سکر
-
جولائی- 2011 -29 جولائی
جتوئي برادري ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو فائرنگ ۾ 4 ڄڻا قتل 2 ڄڻا زخمي
سکر(رپورٽ ؛عمر سومرو) سکر ڀرسان جتوئي برادري ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو فائرنگ ۾ 4 ڄڻا قتل 2 ڄڻا زخمي، علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار خبر موجب ڪالهه سکر جي باگڙجي ٿاڻي جي حد باگڙجي ٻيلي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ ۾ عبدالحميد،نذيراحمد،بکر ۽ الهوڌايو جتوئي ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا محمد علي ۽ رجب سخت زخمي ٿي پيا بعد ۾ ڪجهه ڪلاڪن بعد دير سان پوليس پهچي زخمين ۽ مارجي ويلن جي لاشن کي سکر سول اسپتال کڻي واقعي سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ خوف واري صورتحال برقرار آهي ۽ ٻئي ڌريون وقفي وقفي سان فائرنگ ڪري رهيون آهن جنهن ڪري هر طرف خوف حراس واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي علائقي واسين موجب جيڪڏهن انتظاميا نوٽيس نه ورتو ته جهيڙي ۾ وڌيڪ انساني جانيون متاثر ٿي سگهن ٿيون
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
روهڙي ۾ زرداري جي سالگرهه ملھائي ويئي
سکر(بيورورپورٽ)صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي سالگرهه جي موقعي صدارتي آرڊيننس هيٺ سوئي سدرن گئس ڪمپني ۾ بحال ٿيل ملازمن روهڙي آفيس ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽي صدر آصف علي زرداري جي ڊگهي ڄمار، پ پ حڪومت جي استحڪام ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مغفرت لاءِ دعائون گهريون.
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
صحافي جو چاچو فوت
سکر(بيورورپورٽ) سکر جي نوجوان صحافي اظهر دايو جو چاچو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪالهه روهڙي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سکر نيشنل پريس ڪلب جي اڳواڻن ۽ ميمبرن امداد بوزدار،محمد زمان باجوا،پرويز خان،رشيد رضا، مهتاب انصاري ،عمر سومرو،رضوان صديقي،فريد سومرو،اي ڊي مهر، محمد انس مهر،مجيب ورند،فرحاد علي ۽ ٻين اظهر دايو سان گهري ڏک ۽ تعزيعت جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري آهي.
وڌيڪ پڙھو -
29 جولائی
صحافي گلشير مهر سينٽرل جيل ٽو سکر مان ضمانت تي آزاد
سکر جو نوجوان صحافي گلشير مهر سينٽرل جيل ٽو سکر مان ضمانت تي آزاد ،صحافين ۽ مائٽن پاران شاندار آڌرڀاءُ،خبرموجب مائٽن پاران ملڪيت تي قبضي خاطر داخل ڪرايل حملي جي ڪوڙي ڪيس مان ضمانت تي ڪالهه سکر جو نوجوان صحافي گلشير مهر ۽ سندس چاچو سينٽرل جيل ٽو سکر ما ضمانت تي آزاد ٿي ويو جيل ٻاهران سکر جي صحافين عمر سومرو،رضوان صديقي،فريد سومرو،اي ڊي مهر، محمد انس مهر،عبدالمنان حنفي ۽ ٻين سان گڏ سندس مٽن مائٽن ۽ دوستن شاندار آڌر باءُ ڪري کيس مبارڪون ڏنيون ٻئي پاسي انڊس يونين آف جرنلسٽ ۽ سکر نيشنل پريس ڪلب جي اڳواڻن ۽ ميمبرن امداد بوزدار،محمد زمان باجوا،پرويز خان،رشيد رضا، مهتاب انصاري ۽ ٻين صحافي گلشير مهر کي آزادي تي مبارڪون پيش ڪيون.
وڌيڪ پڙھو -
28 جولائی
خانپور جي انڙ برادري جا ماڻهو اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد کيس مختلف طريقن سان پريشان ڪري رھيا آھن: معذور رهواسي
سکر(بيورورپورٽ) سکر جي نئين پنڊ واري علائقي جي معذور رهواسي عبدالرشيد پنهنجي گهر واري شاهدو ۽ ٻارڙن سان گڏ سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته خانپور جي انڙ برادري جا ماڻهو انهن خلاف هڪ ٻوڏ متاثر عورت مسمات نوازي جي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ بعد کيس مختلف طريقن سان پريشان ڪري رهياآ هن جڏهن هن ٻوڏ دوران ان عورت جي مدد ڪئي جنهن تي کيس انعام ملڻ گهرجي پر افسوس جو کيس ڦاسايو پيو وڃي هن اعلي اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي .
وڌيڪ پڙھو -
28 جولائی
زرعي بئنڪ پاڪستان جي واحد بئنڪ آهي جيڪا زراعت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رڳو 8 سيڪڙو مارڪ اپ تي زرعي قرضا جاري ڪندي آهي: سيد مجتبيٰ شاهه
زرعي ترقياتي بئنڪ سکر جي زونل چيف سيد مجتبيٰ شاهه رضوي زونل آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته زرعي بئنڪ پاڪستان جي واحد بئنڪ آهي جيڪا زراعت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رڳو 8 سيڪڙو مارڪ اپ تي زرعي قرضا جاري ڪندي آهي. جڏهن ته پاڪستان کي خوراڪ ۾ خودڪفيل بڻائڻ ۾ زرعي بئنڪ جي صدر چوڌري ذڪاءُ اشرف جون بهترين قائدانه صلاحيتون ۽ بهترين حڪمت عملي جو نتيجو آهي. پريس ڪانفرنس جي موقعي تي زونل مينيجر ريڪوري رحمت الله شيخ ۽ مينيجر سکر برانچ عطا الله چاچڙ کان علاوه ٻيا اسٽاف ميمبر به موجود هئا. سيد مجتبيٰ شاهه وڌيڪ چيو ته جتي سڄي ملڪ ۾ بئنڪ تيزي سان ترقي ڪئي آهي اتي ئي سکر زون جي گروٿ ريڪوري جي حوالي سان سڄي پاڪستان ۾ ٽاپ تي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
27 جولائی
فيض گنج جي سينيئر سحافي حامد کنڊ جي گهر ۽ پلاٽ تي قبضي ڪرڻ بعد سندس چاچي پاران گهر ڀاتين سوڌو قتل جون ڌمڪيون
سکر(بيورورپورٽ) فيض گنج جي سينيئر سحافي حامد کنڊ جي گهر ۽ پلاٽ تي قبضي ڪرڻ بعد سندس چاچي پاران گهر ڀاتين سوڌو قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل جي سکر جي صحافين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي آرپي او،ڊي آءِجي ۽ ڊي پي او خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري صحافي کي گهر ڀاتين سوڌو تحفظ فراهن ڪيو وڃي ان ڏس ۾ انڊس يونين آف جرنلسٽ جو اجلاس رصوان صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ عمر سومرو. فرحاد علي، احسان مستوئي، فريد سومرو، مهتاب انصاري ،اص ڊي مهر ۽ ٻين شرڪت ڪندي اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
27 جولائی
ڏير ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ چاهي ٿو
سکر(بيورورپورٽ) گهوٽڪي جي گيمڙو جي رهواسي عورت مسمات مريم زال عبدالمجيد چاچڙ پنهنجي گهر ڀاتين سان سکر ۾ سعيد سرهند روڊ تي احتجاج ڪندي ميڊيا کي دانهيو آهي ته سندس ڏير ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ چاهين ٿا ان ڏس ۾ تر جي وڏيري جرڳو ڪيو جنهن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو در کڙڪايو ويندو هن اعلي اختيارين کي تحفظ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
27 جولائی
هاڻي ڪمشنري نظام ختم نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته ان کي اسيمبلي بحال ڪيو آهي: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته هاڻي ڪمشنري نظام ختم نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته ان کي اسيمبلي بحال ڪيو آهي جيڪڏهن ان ۾ ڪا تبديلي جي ضرورت پئي ته اتحادين سان صلاح مشورا ڪيا ويندا باقي ڪمشنري نظام جي بحالي سان ترقياتي ڪم متاثر ڪونه ٿيندا اگر ڪٿي فنڊ ڪونهن ته آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ فنڊ جاري ٿي ويندا سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳلهائيندي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي جيڪا سمورين جمايتن ۽ عوام جي خواهش آهي ان لاءِ سڀ ڪنهن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو هن چيو ته الطاف حسين پاران ڪراچي ۾ امن جي حوالي سان بيان سٺي ڳالهه آهي ان جي آجيان ڪريون ٿاڪراچي ۾ تارگيٽ ڪلنگ دوران گرفتار ڪيلن بابت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڳڏيل طور جانچ ڪري رهياآهن
وڌيڪ پڙھو -
26 جولائی
مهانگائيءَ جي خاتمي مخلص قيادت ۽ خودانحصاري ممڪن آهي: جماعت اسلامي
جماعت اسلامي ضلع سکر جي امير مولانا حزب الله جکرو چيو آهي ته مهانگائيءَ جي خاتمي مخلص قيادت ۽ خودانحصاري ممڪن آهي. آمرن جي بوٽ پاليش ڪرڻ وارن ۽ اين آر او جي تحت قائم ٿيندڙ حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن روهڙي ۾ استقبال رمضان جي پروگرام سان خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جمهوري ۽ وڏي مينڊيٽ جو دعويٰ ڪرڻ واري حڪومت جعلي ووٽن جي ذريعي عوام مٿان مسلط ٿي آهي. موجوده حڪومت به اڳوڻن آمرن وارين پاليسين تي گامزن آهي. ملڪ ۾ بجلي جو بحران سان ملڪ معاشي طور تي مفلوج ٿي رهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو