سکر

  • اگست- 2011 -
    2 اگست

    ڀرڪڻ جي رهواسي محمد اسحاق ميئو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل

    شڪارپور جي ڳوٺ ڀرڪڻ جي رهواسي محمد اسحاق ميئو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي آهي ته سندس گهر ۾ گهڙي ڦر لٽ دوران مزاحمت تي هڪ پاڙي واري منظور مهر جي قتل ۽ ٻن ڄڻن ارشاد ميئو ۽ ديدار مهر جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ڇوته ڏيڍ هفتو گذرڻ باوجود چڪ پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻوٽو ناهي ٻاري سگهي هن چيو ته هن افسوسناڪ واقعي بعد عدالتن مان انصاف جي اميد رکان ٿو ته هو پوليس کي دٻاءَ وجهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 اگست

    سکر ڀرسان کوسن ۽ پنهور برادري ۾ جاري خوني تڪرار لاءِ ڪوٺايل جرڳي ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي موجودگي ۾نبيرو ٿي ويو آهي

    سکر ڀرسان کوسن ۽ پنهور برادري ۾ جاري خوني تڪرار لاءِ ڪوٺايل جرڳي ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن جي موجودگي ۾نبيرو ٿي ويو آهي ٻنهي ڌرين مٿان ستر لک روپيا ڏنڊ خبر موجب گذريل ٻن مهينن کان سکر جي دبر ٿاڻي جي حد ۾ شروع ٿيل کوسن ۽ پنهور برادري وچ ۾ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ ڪالهه سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ ڪيل جرڳي اندر ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪندي مٿن0 7 لک روپين جو ڏنڊ وڌو ويو آهي جنهن ۾ هن مهل تائين 9 ڄڻا بي دردي سان قتل ٿي چڪا آهن جرڳو اڳوڻي صوبائي وزير مير منظور خان پنهور جي سرپئنچي ۾ ٿيو جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، غوث بخش خان مهر،صوبائي وزير مير عابد خان جتوئي،ڊاڪٽر ابرهيم جتوئي،سردار مقيم خان کوسو،مير بابل خان ڀيو،سردار محمد علي خان پنهور ۽ ٻين شرڪت ڪئي متاثر ماڻهن جا بيان ٻڌڻ کان پوءِ في قتل جو ڏنڊ 5 لک روپيا مقرر ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 اگست

    سنڌ اسيمبلي ۾ برصغير ۾ سڀ کان پهريان قيام پاڪستان جي قرارداد پاس ڪري آزاديءَ لاءِ سڀ کان پهريان علم بلند ڪيو: وڪيل اڳواڻ

    سنڌ لائرز فورم پاران سکر ۾ هڪ سيمينار بعنوان سنڌ جوڊيشري پاسٽ اينڊ پريذنٽ جو اهتمام ڪيو ويو سيمينار کي سنڌ جي سينئر ايڊووڪيٽ مقبول احمد اعوان، غلام شبير دايو، امان الله ملڪ، شمس الدين مولانا شهزادو ڊريهو سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ برصغير ۾ سڀ کان پهريان قيام پاڪستان جي قرارداد پاس ڪري آزاديءَ لاءِ سڀ کان پهريان علم بلند ڪيو. ۽ هاڻي به آزاد عدليه لاءِ سنڌ خاص طور سکر هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وڪيل هاڻي به آزاد عدليه جي استحڪام لاءِ هر وقت تيار آهن ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار چوڌري جي سڄي ملڪ ۽ قوم لاءِ کنيل قدم قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ خاص طور بئنچ ۽ بار ۾ رابطن جي اهي ڪوششون قابل تعريف آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ عدالتون ماضي ۾ برصغير ۾ اعليٰ مقام رکن ٿيون. ۽ قيام پاڪستان کان پوءِ هي سنڌ جون عدالتون مثالي فيصلا ڪيا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 اگست

    سکر ۾ ۾ جوابدار رسول بخش بروهي پنهنجي ڀيڻ 5 ٻارن جي ماءُ رحيمان بروهي سان ڪارنهن جو الزام مڙهيندي 6 2 سالن جي عبدالستار ولد شاهنواز بروهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

    سکر جي علائقي مائيڪرو ويو ڪالونيءَ ۾ جوابدار رسول بخش بروهي پنهنجي ڀيڻ 5 ٻارن جي ماءُ رحيمان بروهي سان ڪارنهن جو الزام مڙهيندي 6 2 سالن جي عبدالستار ولد شاهنواز بروهيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. قتل ٿيل نوجوان جي پيءُ شاهنواز ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ منهنجو پٽ ٽرڪ وڪرو ڪري آيو هو. جنهن وٽ هڪ لک رپين جي رقم هئي ۽ منهنجي پٽ کي بي گناهه قتل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل 5 ٻارن جي ماءُ رحيمان بروهي نيوپنڊ ٿاڻي تي تحفظ لاءِ پهتي آهي. رحيمان بروهي چيو ته ڪارنهن جو الزام مون تي بي گناهه لڳايو پيو وڃي جڏهن ته ان معاملي جي مون کي خبر ئي ناهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 اگست

    حڪومت پاران خصوصي رمضان پيڪيج تحت سکر، خيرپور ضلعن جي 0 1 1 اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين سميت ٻيون شين جو اسٽاڪ اسٽورن تي پهچايو ويو

    حڪومت پاران يوٽيلٽي اسٽورز پاڪستان لاءِ رمضان المبارڪ پيڪيج لاءِ ڏنل ٻن ارب روپين جي سبسڊي سکر ۽ خيرپور ضلعن جي 0 1 1 اسٽورن تي گيهه، تيل، کنڊ، اٽو، چانور، مصالحه، چانهه، شربتن سميت ٻين شين جو اسٽاڪ پهچايو ويو آهي. عوام عام مارڪيٽ کان يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي شيون خريد ڪري سگهي ٿو. ضلعي حڪومت جي تعاون سان رمضان بچت بازار ۾ موبائل يوٽيلٽي اسٽورز به شروع ڪيا ويندا. اسٽورز جي چيڪنگ جي لاءِ هيڊ آفيس پاران ويجنلس ۽ مانيٽرنگ ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن. جيڪي ڪنهن اسٽور انچارج يا عملي پاران بدعنواني ، وڌيڪ پئسا وٺندي پڪڙيو ويو ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ۽ ايف آءِ آر درج ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان سکر ريجن جي ريجنل منيجر مولابخش مغل، يوٽيلٽي اسٽورز روهڙيءَ جي دوري دوران صحافين سان ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاران خصوصي رمضان پيڪيج تحت سکر، خيرپور ضلعن جي 0 1 1 اسٽورن تي کاڌي پيتي جي شين سميت ٻيون شين جو اسٽاڪ اسٽورن تي پهچايو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 اگست

    بلدياتي نظام جي ڪري سکر سميت سڄي ملڪ جي ڪروڙين عوام جا مسئلا گهر جي دروازي تي حل ٿيا:ڪميل حيدر شاھ

    ڊولپمنٽ ٽرسٽ ڪميونٽي امپرومنٽ(DTCE) جي ضلعي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه چيو آهي ته بلدياتي نظام جي ڪري سکر سميت سڄي ملڪ جي ڪروڙين عوام جا مسئلا گهر جي دروازي تي حل ٿيا. ماڻهن جو معيار زندگي بهتر ٿيو. موجوده حڪومت انگريز سامراج جو نظام بحال ڪري غريب عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي. جيڪڏهن موجوده حڪمرانن رڪاوٽ نه وڌي ته ترقياتي ڪم ڪرائي ڏيکارينداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن بندر روڊ تي (DTCE) يونين ڪائونسل نمبر 3 پاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو سيد ڪميل حيدر شاهه جو چوڻ هو ته ماضي ريڪارڊ تي موجود آهي ته گذريل ڏهن سالن ۾ سکر سميت سڄي ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ وڏي رقم سان ريڪارڊ ترقياتي ڪرام ڪرايا آهن. ۽ ان جو مثال گذريل 0 5 سالن جي دوران نٿو ملي. موجوده حڪومت بلدياتي نظام ختم ڪري ڪمشنري نظآم بحال ڪيو آهي ان جا انتهائي خراب اثر مرتب ٿيندا. ۽ ماڻهو پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ افسرن جي تابي نظر ايندا. هن چيو ته لاهور سان تعلق رکندڙ ڊي سي سکر کي عوام جي مسئلن ۽ شهر جر ترقي لاءِ ڪهڙي دلچسپي ٿي سگهي ٿي هن چيو ته بلدياتي نظام جي بحاليءَ جي لاءِ دانيا عزيز سميت اعليٰ قيادت…

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    30 جولائی

    سکر ۾ سامهون عوام جي تفريح جي نالي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فحاشي پروگرام

    سکر(بيورورپورٽ)سکر جي ريلوي اسٽيشن سامهون عوام جي تفريح جي نالي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر فحاشي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن اهڙي عمل تي اڄ مرڪزي جامي مسجد سکر ۾ هزرين نمازين قرارداد پاس ڪندي ان جي فوري بند ٿيڻ جو مطالبو ڪيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 30 جولائی

    بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي استادن جي مظاھري جو سلسلو اڃان جاري

    بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي استادن ڪالهه 5 ڏينهن به سکر ۾ سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجن بک هڙتال وارو سلسلو جاري رکندي حڪومت کان نوٽي وٺڻ جي اپيل ڪئي ان موقعي تي دلدار ملاح،رجب علي ۽ ٻين ٻڌايو ته 6 9 کان کين پگهار ملندي هئي پر هينئي ايم ڊي ساڻن جمهوري دور ۾ زيادتيون ڪري پگهارون بند ڪيون آهن جنهن تي حڪمران نوٽيس وٺن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 30 جولائی

    اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تي قبضا مظاھرو

    سکر جي اسلاميا ڪاليج جي ايراضي تي قبضا ،ڪاليج ۾ لساني جهيڙا ڪرائڻ جي ڪوشش ۽ شاگردن جا مسئلا حل نه ٿيڻ واري عمل خلاف ستاف پاران عرفان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻناعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته هو نوٽيس وٺي شاگردن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪن .

    وڌيڪ پڙھو
  • 30 جولائی

    سکر بندر وال جي متثرن کي معاوضو سياسيت کان بالاتر ٿي ادا ڪيو ويو: خورشيد شاھ

    وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سکر بندر وال جي متثرن کي معاوضو سياسيت کان بالاتر ٿي ادا ڪيو ويو آهي من پسند ماڻهن کي نوازڻ جي ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ڪونهي بندر وال جي مرمتي ڪم جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ٻوڏ دوران سکر جي عوام سان جيڪو واعدو ڪيو هو سو پورو ڪيو ويو آهي هن آبپاشي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو جاري مرمتي ڪم کي مانيٽر ڪري معياري مٽيريل جو خيال ڪن هو ڪو عام ڪم ڪونهي پر ان سان انساني زندگين جو معاملو آهي ان تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي ان موقعي تي ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله به موجود هو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button