سکر

  • جولائی- 2011 -
    30 جولائی

    جمهوري دور ۾ انصاف جي دير سان فراهمي تي معذور انتهائي مايوسي ۽ پريشاني جو شڪار

    )سکر ۾ معذورن احتجاج ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن لاءِ نوڪرين تي رکيل ڪوٽا تي عمل ڪرائي کيب بک،بيروزگاري ۽ بد حالي کان بچايو وڃي سعيد سرهندي روڊ تي احتجاج ڪندي معذور اڳواڻن عرفان علي ڀٽي،طالب ملاح ۽ ٻين چيو ته جمهوري دور ۾ انصاف جي دير سان فراهمي تي معذور انتهائي مايوسي ۽ پريشاني جو شڪار آهن حڪومٿ بنا فرق جي مسئلا حل ڪري ان موقعي تي ڪيترن ئي معذورن مسلم ليگ ق ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 30 جولائی

    نيوپنڊ اوور هيڊ برج ۽ ريس ڪورس روڊ جي ڪجهه حصي جي تعمير ۾ مسلسل تاخير

    سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته نيوپنڊ اوور هيڊ برج ۽ ريس ڪورس روڊ جي ڪجهه حصي جي تعمير ۾ مسلسل تاخير سان مصروف ترين روڊ تي شديد گرميءَ ۾ ٽريفڪ جو جام رهڻ معمول بڻجي ويو آهي. جڏهن ته پهرين آگسٽ کان تعليمي ادارن جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ ڄاڻايل روڊ تي ٽريفڪ جو دٻاءُ وڌي ويندو. جنهن جي ڪري اسڪول ۽ ڪاليج ويندڙ شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٻين ماڻهن کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اطهار هن مختلف علائقن مان آيل واپاري نمائندن جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، برڪت علي سولنگي، پرويز چنا ۽ ٻيا به موجود هئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 30 جولائی

    نساسڪ جي نا اهلي ۽ غلط منصوبا بندي، شهري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا

    سکر۾ نساسڪ جي نا اهلي ۽ غلط منصوبا بندي، شهري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسڻ لڳا، روڊن تي ڪيترائي ڪيترائي فٽ پاڻي سبب شهرين کي تڪليف ۾اضافو ڪري ڇڏيو. خبر موجب نارٿ سنڌ اربن سروسز ڪارپوريشن جي ناقص منصوبا بندي ڪري شهرين کي شديد مشڪلاتن جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي. نساسڪ انتظاميه فراهمي ۽ ڊرينيج سسٽم جي سلسلي ۾ مڪمل بي وس ۽ ناڪام نظر اچي رهي آهي. نئين پنڊ ، درزي محلي، بروهي محلي، مائيڪرو ڪالوني، قريشي ڳوٺ، سائيٽ ايريا، پراڻو سکر، ٽڪر محله ۽ شهر جي اڌ کان وڌيڪ آبادي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ ترسي رهي آهي. گذريل 0 2 ڏينهن کان جاري پاڻيءَ جي قلت شهرين کي شديد پريشان ڪري ڇڏيو آهي. علائقي واسي پري پري وارن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 30 جولائی

    سول سوسائٽي سکر جي صدر پاڪستان ،وزيراعظم ،چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ

    سکر شهر جي مسئلن جي حل لاءِ خطن موڪلڻ کان پوءِ آخر ڪار سول سوسائٽي سکر جي اڳواڻن جدوجهد ٽيز ڪندي صدر پاڪستان ،وزيراعظم ،چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته هو قوم کي ڪيترن مسئلن ۽ بيمارين جو شڪار بنائيندڙ بجلي جي لوشيڊنگ جي خاتمي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻن ،سکر جو بند پيل ٿرمل پاور اسٽيشن فوري طور تي چالو ڪيو وڃي يا ساڳي هنڌ وڏو پاور پلانٽ لڳايو وڃي سکر جي مقامي هوٽل ۾ سکرسول سوسائٽي جي رابطا ميمبر ڊاڪٽر معين الدين پنهني ساٿين قاري خليل احمد، شڪيل احمد مختيار، ايڊوڪيٽ مقبول اعواڻ الطاف حسين گيلاني،افضال احمد،ظهور احمد ميمڻ،دلاور خان،عبدالوحيد ميمڻ،سردار محمد خان،ملڪ يعقوب ۽ ٻين سان گڏ پر هجوم پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته جمهوريت جي بالادستي ۽ آزاد عدليه جي باوجود 8 1 ڪروڙ عوام بجليءَ جي بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيئي رهيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 30 جولائی

    دڪاندارضلعي انتظاميه طرفان جاري ٿيندڙ ريٽ لسٽون نمايان جڳهن تي هڻن: ڊپٽي ڪمشنر

    ڊپٽي ڪمشنر سکر سمير احمد سيد ڊي سي آفيس ۾ رمضان المبارڪ دوران مهنگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان واسطيدار آفيسرن ايس ڊي ايم، مختيارڪارن ضلعي جي سمال ٽريڊرس، واپارين سميت ڪريانه، ٻاڄي، فروٽ، گوشت، مڇي جي واپارين سان هڪ اجلاس منعقد ڪيو ويو. انهيءَ دوران هن تمام دڪاندارن ۽ واپارين کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي دڪانن تي ضلعي انتظاميه طرفان جاري ٿيندڙ ريٽ لسٽون نمايان جڳهن تي هڻن. جن ۾ ضلعي انتظاميه طرفان رمضان المبارڪ دوران شين جا رعايتي اگهه مقرر ڪيا ويا آهن. انهيءَ دوران هن تمام دڪاندارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو ذخيره اندوزي کان پرهيز ڪن، مهنگائي ڪرڻ وارن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. انهيءَ دوران ايس ڊي ايمز ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪندي چيو ته هو پنهنجي ذميدارين کي صحيح نموني سان سرانجام ڏين.

    وڌيڪ پڙھو
  • 29 جولائی

    سنڌ جا حلالي پٽ اڃان زنده آهن جيڪي سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽڪڙا،ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندا: سنڌ ترقي پسند پارٽي

    سکر(بيورورپورٽ)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سڏ تي سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي ڪارڪنن وحيد کوسو،نذير سومرو،واحد کوسو، يامين ميراڻي ،اويس سومرو ۽ عرفان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احٽجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هڻي جدا صوبي جي سازش ڪندڙن خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌ جا حلالي پٽ اڃان زنده آهن جيڪي سنڌ کي ڪنهن به صورت ۾ ٽڪڙا،ٽڪڙا ٿيڻ نه ڏيندا ۽ سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي وطن لاءِ سرن سان ڪفن ٻڌي ميدان عمل ۾ نڪري پوندي هنن عوام کي اپيل ڪئي ته نجي ٽي ۽ اخبار جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 29 جولائی

    هڪ عالمي سازش هيٺ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن: سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

    جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته هڪ عالمي سازش هيٺ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن جنهن کي ناڪام بنائڻ لاءِ پوري قوم متحد ٿئي سکر ايئرپورٽ تي ضلعي اڳواڻن محمد صالح انڍڙ،مولانا عبدالحق مهر،مولانا سعود افضل هاليجوي ۽ ٻين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي سامراجي طاقتون اسلامي ملڪن انڊونيشيا ۽ سوڊان وانگر پاڪستان کي به ورهائڻ چاهين ٿيون ان لاءِ ڪراچي ۾ اهڙو ماهول جوڙيوويو آهي ۽ بيگناهه ماڻهن کي ماريو پيو وڃي هن چيو ته ڪراچي ۾ جدا صوبي لاءِ ڪيل چاڪنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اهڙن عناصرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 29 جولائی

    ڪراچي ۾ نجي ٽي وي سما جي ٽيم تي حملي ۽ گاڏي کي ساڙڻ واري عمل خلاف مظاھرو

    سکر(بيورورپورٽ) ڪراچي ۾ نجي ٽي وي سما جي ٽيم تي حملي ۽ گاڏي کي ساڙڻ واري عمل خلاف سکر نيشنل پريس ڪلب آڏو انڊس يونين آف جرنلسٽ پاران احتجاجي مظاهرو ڪندي صحافين سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي امداد بوزدار ،محمد زمان باجوا، عمر سومرو،رضوان صديقي،مهتاب انصاري ،رشيد رضا،طاهر وارثي،نصير زيدي ،عرفان شيخ۽ ٻين واقعي جي سخت لفظن ۾ پڻ مذمت ڪندي چيو ته موجوده جمهوري حڪومت باوجود صحافي تشدد ۽ ظالماڻي ڪاروائين کان محفوظ ناهن سنڌ حڪومت کي وقعن جو فوري نوٽيس وٺي صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 29 جولائی

    سکر ۾ رائيس ڪئنال ۾ تڙ ڪندي ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا

    سکر(بيورو رپورٽ)سکر ۾ رائيس ڪئنال ۾ تڙ ڪندي ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا 2 ڄڻا فوت هڪ کي بچايو ويو،گهرن ۾ ڪهرام خبر موجب ڪالهه سکر جي سٽي پوائنٽ ويجهو رائيس ڪئنال ۾ ٽڙ ڪندي جوڳي برادري جا ٽي ٻارڙا ٻڏي ويا جنهن 3 سالن جو علي رضا پٽ ممتاز ۽ 4 سالن جو محبوب پٽ سڌير فوت ٿي ويا جڏهن ته محبوب جي ڀاءُ غلام رسول پٽ سڌير کي ٻڏندي ڏسي ماڻهن بچائي ورتو ٻنهي ٻڏي ويلن جا لاش اڃان تائين ناهن ملي سگهيا جنهن سبب سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي محبوب جي پيءُ سڌير ميڊيا کي ٻڌايو ته اطلاع باوجود پوليس فوري مدد نه ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 29 جولائی

    آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪانٽريڪٽي استادن جو تي احتجاجي مظاهر

    سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪانٽريڪٽي استادن سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي خير محمد،آغا زاهد،سچل راڄپر ۽ ٻين وڏي وزير سيد قائم علي شاه کي اپيل ڪئي ته کين مستقل ڪري بدحالي کان بچايو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button