سکر
-
اگست- 2011 -20 اگست
سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ سنڌ جي عوام جي حقن تي ڪنهن کي به داڙو هڻڻ ڪو نه ڏينداسون: اڳواڻ غضنفر شاهه موسوي
مسلم ليگ فنڪشنل ضلع سکر جي اڳواڻ غضنفر شاهه موسوي چيو آهي ته مسلم ليگ پير سائين جي اڳواڻيءَ ۾ متحد ٿي چڪي آهي. ۽ سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان فعال ٿي رهي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو مسلم ليگ فنڪشنل ۾ شموليت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو ۽ سنڌ جي عوام جي حقن تي ڪنهن کي به داڙو هڻڻ ڪو نه ڏينداسون. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ سکر شهر ۾ بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ۾ اضافي کانپوءِ عوام تنگ ٿي چڪو آهي. جنهن سان ڪاروباري طبقي سميت غريب پورهيت بيروزگار ٿي رهيا آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ سڙي ويل ٽرانسفارمر سيپڪو انتظاميه ڪيترائي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود تبديل ڪو نه ڪري رهي آهي. جنهن سان علائقي واسي گرمي کان تنگ ٿي ڪري روڊن تي نڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن
وڌيڪ پڙھو -
17 اگست
پاڪستان هڪ عظيم ۽ بهترين اسلامي رياست آهي: پروفيسر اصغر مجاهد
تنظيم فڪر و نظر سنڌ جي زير اهتمام سنڌ اسلامڪ سينٽر ميناره روڊ سکر ۾ يوم آزادي جي تقريب وڏي جوش ۽ جذبي سان فڪر و نظر پبلڪ اسڪول ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن شرڪت ڪئي. هن تقرب جي مهمان خصوصي سيڪريٽري جنرل تنظيم ۽ ايگزيڪٽو آفيسر انفارميشن ٽيڪنالاجي گهوٽڪي پروفيسر اصغر مجاهد مهر هئا. هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ۽ بهترين اسلامي رياست آهي. هي الله تعاليٰ جو وڏو تحفو آهي. جيڪو اسان کي مليو آهي. جنهن جو اسان کي قدر ڪرڻ گهرجي. قائد اعظم محمد علي جناح جي ولوله انگيز قيادت ۽ برصغير جي مسلمانن وڏيون قربانيون ڏنيون هن جي نظرياتي ۽ جغرافيائي سرحدن جو تحفظ اسان تي فرض آهي. هن چيو ته باب الاسلام سنڌ 0 1 رمضان المبارڪ 3 9 هجري تي فتح ٿي هئي. ۽ پاڪستان جي آزادي به رمضان المبارڪ جي 7 2 تاريخ ۽ 4 1 آگسٽ 7 4 9 1 ع تي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
17 اگست
عوام جو تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي اولين ذميواري آهي: ڊي آءِ جي سکر
)ڊي آءِ جي سکر ريجن سيد عباس بخاريءَ چيو آهي ته عوام جو تحفظ فراهم ڪرڻ پوليس جي اولين ذميواري آهي. نوشهروفيروز، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي ويئي آهي. جڏهن ته سکر ۾ جرائم جي خاتمي لاءِ ايس ايس پي کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هر ضلعي ۾ امن امان کي برقرار رکڻ ۽ عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ڪرڻ متعلقه ايس ايس پيز جي فرضن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود ڊي آءِ جي آفيس ۾ شڪايتون موصول ٿيندي ئي ڪارروائي جا احڪامات ڏنا ويندا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
17 اگست
ايران کان سکر اسمگنل ٿيندڙ ڊيزل جا 9 ٽينڪر برآمد ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪيو ويو: اي ڊي آءِ جي سکر
