٿو ته حڪومت دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام پڻجي سندن آڏو بي وس بڻجي وئي آهي هنن اعلي عدالت ۽ سند هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي فوري نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
شڪارپور ۾ 0 1 محرم تي خودڪش بمبار کي روڪيندي زخمي ٿيل پوليس اهلڪار شبير احمد کي سکر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ آءِ جي سنڌ واجد دراني سان نه ملڻ ڏنو ويو
هڪ سال اڳ شڪارپور ۾ 0 1 محرم تي خودڪش بمبار کي روڪيندي زخمي ٿيل پوليس اهلڪار شبير احمد کي سکر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ آءِ جي سنڌ واجد دراني سان نه ملڻ ڏنو ويو زخمي حالت ۾ آيل اهلڪار کي پنهنجي ئي پوليس جي اهڪارنادر علي ملڪاڻي ڌڪا ڏئي ڌمڪيون ڏنيون ته زوري اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪيئي ته تنهنجي حالت وڌيڪ خراب ڪندس ان ڪري عزت سان واپس هليو وڇ متاثر اهڪار ميڊيا کي ٻڌايو ته هن مهل تائين ڪيرائي آپريشن ڪرائي چڪو آهيان هن هن مهل تائين پوليس کاتي پاران ڪا رقم ناهي ملي جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي مون آءِ جي سنڌ جي سکر اچڻ جي خبر پئي ته کيس دانهڻ لاءِ آيس پر افسوس جو پنهنجن اهلڪارن به زيادتي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
24 جولائی
آءِ جي جي پروٽوڪول ڊيوٽي ڏيندر هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار گرمي سبب ڦهڪو کائي هيٺ ڪري پيو
سکر(بيورورپورٽ)سکر ۾ آءِ جي سنڌ واجد دارني جي سکر پوليس هيڊڪوارٽر ۾ درٻار کي خطاب ڪرڻ دوران پروٽوڪول ڊيوٽي ڏيندر هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار گرمي سبب ڦهڪو کائي هيٺ ڪري پيو کيس چيلهه ۾ ڌڪ لڳڻ ۽ تڪليف وڌڻ ڪري اهلڪار مقامي اسپتال کڻائي ويا سندس نالو ڌڻي بخش ملڪ ٻڌايو پيو وڃي .
وڌيڪ پڙھو