سکر
-
اگست- 2011 -8 اگست
وسيع تر قومي مفاد تحت ڪراچيءَ ۾ هزارين ماڻهن جو قتل ٿي چڪو آهي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيندا آهن: جمعيت علماءِ اسلام
جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد محمود سومري، قاري محمد عثمان، محمد اسلم غوري، حاجي عبدالمالڪ ٽالپر ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ سنڌ ۾ اوچتو ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ پوءِ واپسي ڪري سنڌ جي عوام سان مذاق قرار ڏيندي هنن چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت جي مثال ائين آهي جيئن ٻار جي هٿ ۾ رانديڪو آهي. ۽ ان سان کيڏي رهيا آهن. هنن چيو ته ڪمشنري نظام جي بحالي سنڌ جي عوام جي مفاد ۾ نه بلڪي متحده جي حڪومت کان عليحدگيءَ جو ثمر هو. هنن چيو ته حڪمران سنڌ جي تمام معاملا عوام جي نالي تي استعمال ڪندا آهن. مگر اصل ۾ اهي پنهنجا ذاتي مفادن جا تابع آهن. هنن چيو ته وسيع تر قومي مفاد تحت ڪراچيءَ ۾ هزارين ماڻهن جو قتل ٿي چڪو آهي ۽ قاتل گرفتار نه ٿيندا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
8 اگست
سکر پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 1 جواري گرفتار
سکر پوليس جو شمس آباد واري علائقي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 1 جواري گرفتار، پوليس داءُ تي لڳل لکين روپيا هٿ ڪري ورتا، اي سيڪشن پوليس سکر جي علائقي شمس آباد جي علائقي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 4 1 جوارين کي گرفتار ڪري ورتو ۽ داءُ تي لڳل لکين روپيا هٿ ڪري ورتا آهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
8 اگست
سکر جو 19 سالن جو نوجوان بيدردي سان قتل
)سکر جي سائيٽ ايريا لڳ قائم ڳوٺ ڪريم بخش شيخ جي رهائشي نوجوان جو قريشي ڳوٺ ڀرسان سنڌو درياءَ مان لاش هٿ، مقتول کي ٻن کان پوءِ نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد ايڌي سينيٽر لاش کي دفنائي ڇڏيو. خبر موجب سکر جي سائيٽ واري علائقي ۾ قائم ڳوٺ ڪريم بخش شيخ جي رهائشي 19 سالن جو نوجوان نادر علي شيخ کي ٻه ڏينهن اڳ نامعلوم ماڻهن فون ڪري گهرايو هو ۽ مقتول نوجوان ٻه گهر کان غائب رهڻ کان پوءِ نوجوان کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قريشي ڳوٺ ڀرسان سنڌو درياءَ جي ڪناري تي اڇلائي ڇڏيو. مقتول نوجوان جو لاش سول اسپتال سکر مان پوسٽ مارٽم بعد ايڌي سينٽر سکر لاش کي وارث قرار ڏيئي دفنائي ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
8 اگست
سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن ۾ مڪمل هڙتال، ننڍا وڏا شهر بند، ٽريفڪ روزاني جي معمول کان گهٽ هلندي رهي
سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي انتظامي ورهاڱي کي سڄي سنڌ وانگر سکر ۽ ڀرپاسي جي عوام رد ڪري ڇڏيو. قومپرست سياسي، سماجي ڌريون سراپا احتجاج بڻجي ويون. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران تير چوڪ کان گهنٽا گهر تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي. سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن ۾ مڪمل هڙتال، ننڍا وڏا شهر بند، ٽريفڪ روزاني جي معمول کان گهٽ هلندي رهي. پوليس جا قومپرستن جي گهرن تي ڇاپا، 0 3 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار، اندرون سنڌ جي شهرن ۾ تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪز ۽ پيٽرول پمپ بند، شهري زندگي مفلوج ٿي ويئي. سرڪاري آفيسن ۾ حاضري گهٽ رهي. هڙتال سبب اسڪول به بند، عوام ۾ سرڪار خلاف تاءُ ڪمشنري نِظام بحال ڪرڻ جي گهر خبر موجب حڪومت پاران سنڌ جي انتظامي ورهاڱي کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي نظام ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪمشنري نظام خلاف سنڌ جي قومپرست، سياسي، سماجي ڌريون سراپا احتجاج بڻجي ويون.
وڌيڪ پڙھو -
2 اگست
ڊپٽي ڪمشنر سکر سمير احمد سيد سکر ضلعي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا
ڊپٽي ڪمشنر سکر سمير احمد سيد سکر ضلعي ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. تفصيل مطابق اٽو ايڪس مل 28 روپيه پر ڪي جي ، اٽو رٽيل 29 روپيه پر ڪي جي، اٽو رٽيل چڪي 30 روپيه پر ڪي جي ، اٽو رٽيل 290 روپيه في 10 ڪي جي بيگ، دال مسور لوڪل 148 روپيه پر ڪي جي، دال مسور ترڪي 100 روپيه پر ڪي جي ،دال منڱ اڻ ڌوتل 140 روپيه پر ڪي جي، چڻن جي دال پنجاب 76 روپيه پر ڪي جي، چڻن جي دال سنڌ 74 روپيه پرڪي جي ، بيسڻ 76 روپيه پر ڪي جي سڄا مرچ 220 روپيه پر ڪي جي، پيٺل مرچ 240 روپيه پر ڪي جي، اڇو جيرو 50 گرام 20 روپيه، ڪارو جيرو 50 گرام 50 روپيه، ڪارا مرچ 50 گرام 40 روپيه، وڏا ڦوٽا 50 گرام 140 روپيه، ننڍا ڦوٽا 50 گرام
وڌيڪ پڙھو -
2 اگست
ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو پرائيس ڪنٽرول جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي ڪندو
)ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو پرائيس ڪنٽرول جي سلسلي ۾ سکر ڊويزن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن سان 03 آگسٽ 2011 تي صبح جو 11 وڳي پنهنجي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ هڪ گڏجاڻي ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
2 اگست
نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، آئل ٽينڪرن کي باهه هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، 8 آئل ٽينڪر سڙي رک ٿي ويا
سکر ۽ خيرپور وچ ۾ هڪ هوٽل تي بيٺل نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ، آئل ٽينڪرن کي باهه هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، 8 آئل ٽينڪر سڙي رک ٿي ويا. سکر ۽ خيرپور جون فائر برگيڊ واقعي واري هنڌ پهچي باهه تي قابو ڪيو. خبر موجب سومر جي رات سکر ۽ خيرپور جي وچ واري علائقي ڪرم آباد جي هڪ هوٽل تي بيٺل 8 نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ آئل ٽينڪرن کي باهه وڪوڙي ويئي. ۽ ڏسندي ئي ڏسندي آئل ٽينڪر سڙي رک ٿي ويا. فائرنگ ڪندڙ هٿياربند کجين جي باغ مان فرار ٿي ويا. جڏهن ته باهه کي قابو پائڻ لاءِ سکر ۽ خيرپور جون فائر برگيڊ واقعي واري هنڌ پهتيون ان موقعي تي اي ايس پي خيرپور اقرار حسين ميڊيا کي ٻڌايو ته جهڙي طرح ملڪ اندر حالتون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
2 اگست
شيل پاڪستان پاران ڪڻي وسيلي انعام ورهائڻ جي تقريب سکر جي مقامي هوٽل ۾ ٿي گذر ي
شيل پاڪستان پاران ڪڻي وسيلي انعام ورهائڻ جي تقريب سکر جي مقامي هوٽل ۾ ٿي گذر ي جنهن ۾ شيل پاڪستان سکر ريجن جي آفيسر محمد احسن حسين ڪنڊيارو جي رهواسي وزير علي اڄڻ کي سندس ٽرڪٽر جي چاٻي حوالي ڪئي وئي ان موقعي تي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته ان کان اڳ 0 9 موٽر سائيڪلون ۽ ڪل 9 ٽڙيڪٽر عوام کي انعام طور ڏئي چڪا آهيون اساب پنهنجي بهترين پروڊڪٽ عوام کي پهچائي خوشي محسوس پيا ڪريون بعد ۾ هڪ ريلي ڪڍي شهرين کي شيل پاڪستان جي سرگرمين بابت آگاهي ڏني وئي.
وڌيڪ پڙھو -
2 اگست
سکر ۾ وڌندڙ بدامني ،چوري جي وارداتن ۾ اضافي ۽ ڊي پي او خلاف مظاھرو
سکر ۾ وڌندڙ بدامني ،چوري جي وارداتن ۾ اضافي ۽ ڊي پي او خلاف سکر جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ واپارين سعيد سرهندي روڊ تي احتجاجي مظاهري ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪندي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي آل سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي هارون ميمڻ، حاجي عبدالرزاق عاصي،سعيد مغل ۽ ٻين چيو ته پوليس شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۽ وارداتن کي روڪڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي عوام جي جان ۽ مال محفوظ ناهي جيڪڏهن ڪنهن شهري سان زيادتي ٿئي ٿي يا ڪنهن جي چوري يا ڦر لٽ ٿئي ٿي ته ان جو ڪوبه ازالو نه پيو ڪيو وڃي عوام کي ڪوڙا دلاسا ڏئي موٽائڻ جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته چوري ۽ ڦر ٿيل سامان موٽائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويندا رڳو سفارشن تي ايف آءِ آر داخل ٿينديون آهن هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته عام سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
2 اگست
انتهائي افسوس جو مقام آهي ته هڪ پاسي حڪومت عوام کي رمضان المبارڪ ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون سستي اگهن ۾ فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي ريٽن ۾ اضافو ڪري رھي آھي
سکر اسمال ٽريڊرز جي جنرل سيڪريٽري حاجي محمد جاويد ميمڻ حڪومت پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي ان کي عوام جي لاءِ حڪومت پاران رمضان المبارڪ جو تحفو قرار ڏنو آهي. پنهنجي دفتر ۾ حاجي شفيع عباسي، ذاڪر ٻنڌاڻي، غلام شبير ڀٽو، برڪت سولنگي، عبدالستار راجپوت، رحيم سيٺي ۽ ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي حاجي محمد جاويد ميمڻ جو چوڻ هو ته انتهائي افسوس جو مقام آهي ته هڪ پاسي حڪومت عوام کي رمضان المبارڪ ۾ کائڻ پيئڻ جون شيون سستي اگهن ۾ فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي ريٽن ۾ اضافو ڪري حڪمرانن اهو ثابت ڪيو آهي ته انهن کي عوامي مسائلن سان ڪا به دلچسپي ناهي. وڌندڙ مهگانگائي، بيروزگاري جي دور ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو سڌو سنئون غريب عوام کي متاثر ڪندو ۽ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ شهري فاقه ڪٽڻ تي مجبور ٿي ويندا. جنهن جي تمام تر ذميواري حڪمرانن تي عائد ٿئي ٿي. حڪومت هنگامي بنيادن تي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي حاليه قيمتن ۾ اضاو واپس وٺي واپارين ۽ شهرين ۾ ڦهليل بي چيني جو خاتمو ڪري.
وڌيڪ پڙھو