)اي ڊي آءِ جي سکر ۽ اسپيشل ٽيم جي ميمبر منظور حسين سانگريءَ چيو آهي ته ڊي آءِ جي سکر جي خصوصي هدايتن جي مطابق ايران ۽ بلوچستان کان سکر ۾ ٿيندڙ اسمگلنگ جي روڪڻ لاءِ ڇاپا مار ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن. جنهن ۾ ڪپڙا مارڪيٽ ۾ قائم غير قانوني پان پراگ وڪرو ڪندڙ دڪاندار خلاف ڪارروائي ڪري چاليهه ٻوريا پان پراگ جا برآمد ڪري بي سيڪشن ٿاڻي حوالي ڪيا ويا هئا. پر متعلقه ٿاڻي پاران ڪيس داخل نه ڪيو ويو هو. منظور سانگريءَ وڌيڪ چيو ته گذريل هفتي ايران کان سکر اسمگنل ٿيندڙ ڊيزل جا 9 ٽينڪر برآمد ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
17 اگست
بارش جي اڳ ڪٿي با وجود ضلعي انتظاميه جي ڪن لاٽار
تيز برساتن جي اڳ ڪٿي باوجود سکر جي ضلعي انتظاميه پاران ڪمزور عمارتن ڏانهن ڪا به توجهه نه ڏني. شهر ۾ هن وقت ڪجهه ڪمزور عمارتون موجود آهن جيڪي ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. مگر هن ڳالهه کان قطعي نظر تعلقه ميونسپل ايڊمنسٽريشن انهن زبون حال ۽ ڪمزور عمارتن کي خالي نه ڪرايو ويو ۽ نئين عمارتن جي مالڪن خلاف ڪنهن قسم جي ڪارروائي نه ڪئي ويئي آهي. جنهن سان شهرين ۾ خوف ۽ حراس ڦهليل آهي. بئراج روڊ تي واقع گلستان هوٽل جي هن وقت انتظاميه جي بي حسي جو تصوير بڻيل آهي. مذڪوره هوٽل جي ڪمزوري جو اندازو ان ڳالهه کان لڳايو وڃي ٿو ته ان جي ڇت جي هڪ هڪ سر ڪري چڪي آهي. ۽ ڇت ۾ موجود لوهه نظر اچي رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
17 اگست
پيپلزپارٽي مظلوم عوام جي پارٽي آهي: آزاد ڪشمير جو وزيراعظم
آزاد ڪشمير جي وزير اعظم چوڌري عبدالمجيد چيو آهي ته پيپلزپارٽي مظلوم عوام جي پارٽي آهي. ۽ پيپلزپارٽي جي باني شهيد قائد عوام پارٽي جو بنياد رکي ملڪ جي غريب عوام جي حقن لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ آمر آڏو ڪنڌ جهڪائڻ بدران شهادت ماڻي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو. آزاد ڪشمير جو وزير اعظم مقرر ٿيڻ کان پوءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو شهيدن جي مزارن تي حاضر ڀرڻ کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ وڏي ڪاميابي ماڻي آهي. پيپلزپارٽي جي قيادت ملڪ کي ايٽمي طاقت فراهم ڪئي آهي ۽ ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو هو تنهن ڪري ڀارت کي کپي ته ڪشمير تان قبضو ختم ڪري ۽ ڪشميري عوام کي آزادي جو حق ڏنو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
17 اگست
برسات کان متاثر ٿيل ماڻھن کي وطن ڪارڊ ڪجھھ ڏينھن اندر جاري ڪيا ويندا: قائم علي شاھ
سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ تازي برساتن سبب سنڌ جا 6 ضلعا بدين، مٺي، ميرپور خاص، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، دادو، ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ۽ تازو برساتن سبب 1 1 لکن کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. برسات جي متاثر ماڻهن کي ريليف ڪيمپن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. جن ۾ ڪجهه ڏينهن اندر وطن ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده برسات سبب بدين ضلعي کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي ۽ اٽڪل 0 4 هزار ماڻهو ريليف ڪيمپن ۾ پهتل آهن جن جي امداد جاري ڪئي آهي. ۽ بدين ضلعي جي گهرن ۽ فصلن جو جيڪو نقصان ٿيو آهي ان جو معاوضو ڏنو ويندو. هن چيو ته جيستائين سمورا متاثر پنهنجي گهر ڏانهن واپس نه ويندا. تيستائين سک جو ساهه نه کنيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
17 اگست
4 2 ڪلاڪن ۾ نئين پنڊ جي ناڪاره ٽرانسفارمر بهتر نه ٿيڻ جي صورت ۾ سيپڪو آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو: سکر اسمال ٽريڊرز
سکر اسمال ٽريڊرز جي ايڊيشنل سيڪريٽري برڪت علي سولنگي چيو آهي ته سپيڪو پاران رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ٽرانسفارمر ناڪاره ٿيڻ ۽ مرمت جي نالي تي انتظاميه پاران عيد وصولي مهم تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سيپڪو انتظاميه کي متنبه ڪيوآهي ته 4 2 ڪلاڪن ۾ نئين پنڊ جي ناڪاره ٽرانسفارمر بهتر نه ٿيڻ جي صورت ۾ سيپڪو آفيس جو گهيراءُ ڪيو ويندو ۽ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئيويندي. گذريل ڏينهن فياض بٽ، عرفان علي شاهه، افتخار عرف نومي، ڪاشف عباسي، لاله شاهين ۽ ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي برڪت علي سولنگي جو چوڻ هو ته گرمين جي موسم جي دوران شروع ٿيندڙ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ناڪاره ٽرانسفارمر جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.
وڌيڪ پڙھو -
15 اگست
ڊينگي بخار جي علاج ۾ دير ڪئي وئي ته هو تمام خطرناڪ ٿي ويندو آهي: سکر ڊاڪٽرمحمد ادريس ميمڻ
ڊينگي بخار جي سلسلي ۾ عام ماڻهن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سيمينار اي ڊي او هيلٿ سکر جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ڪيو ويو. ڊي او هيلٿ سکر ڊاڪٽرمحمد ادريس ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته هن بيماري ۾ ڊيٿ جو ريشو گهٽ آهي پر جيڪڏهن ڊينگي بخار جي علاج ۾ دير ڪئي وئي ته هو تمام خطرناڪ ٿي ويندو آهي
وڌيڪ پڙھو -
13 اگست
سنڌ ۾ مڪمل ھڙتال رھي، قومپرست اڳواڻن کي مبارڪون
سکر ۾ قومپرستن پاران پاران هڙتال واري سڏ کي ڀرپور موٽ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو پ پ حڪومت خلاف ڪامياب هڙتال وهنوار ٺپ ،حڪومت کي قبلو درست ڪرڻ جو چتاءُ خبر موجب سنڌ جي قوم پرست ڌرين پاران جوڙيل سنڌ بچايو ڪميٽيءَ پاران سنڌ ۾ ڪمشنري جي خاتمي ۽ مقامي نظام جي بحاليءَ خلاف جيئي سنڌ محاذ، جسقم ،سنڌ ترقي پسند پارٽي جيئي سنڌ تحريڪ ، عوامي تحريڪ سميت سنڌ جي قومپرست سياسي، سماجي ڌريون سراپا احتجاج بڻجي ويون. سکر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا روڊ تي ٽريفڪ معمول کان تمام گهٽ رهي ان سان گڏوگڏ، روهڙي، پنوعاقل، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ميرپور ماٿيلو، اوٻاوڙو، ڪنڌرا، صالح پٽ، جروار، مبارڪ پور، خيرپور، پير جو ڳوٺ، پريالو، ڳاڙهي موري، سيٺارجه، هنڱورجه، راڻيپور، گمبٽ سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال رهي ۽ شهرن ۾ ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪز ۽ پيٽرول پمپ به بند رهيا. جڏهن ته سرڪاري آفيسن ۾ حاضري تمام گهٽ رهي
وڌيڪ پڙھو